نثري نظم مظفر منگي

هي ظلم ستم
هي قيد ڪڙا
هي آس نراس
هي مرجهايل چهرا
هي قدم قدم تي
رڳو پهرا..!!
پر...
او منهنجي مٺي
سڄي دنيا کان سٺي
تون ڏسجان ويٺي
ڪير به ٽوڙي سگهندو ڪونه
اهڙا پنهنجا
گهرا رشتا
اهڙا پنهنجا روح جا رشتا
جيت اسان جي
ٿيندي نيٺ.
 
Back
Top