تون جو مُون کان پوءِ اچين:شيخ اياز

'شيخ اياز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    تون جو مُون کان پوءِ اچين
    ڪينجهرکان ڪارونجهر تائين منهنجا گيتَ ٻڌين
    مون کي ياد ڪرين

    سنڌڙي ساري ڳاڙهو کُهنبو ٿي ويندي تيسين
    ۽ جي اُن تي منهنجي ڦلڙيون ڦلڙيون ڏاتِ ڏسين
    شال اِهو سمجهين

    ڏات وڏي شيءِ ناهي
    پر سَچُ وڏي شيءِ آهي
    ۽ جو سَچ مچائي
    سو مَچ وڏي شيءِ آهي
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو