ماڻهو کڻي مسلمان هُجن پر اسلام نظر نٿو اچي...

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,240
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    الطاف شيخ
    (published in Kawish midweek magazine on 13th Aug 14)
    گذريل مضمونَ ۾ ڊئنمارڪ جي هڪ کيرنما شربت جو احوال لکيو آهي ته اسان جا ماڻهو عجيب احساسِ ڪمتري ۾ آهن. هو هر ولائتي شيءِ کي اوچي سمجھي، مهانگي هجڻ جي باوجود ان کي خريد ڪري ان کي کائڻ پيئڻ ۾ پنهنجي صحتيابي سمجھن ٿا. يا گورن کي ٿڌن ملڪن ۾ چاڪليٽ کائيندو ڏسي اونهاري جي سخت گرمي ۽ لُڪن ۾ گهوٽڪي، سکر ۽ ٽنڊو الهيار جا ماڻهو به ان کي کائڻ ۾ وڏ ماڻهپي سمجھن ٿا.
    ۽ پوءِ جِتي اسان وٽ تعليم گهٽ ۽ عقل تي پڙدا چڙهيل آهن اتي اسان جا ٺڳ واپاري اسان جي پئسي واري ۽ پوءِ ڍائي طبقي کي بيوقوف بنائڻ ۽ پئسو ڦرڻ لاءِ نت نيون ولايتي مشروب، ٽافيون، بسڪيٽ، جئمون، ڪريمون گهرائي انهن جي ٽي وي ۽ اخبارن ذّريعي اشتهار بازي ڪري ناڻو ڪمائين ٿا. ڪراچي جي مختلف ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۾ ويندو آهيان ته اهي ٻين شين سان گڏ ولايتي بسڪيٽن سان به ڀريا پيا هوندا آهن. اسانجي ماڻهن کين ڪير ٻُڌائي ته اسان وٽ ڪڻڪ ۽ ٽيڪنالاجي هجڻ ڪري دنيا جا بهترين بسڪيٽ پاڪستان ۾ ٺهن ٿا.
    سکر جي ”جي بي منگهارام“ ۽ ”يعقوب“ بسڪيٽ فئڪٽريون ته پاڪستان ٿيڻ کان به اڳ جون آهن. اسان جا بسڪيٽ ڪيترن ڌارين ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ٿين ٿا. جهاز تي هوندو هوس ته جپان توڙي يورپ جي ڪيترن ملڪن جا منهنجا سڃاڻو پاڪستان کان بسڪيٽ آڻڻ لاءِ چوندا هئا ۽ هِتي ڏسو ته اسان جا درويش ماڻهو جيڪي بقول اسانجي ٽنڊو قيصر جي دوست نور احمد نظاماڻي جي They are suffering from surplus حرام جي آيل دولت کي خرچ ڪرڻ ۽ Status Symbol خاطر مختلف ملڪن جا مهانگا ترين بسڪيٽ خريد ڪري گد گد پيا ٿين. ويندي انهن ملڪن جا جن ملڪن ۾ ڪڻڪ به نٿي ٿئي ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي ۾ اسان کان به ڄٽ آهن. اهڙي طرح اسانجا پئسي وارا اجايون سجايون شيون خريد ڪن ٿا.
    افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جو واپاري طبقو وڏو منافعو ڪمائڻ ڪارڻ ۽ ٽئڪس کان بچڻ لاءِ اهي شيون سنئون سڌو ولايت مان امپورٽ ڪرڻ بدران ٻاهران آيل مُسافرن ۽ پاڻي جي جهازن جي خلاصين کان خريد ڪن ٿا. جهاز تي رکيل مهينن جو راشن مدو ختم ٿيڻ جي ويجھو پهچڻ تي جهاز وارا اهو سامان اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي سستو ڪري وڪڻن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ ڪٿي آهي قاعدو قانون؟ ڪئالٽي ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ ڪٿي ٿو سختي ڪري. ايترقدر جو آسٽريليا کان گهرايل رڍن جي جڏهن سعودي عرب وارن کي خبر پئي ته اهي بيمار آهن ۽ هنن ان جهاز کي پنهنجي بندرگاهن ۾ گهڙڻ کان منع ڪئي ته جهازران ڪمپني منجھي پئي ته هنن بيمار رڍن کي ڪيڏانهن ڪجي. ڇو جو اهڙي بيماري ۽ گند کي سمنڊ ۾ اڇلڻ به بين الاقوامي ڏوهه آهي. جهاز وارا مختلف غريب ۽ خاص ڪري انهن کي منٿون ڪرڻ لڳا جِتي ”سڀ چلتا هي“ جو راڄ آهي، کي منٿون ڪرڻ لڳاته مفت ۾ ئي کڻون. اها آفر سوماليا، اٿوپيا ۽ پاڪستان کي ڪئي وئي. منهنجي خيال ۾ پاڪستان جي واسطيدارن اها آفر قبول ڪئي، بندرگاهه سان واسطو رکندڙ ڪسٽمس ۽ ٻئي عملي کي رشوتون ڏئي هزارين رڍن کي لاٿو ويو جيڪي ڪراچي کان پري ڪنهن فارم تي رکيون ويون، پر پوءِ ماڻهن ۽ ميڊيا کي خبر پئجي وئي ۽ جڏهن گهڻو گوڙ ٿيو ته پوءِ مجبورن انهن رڍن کي ڪهي دفن ڪيو ويو يا شايد جراثيمن ڪڪري انهن کي ساڙيو ويو. سو ولائتي شيون خريد ڪرڻ وارن شوقينن کي ڪپي ته هو گهٽ ۾ گهٽ انهن شين جي Expiry تاريخ ته ڏسن. هڪ دفعي ڪراچي ۾ مون آمريڪا جون ٺهيل مشهور مَلٽي وٽامن گوريون خريد ڪيون. جهاز تي اچي ڏسان ته انهن کي expire ٿئي به 6 مهينا گذري ويا هئا. انهن ڏينهن ۾ ولايت ۾ رهي آئون سوچي به نٿي سگهيس ته دوائن جي معاملي ۾ به ڪو ٺڳي ڪري! مونکي ان دڪاندار تي سخت ڪاوڙ اچي رهي هئي ۽ سوچيم ته هن کي جڏهن ٻڌائيندس ته مون هن جي ٺڳي پڪڙي آهي ته هو ته بيحد شرمندو ٿيندو ۽ معافي وٺندو جو ان جي سزا ته جيل آهي. پر دڪان تي پهچي مونکي حيرت ٿي ته دڪاندار منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، خاني مان پئسا ڪڍي مونکي واپس ڪيا.
    ”پر ڪمال آهي جو توهان هي مدي خارج دوائون وڪڻي رهيا آهيو.“ مون چيو مانس. پر هن ذرو به مذامت نه محسوس ڪئي بلڪه چڙ مان مونکي چيو ”توهان کي نه کپي ته نه کڻو. توهان کي پئسا ته واپس ڪيم ٻيو ڇا ڪريان.“
    هاڻ توهان پنهنجي ڪنهن سڃاڻي ڊاڪٽر کان پڇي ڏسو ته expired دوائون ڪيڏو خطرناڪ ٿين ٿيون! اهو ته هو 30 سالن کن اڳ جو واقعواڄ ڪلهه ته الائي ڇا حال ٿي ويو آهي! ماڻهن مان ويتر خدا جو خوف ۽ حيا نڪري ويو آهي... ان سان گڏ لاقانونيت به وڌي وئي آهي. جڏهن دڪاندار مدي خارج دوائون پيا وڪڻن ته هنن کي بسڪيٽ، جئم، چاڪليٽ ۽ ڪريمن جهڙيون پراڻيون ۽ بيڪار شيون وڪڻڻ ۾ ڪهڙو ڀَؤُ؟ پوليس سندن کيسي ۾ آهي..... شين جي ساکَ چيڪ ڪرڻ وارو اسان جو کاتو “Quality Control” ڇا ڄاڻي، فُڊ ۽ هيلٿ انسپيڪشن جي کاتي جي آفيسرن جو جتي ڪم رڳو رشوت وٺڻ هجي... اتي خريدار جي نفعي نقصان جو ڪير سوچيندو؟
    افسوس جي ڳالهه رڳو اها آهي ته برما، ويٽنام ۽ ٿائلنڊ جهڙا مُلڪ اسان کان گهٽ ماڊرن ۽ دُبئي، دوحا، ڪويت جهڙا بدو عربن جا ملڪ به سڌري ويا.... اسان ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندا پيا وڃون.
    تڏهن ته اهڙن مسلمانن توڙي غير مسلم ملڪن جا ماڻهو اسان لاءِ اهو چونڊي حق بجانب آهن ته ”توهان اسلام جي نالي تي ملڪ ضرور حاصل ڪيو آهي، ماڻهو ڀلي مسلمان سڏرائين ٿا پر توهان وٽ اسلامي ماحول نظر نٿو اچي.“
    هنن جو مطلب اهو آهي ته اسلام ته بي ايماني، ٺڳي، تور ۾ کوٽ، غلط شيءِ وڪڻڻ جهڙين ڳالهين کان منع ڪئي آهي. اسان ڇا به چئون پر دنيا جي ماڻهن کي خبر آهي ته هر قسم جو ڪِنُ سِنُ پاڪستان ۾ وڪاميو وڃي جِتي بيمار ۽ مئل وهٽن تي ڇُري ڦيري بنا ڊپ جي وڪرو ڪرڻ عام ڳالهه آهي ... جِتي گڏهه جو گوشت ٻاڪري جي نالي سان وڪامي ٿو.... ٻيو ته ٺهيو ڪُتن جو گوشت ڇيلي جي نالي ۾ وڪامي ٿو. ڇا ان کي چئبو آهي اسلامي معاشرو؟ پوءِ ان ۾ ڪو پئسي جي لالچ ۾ سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي ته ڪو غربت کان مجبور ٿي!
    اڳ ۾ ته فقط اخبارن ۾ خبر ايندي هئي. هاڻ ته مختلف ٽي وي چئنلن تان ڪلاڪ ڪلاڪ هلندڙ پروگرامن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته ڪيئن بيمار ۽ مردار جانورن جو ڪوس ٿي رهيو آهي ۽ اهو گوشت هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ٺپن سان ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ وڪامي رهيو آهي. ڪيئن وڏي پئماني تي جانورن جي آنڊن گجين سان گڏ مئل ڪانگ ڪٻرن، ڪتن، ٻلن کي وڏن ديڳڙن ۾ ٽهڪائي انهن مان تيل ڪڍي رڌ پچاءَ لاءِ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. پوليس ۽ ميڊيا جي پهچڻ تي انهن ڪارخانيدارن ۽ ورڪرن کي ڀڄندو پڻ ڏيکاريو وڃي ٿو. هر هڪ ڏسڻ واري کي حيرت ٿي ٿئي ته اهو سڀ ڪجهه ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ پوليس جي نظر هيٺ ٿي رهيو آهي.... ڪا جھل پل نٿي ٿئي. بهرحال ٽي وي تي ان قسم جا ڇاپا ڏيکارڻ وقت غلط ڪم ڪندڙ ماڻهن کي سوگهو ڪري ٿاڻي تي ضرور آندو وڃي ٿو..... ان کان پوءِ انهن جو ڇا ٿو ٿئي ... ڇا انهن کي سزا ملي ٿي ... ڇا اهو نجس ڪاروبار بند ٿيو ٿو وڃي؟ ڪجهه خبر نٿي پوي.
    ٽي وي تي ڏيکاريل هڪ اهڙي ڇاپي ۾ جنهن ۾ ڏوهاريءَ کي گڏهه جو گوشت وڪڻندو ۽ ڪٽيندو ڏيکاريو ويو آهي... ڪٽڻ واري ڪاسائيءَ جي ڳالهه ٻڌي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هڪ چاليهه ورهين جي ڄمار جو صحتمند همراهه پنهنجي گهر ۾ گڏهه جو گوشت ڪٽي رهيو هو. پوليس ۽ ٽي وي چئنل جو ائنڪر در کڙڪائين ٿا پر هو نٿو کولي. نيٺ هو ڀت ٽپي ڪئميرائن سان گڏ هن جي گهر ۾ داخل ٿين ٿا. هو ڪمري ۾ ڇت واري پنکي هيٺان گوشت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيو هو. ٻن گڏهن جون منڍيون پاسي تي رکيو هيون پوليس بدران هٿ ۾ مائيڪ کڻي ٽي وي جو ائنڪر پرسن هن کان رعب سان پڇي ٿو ته هي ڇا جو گوشت آهي؟
    هو جھيڻي آواز ۾ چئي ٿو ته گڏهه جو ـــ ائنڪر صاحب هاڻ جوش ۾ اچي رڙ ڪري هن کان اهو ڪم ڪرڻ جو سبب پڇي ٿو. هو وري جھيڻي آواز ۾ هن جي مختلف سوالن جي جواب ۾ چئي ٿو ته:
    • ”گڏهه حرام ناهي. مون ٻن مولوين کان پڇيو آهي.“
    • ”آئون گڏهه کي ڪنهن ٻئي جانور جي نالي ۾ نٿو وڪڻان.“
    • ”ماڻهو پاڻ هلي اچي مونکان خريد ڪن ٿا،.“
    • ”بس هو خريد ڪن ٿا.... ان ڪري جو هو غريب آهن. غريبن جي به ڪڏهن گوشت کائڻ تي دل چوي ٿي، هو رڍ ۽ ٻڪريءَ جو گوشت ته افورڊ نٿا ڪري سگهن....“ وغيره وغيره
    ائنڪر صاحب ڪنهن به ريت هن جي پڇر ڇڏي نه رهيو هو. اڪثر ڇاپي وقت غلط ڪم ۾ پڪڙيل ماڻهو پنهنجو ڏوهه مڃڻ ۾ گوٿناٿيون ڪندا آهن پر هي شروع کان پنهنجي هر ڳالهه صحيح ٻڌائي رهيو هو. پر ائنڪر هن کي دڙڪن مٿان دڙڪا ڏئي رهيو هو. آخر ائنڪر چيس ”هي تون غلط ڪم ڪري رهيو آهين اسان دنيا کي ٽي وي ذّريعي توکي ڏيکارينداسين.“
    اهو ٻڌي هي ڪاسائي غم ۽ غصي جي مليل جذبن سان هن ائنڪر کي چوي ٿو: ”جنابِ والا! بيروزگاريءَ ۾ ڪئين سالَ ڌڪا کائيندو رهيس.... ڪنهن نوڪري نه ڏني. ڌيءَ دوا نه ملڻ ڪري تڙڦي تڙپي مري وئي. زال هر روز جي بک کان بيزار ٿي پنهنجو پاڻ کي هن پنکي ۾ ڦاهو ڏيئي ڇڏيو... ان وقت ته ٽي وي وارن مان ڪنهن به دنيا کي نه ڏيکاريو ته غريب جي زندگي ڪيئن ٿي گذّري.... هاڻ جڏهن ڪنهن مونکي ڪاسائي طور نوڪري ڏني آهي ته تون مون کي جيل جا دڙڪا ٿو ڏين....“
    اهي ڳالهيون جڏهن ڌارين سڌريل ۽ انصاف وارن ملڪن جا ماڻهو ٻڌن ٿا ته هو اهو ئي چون ٿا ته ڪٿي آهي اسلام؟ ڪٿي آهي انصاف؟ حاڪم اهڙيون عياشيون پيا ڪن جيڪي ملائيشيا، ٿائلنڊ، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جا بادشاهه به نه ڪن ۽ غريب آهن جيڪي جانورن جي زندگي پيا گذارين.... جنهن جي جھلڪ اسانجي ملڪ جي هر ڳوٺ هر شهر ۾ نظر اچي ٿي.
    For Altaf Shaikh’s travelogues….visit following website of Mr Abbas Korejo
    altafshaikh.com.pk
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    894
    ورتل پسنديدگيون:
    1,981
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور

    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو