• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمپيوٽر جي مسلسل استعمال سبب اکين جي تڪليف ۽ ان جو حل

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1522340_10204191272600240_3191679459760724527_n.jpg

آفيسن ۽ گهرن ۾ مسلسل ڪمپيوٽر ۽ موبائل اسڪرين جي استعمال سبب اڪثر ماڻهن کي اکين ۾ تڪليف جي شڪايت رهي ٿي. پر ان جو هڪ آسان حل ڪڍيو ويو آهي. آمريڪا ۾ ٿيندڙ هاڻوڪي تحقيق موجب ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن کي گهرجي ته هر 20 منٽن کانپوء اکيون اسڪرين کان هٽائي 20 سيڪنڊ تائين 20 فٽ پري ڪنهن به شيء تي اٽڪائين. ان سان اکين جي تڪليف گهٽجي ويندي. مسلسل اسڪرين ڏانهن ڏسڻ ڪري ماڻهن جي نظر ٿڪجي پوي ٿي ۽ گردن ۾ به تڪليف محسوس ٿئي ٿي. تنهنڪري سڀني کي گهرجي ته هر 20 منٽن کانپوء 20 سيڪنڊن جو وقفو ڪن.
 
Back
Top