عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
سنڌ جي ڄمندڙ ٻارن کي مساج ( مالش ) جي نالي ” آڍڻ “ ميڊيڪلي غلط آهي
_______________________________________________________
هتي اسان سنڌين وٽ دايون يا گھرن جون پوڙهيون جيڪي ٻارن کي مساج جي بدران مالش جي نالي ” آڍ“ ڏين ٿيون انهيء آڍ جي ڪري دماغ ، مٿي ، نڪ منهن کي جيڪي مهٽا ڏين ٿيون شايد انهيء زور جي سختي اسين وڏا به برداشت نه ڪري سگھون ، جڏهن هنن ٻارن جي دماغ جا جوڙ ( سوچرن ) جي ملڻ جو وقت هوندو آهي ، جيڪي اڃان مڪمل ٿيل ناهن هوندا پوء اهو زور يا آڍ ،انهيء قدرت جي بناوٽ کي ڪڏهن ڪڏهن تباه وبرباد ڪريو ڇڏين
اهڙي ” آڍڻ “ جي طريقي کي مدي خارج يا جاهلانا طريقي سان” آڍڻ “ کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي ، جڏهن ته الله پاڪ هر انسان کي حسين وجميل بنائڻ جو واعدو ڪيل آهي ته پوء انهيء ٻار جي قدرت جي مصوريء کي اسين پنهنجي مرضيء سان ٺاهڻ ۽ الله جي ٺاهيل صورت کي تبديل ڪري اڃان خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش کي هن جديد دور ۾ روڪڻ گھرجي، جڏهن ته ٻار جي ڪچڙن هڏن جي ڦري وڃڻ يا اڳتي پوئتي ٿي وڃڻ کان بچڻ لاء هڪ جڳھ تي ٻنڻ جو ٻڌڻ جو طريقو ڪافي آهي
بلڪه ، آڍڻ ، مهٽڻ کان نون ڄمندڙ ٻارن کي بچائڻ لاء صرف مساج يا هلڪي لوشن جي مالش ڪرڻ ئي بهتر آهي
اسان تعليم يافته ماڻهن ۽ ميڊيا کي انهيء بيدرديء واري مهٽ يا ” آڍڻ “ کي روڪڻ لاء پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي