سنڌ جي ڄمندڙ ٻارن کي مساج ( مالش ) جي نالي ” آڍڻ “ ميڊيڪلي غلط آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌ جي ڄمندڙ ٻارن کي مساج ( مالش ) جي نالي ” آڍڻ “ ميڊيڪلي غلط آهي
    _______________________________________________________
    هتي اسان سنڌين وٽ دايون يا گھرن جون پوڙهيون جيڪي ٻارن کي مساج جي بدران مالش جي نالي ” آڍ“ ڏين ٿيون انهيء آڍ جي ڪري دماغ ، مٿي ، نڪ منهن کي جيڪي مهٽا ڏين ٿيون شايد انهيء زور جي سختي اسين وڏا به برداشت نه ڪري سگھون ، جڏهن هنن ٻارن جي دماغ جا جوڙ ( سوچرن ) جي ملڻ جو وقت هوندو آهي ، جيڪي اڃان مڪمل ٿيل ناهن هوندا پوء اهو زور يا آڍ ،انهيء قدرت جي بناوٽ کي ڪڏهن ڪڏهن تباه وبرباد ڪريو ڇڏين
    اهڙي ” آڍڻ “ جي طريقي کي مدي خارج يا جاهلانا طريقي سان” آڍڻ “ کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي ، جڏهن ته الله پاڪ هر انسان کي حسين وجميل بنائڻ جو واعدو ڪيل آهي ته پوء انهيء ٻار جي قدرت جي مصوريء کي اسين پنهنجي مرضيء سان ٺاهڻ ۽ الله جي ٺاهيل صورت کي تبديل ڪري اڃان خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش کي هن جديد دور ۾ روڪڻ گھرجي، جڏهن ته ٻار جي ڪچڙن هڏن جي ڦري وڃڻ يا اڳتي پوئتي ٿي وڃڻ کان بچڻ لاء هڪ جڳھ تي ٻنڻ جو ٻڌڻ جو طريقو ڪافي آهي
    بلڪه ، آڍڻ ، مهٽڻ کان نون ڄمندڙ ٻارن کي بچائڻ لاء صرف مساج يا هلڪي لوشن جي مالش ڪرڻ ئي بهتر آهي
    اسان تعليم يافته ماڻهن ۽ ميڊيا کي انهيء بيدرديء واري مهٽ يا ” آڍڻ “ کي روڪڻ لاء پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي
     
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اهو هڪ عام رواج آهي ته گهر ۾ ٻار جي پيدائش ٿيندي ئي والدين دائين کان يا گهر جي وڏي عمر واري عورتن کان مالش ڪرائيندا آهن.
    ٻارن کي آڍڻ يعني مالش ڪرڻ ميڊيڪلي غلط نه آهي. دنيا جي هر ملڪ ، هر شهر ۽ هر وسندي ۾ نون ڄاول ٻارن کي تجربيڪار عورتن کان آڍايو ويندو آهي. نقصان صرف ان صورت ۾ ٿيندو آهي جڏهن مالش ڪندڙ غير تجربيڪار هجي.

    مختلف ميڊيڪل جي تحقيقي رپورٽن سان اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته ٻارن کي مالش ڪرڻ سان هيٺيان اهم فائده ٿيندا آهن.

    • مالش ڪرڻ کان پو ٻار تمام سُٺي ننڊ ڪري سگهندا آهن.
    • مالش ڪرڻ سان ٻارن جو جسم مضبوط ۽ اندروني بيمارين کان بچا واري مدافعتي قوت وڌي ويندي آهي.
    • نون ڄاول ٻارن جي مالش سان جسم ۾ مختلف هارمونز جو اخراج ٿئي ٿو جنهن سان ڇاتي ، ساهه واريون ناليون ۽ نڪ وغيره صاف رهن ٿا.
    • ٻارن کي ذهني سڪون ملي ٿو.
    • مالش ڪرڻ سان جسم جي چمڙي جو دماغ سان رابطو بهتر ٿي وڃي ٿو.
    • درست طريقي سان ٻارن جي مالش جسم جي واڌ ۽ رڳن کي صحتمند رکي ٿي.
    • مالش ڪرڻ سان جسم جي هر هڪ گهرڙي (Cells) کي آڪسيجن ۽ غذا وافر مقدار ۾ پهچڻ لڳي ٿي.
    • ٻارن کي روزانو مالش ڪرڻ سان کين اڪيلاپ محسوس نه ٿيندي آهي ۽ کين اندروني اطمينان محسوس ٿئي ٿو.
    وقت مليو ته مستقبل ۾ هن موضوع تي هڪ جامع مضمون لکي ٻارن کي درست طريقي سان مالش ڪرڻ جو طريقو ۽ احتياط وغيره تي روشني وجهندس. انشاالله.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 آگسٽ 2014
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    آئون به ڊاڪٽر ممتاز قريشي سان متفق ٿيندي چوندس ته آڍ قطعي غلط ناهي.
    بلڪه اوهان کي هڪ عام مشاهدو ٻُڌائجي ته سنڌين ۾ سر ويهارڻ (ليول ۾ آڻڻ) جو رواج آحي جيڪو پنجابين يا اردو ڳالهائيندڙن ۾ ناهي. اوهان پاڻ ڏسو انهن جا مٿا اسان جي ڀيٽ ۾ بي ڊؤلا ناهن هوندا؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين عبدالرحيم صاحب، توهان پاڻ سنڌ جي ٻهراڙي جي هوندي به آڍ جي خلاف؟، بابا اهو سٺو لڳي ڪانه پيو:). سائين سنڌ امڙ ۾ جيڪي پراڻا طريقا آهن، اهي اسان جي وڏن جي محنت آهي، انهن ۾ فائدا آهن نقصان نه.
     
  5. ذوالفقار علي انڍڙ

    ذوالفقار علي انڍڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2011
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    فيڊرل گورنمنٽ ملازم
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد ڪراچي
    عبدالرحيم صاحب آڍڻ يا مالش ڪرڻ سنڌ جي ٻهراڙي جو پراڻو رواج آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو