Rabel Napar Sindhi
سينيئر رڪن
غضب جي عورت هئي عورت نه ، نينگري جوانڙي ، مون کي هينئر سندس ٻڌايل واقعو ذهن تي پيو تري ، انجو تصور ڪيڏو نه دل ڏاريندڙ آهي، انسان جيڪڏهن ڪجھ به ڪرن تي اچي ته ڇا نٿو ڪري سگهي ، اسين پاڻ ۾ ڪافي گهرا ٿي ويا هئا سين ، هيڪ ڀيري مون کائنس ڀوڳ ۾ پڇيو ، “ اهو ڪهڙو ڀاڳن وارو هو .؟ جنهن سائين جن جي ڪنوارپ جو . . . . ؟ مو اڃان سوال پورو ئي نه ڪيو هو ته ڏٺم سندس منهن جو رنگ اُڏامي ويو آهي ۽ چپ ڪاراٽجي ويا اٿس ، مان پنهنجي ليکي ڏاڍو ششدر ٿيس. سوچيم شايد اهو سوال اڻوڻندڙ لڳو آهي ، ڀڇتائڻ واري انداز ۾ چيم ، مون کي معاف ڪج،. اهڙي قسم جو ڪريل سوال مون کي نه ڪرڻ کپندو هو،
هوء مرڪي ڪوماٽيل چهري جي ڪاراٽيل چپن تي ڦڪي مرڪ ،
چيائين مان توکي ٻڌايان ٿي ، ۽ پوءِ هن ٻڌايو، هن جو ڪجھ ٻڌايو، اکر به اکر ٻڌائڻ منهنجي وس کان باهر آهي ،
دوستو پر هن جو تت هي آهي، جڏهن عمر سندس تيرهن يا چوڏهن سال هئي ، هڪ وڏيري وٽ شهر جي هڪ وڏي هوٽل ۾ گذارڻ لاءِ کيس موڪليو ويو هو ، هڪ سنڌي وڏيري وٽ، اهو وڏيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر هو، يعني چونڊيل نمائيندو ۽ هڪ سياسي پارٽيءَ جو اهم ميمبر ۽ پڻ سيد، ان ڏينهن هو حيدرآباد ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪرڻ آيو هو، ظاهر آهي ته ان جي جلسي ۾ هن عواب جي ڏکن سورن ، جمهوريت، اسلام، ۽ عوام ، ۽ قوم جي ڀلائي جون ڳالهيون ڪيون هونديون ،
ماڻڪ احمد منير
ماڻڪ جي بريف ڪيس مان