تون جو مُون کان پوءِ اچين ڪينجهرکان ڪارونجهر تائين منهنجا گيتَ ٻڌين مون کي ياد ڪرين سنڌڙي ساري ڳاڙهو کُهنبو ٿي ويندي تيسين ۽ جي اُن تي منهنجي ڦلڙيون ڦلڙيون ڏاتِ ڏسين شال اِهو سمجهين ڏات وڏي شيءِ ناهي پر سَچُ وڏي شيءِ آهي ۽ جو سَچ مچائي سو مَچ وڏي شيءِ آهي