ماڻڪ جي بريف کيس مان

'سنڌي ادب' فورم ۾ Rabel Napar Sindhi طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2014۔

  1. Rabel Napar Sindhi

    Rabel Napar Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌي ڊيٽا انٽري
    ماڳ:
    ڪراچي
    غضب جي عورت هئي عورت نه ، نينگري جوانڙي ، مون کي هينئر سندس ٻڌايل واقعو ذهن تي پيو تري ، انجو تصور ڪيڏو نه دل ڏاريندڙ آهي، انسان جيڪڏهن ڪجھ به ڪرن تي اچي ته ڇا نٿو ڪري سگهي ، اسين پاڻ ۾ ڪافي گهرا ٿي ويا هئا سين ، هيڪ ڀيري مون کائنس ڀوڳ ۾ پڇيو ، “ اهو ڪهڙو ڀاڳن وارو هو .؟ جنهن سائين جن جي ڪنوارپ جو . . . . ؟ مو اڃان سوال پورو ئي نه ڪيو هو ته ڏٺم سندس منهن جو رنگ اُڏامي ويو آهي ۽ چپ ڪاراٽجي ويا اٿس ، مان پنهنجي ليکي ڏاڍو ششدر ٿيس. سوچيم شايد اهو سوال اڻوڻندڙ لڳو آهي ، ڀڇتائڻ واري انداز ۾ چيم ، مون کي معاف ڪج،. اهڙي قسم جو ڪريل سوال مون کي نه ڪرڻ کپندو هو،

    هوء مرڪي ڪوماٽيل چهري جي ڪاراٽيل چپن تي ڦڪي مرڪ ،

    چيائين مان توکي ٻڌايان ٿي ، ۽ پوءِ هن ٻڌايو، هن جو ڪجھ ٻڌايو، اکر به اکر ٻڌائڻ منهنجي وس کان باهر آهي ،

    دوستو پر هن جو تت هي آهي، جڏهن عمر سندس تيرهن يا چوڏهن سال هئي ، هڪ وڏيري وٽ شهر جي هڪ وڏي هوٽل ۾ گذارڻ لاءِ کيس موڪليو ويو هو ، هڪ سنڌي وڏيري وٽ، اهو وڏيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر هو، يعني چونڊيل نمائيندو ۽ هڪ سياسي پارٽيءَ جو اهم ميمبر ۽ پڻ سيد، ان ڏينهن هو حيدرآباد ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪرڻ آيو هو، ظاهر آهي ته ان جي جلسي ۾ هن عواب جي ڏکن سورن ، جمهوريت، اسلام، ۽ عوام ، ۽ قوم جي ڀلائي جون ڳالهيون ڪيون هونديون ،

    ماڻڪ احمد منير

    ماڻڪ جي بريف ڪيس مان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Rabel Napar Sindhi

    Rabel Napar Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌي ڊيٽا انٽري
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڳالھ پئي هلي عورت جي ، ادا هڪ کان ٻه چار زالون ۽ وڌيڪ ٻانهيون شريعت پٽاندڙ رکي سگهون ٿا ، هن شرط سان ته سڀني سان انصاف ڪري سگهو ، هڪ ديندار مسلمان جي لاءِ اهڙو انصاف ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالھ ڪا نه آهي ، جيڪڏهن انساني ايجاد جهاز ۾ حج جو فرض ادا ڪرڻ جائز آهي، ته پوءِ ڪشتن ، معجونن، ڪيپسولن وسيلي اهڙو انصاف ڪرڻ به جائز ٿيو نه . ان ڪري ديندارن جي لاءِ عورتن سان بي انصافي جو ته سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي، سنڌ جا وڏيرا، پير، مير، ۽ مولوي هِن ڏسَ ۾ ته ڪڏهن به بي انصافي نه ڪندا آهن ، نيٺ اهري ريت اسلام ۽ اسلامي انصاف جون تقاضائون ته پوريون ڪرڻيون آهن نه پوء جنهن کي الله ايمان جي دولت ڏئي

    ماڻڪ جي بريف کيس مان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه سائين واه:)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو