گل ۽ گليلا_ اچ ته پاڪر پايون...................نور گهلو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اڄ جي ڪالم جي ڪا به ايجنڊا ڪانهي، سڀ ايجنڊائون وڪرو ٿي چڪيون آهن، انقلاب مارچ، آزادي مارچ جي اعلانن کانپوءِ، جنهن جي جيتري قيمت هئي، وصول ڪري چڪو، تنهن ڪري ڪنهن ٻي ايجنڊا سان هٿ چراند ڪري، پاڪستان نيشنل سرڪس ۾ مشڪري وانگر ٽپا ڏيڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي دوستن سان ئي ڪچهري ڪيون.

    14 آگسٽ تائين جيڪو ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو ۽ باقي جيڪي ٿيڻو آهي، اهو به ڪو سُٺو ڪو نه هوندو، تنهن ڪري ڪنهن سٺي ٿيڻ جي اميد تي انتظار ڪيون ۽ عاشقن جي لسٽ ۾ شامل ٿي وڃون جو انتظار، بيروزگار عاشقن جو دلچسپ مشعلو هوندو آهي، اُها ٻي ڳالهه آهي ته محبوب گهر جي در تي، يا بالڪني تي ٻلي وانگر اکيون وجهي بيٺل عاشق کي محبوب جو بخيل پيءُ، اوچتو ئي ڪٿان نڪري نروار ٿي عاشق کي ڊسٽرب ڪندو آهي ۽ عاشق مجبور، محبوب جي پيءُ کي ڏسي، ائين منهن لڪائيندو آهي جيئن ڪو بشني پوليس واري کي ڏسي، يا پوليس وارو بشني کي ڏسي جاءِ واردات تان کسڪي ويندو آهي، بشنيءَ جو پوليس واري کي ڏسي کسڪي وڃڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر پوليس واري جو بشنيءَ کي ڏسي کسڪي وڃڻ جو سبب شايد اهو ٿي سگهي ٿو ته اڄڪلهه بشنين جي مٿي تي طاقتور جو هٿ آشيرواد جي صورت ۾ موجود هوندو آهي، جنهن کي ڪجهه ادارا خفيه هٿ به چوندا آهن. خير ڪجهه به هجي، اسان جو ڇا ؟ ۽ اوهان جو به ڇا ؟ بس رڳو پنهنجي ڪم سان ڪم ائين رکو، جيئن ڪو ڪنوارو شاديءَ کان اڳ پنهنجي ڪم سان ڪم رکي خوش گذاريندو هجي ۽ شادي کان پوءِ ڪنهن ڪم جو نه رهيو هجي.

    بيروزگار عاشق جي حوالي سان ياد آيو ته هندستان ۾ بيروزگارن کي روزگار سان لڳائڻ لاءِ نيون نوڪريون ڀولڙڻ کي ڀڄائڻ جون پيدا ڪيون ويون آهن، جن ۾ نوجوان، لنگور جي ڊريس / ڪاسٽيوم پائي ڀولڙن کي ڀڄائيندا رهندا. هي بلڪل ائين آهي، جيئن هڪ نوجوان کي سرڪس ۾ نوڪري ملي ته، اهو شينهن جي کل پائي، سندن مري ويل شينهن جي پڃري ۾ ويهي ماڻهن کي انٽرٽين ڪندو، ڇا هي جو اهو نوجوان شينهن جي کل پائي، پڃري ۾ ويو ته اتي اڳ ۾ ويٺل شينهن کي ڏسي ڊڄي ويو، اڳ ۾ ويٺل شينهن آهستي آهستي سندس ڀرسان آيو ۽ هن جي ڪن ۾ چيائين : ڊڄ نه، مان به تو وانگر بيروزگار گريجوئيٽ آهيان.

    انٽرٽينمنٽ جي حوالي سان ياد آيو ته بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار، پنهنجي نئين فلم، انٽرٽينمنٽ ۾ 110 ڪتن سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جنهن لاءِ هُن کي ٿائيلينڊ وڃڻو پيو جو بقول اڪشي ڪمار، ٿائيلينڊ ۾ وڏي تعداد ۾، قسمين قسمين ڪٽا آهن، اڪشي ڪمار کي شايد اُها خبر ڪا نه هئي ته ڪُتا ته هتي به اعليٰ نسل جا ۽ سريلي ڀونڪ وارا گهڻي تعداد ۾ موجود آهن، خير هاڻي ته فلم ٺهي، رليز به ٿي وئي پر اڪشي کي مشورو آهي ته هاڻي جي هُو ڪنهن فلم ۾ گڏهن سان ڪم ڪري ته اسان جي ملڪ کي نه وساري جو هتي، دنيا جا اعليٰ قسم جا گڏهه موجود آهن، جيڪي ٻين ڪرتبن کانسواءِ ايڪٽنگ جا به ماهر آهن ۽ شوٽنگ دوران گهڻا ري-ٽيڪ به ڏيڻا ڪو نه پوندا، ان مقصد ۽ مشاهدي لاءِ کيس دعوت ڏجي ٿي ته هو ٽنڊو غلام علي ۾ هر سال لڳندڙ گڏهن جي ميلي ۾ شرڪت ڪري ڏسي ۽ واپسي ۾ ڀاڙي ڪرائي جو خرچ ڪڍڻ لاءِ ماتلي جو مشهور جلاب بسن ۾ کپائيندو وڃي ته فائدي ۾ ويندو ۽ هندستان وڃي نريندر مودي کي به گفٽ ڪندو ته مودي جي پيٽ سان گڏ زبان به صاف ٿي ويندي، گڏهن تي ياد آيو ته برطانيه جي پارليامينٽ ۾ برطانيه جي مشهور طنز نگار شيريڊن پارليامنٽ جو ميمبر به هو، تنهن هڪ ڀيري تقرير ڪندي چيو ته : هن پارليامينٽ جا اڌ ميمبر گڏهه آهن، سندس انهن جملن تي ڏاڍو گوڙ ٿيو ۽ ميمبرن مطالبو ڪيو ته شيريڊن پنهنجا لفظ واپس وٺي ۽ معافي وٺي، جنهن تي شيريڊن اٿي بيٺو ۽ معافي وٺندي چيائين ته : معاف ڪجو، مان قبول ڪيان ٿو ته هن پارليامينٽ جا ميمبر گڏهن ناهن، تاڙيون، پارليامينٽ جي حوالي سان ڳالهه نڪتي آهي ته اسان پنهنجي پارليامينٽ جو ذڪر نه ڪندي، صرف اُها تاريخي حقيقت بيان ڪنداسين ته : هڪ وڻ تي چٻرا ويهندا هئا، هڪ ڏينهن ان وڻ کي وڍيو ويو ته وڻ خوش ٿي ويو ته هاڻي چٻرن مان جان ڇٽي وئي، پر وڻ جي خوشي، ان وقت خاڪ ۾ ملي وئي جڏهن وڻ ڪپي ان مان پارليامينٽ جون ڪرسيون ٺاهيون ويون، تاريخ گواهه آهي ته اڄ به انهن ڪرسين تي چٻرا ويٺا آهن.

    هلندڙ سياسي وٺ پڪڙ مان بيزار ٿي، خبرون پڙهڻ بدران اسان اخبار ۾ تفريحي خبرون پڙهڻ شروع ڪيون ته هڪ دلچسپ خبر، با تصوير نظام آهي، خبر موجب لنڊن ۾ دنيا جي 60 بهترين ڏاڙهين جي تصوير نمائش ٿيڻ واري آهي، جنهن ۾ مردن کانسواءِ هڪ سک عورت جي به ڏاڙهيءَ سان تصوير شامل ڪئي وئي آهي، جنهن سان ان عورت جي ڏاڙهي واري تصوير ڏسي ته اسان جي ذهن جي پردي تي شرميلا فاروقي، شهلا رضا، شيري مزاري ۽ اهڙيون ٻيون سيليبرٽيز جا چهرا اڀري آيا ۽ اسان تصور ۾ هنن کي ڏاڙهي سان ڏٺو ته ڏاڍي خوشي ٿي ته اسان جون خواتين به مذهب جي پاسداري ڪن ٿيون، جيتري اسان مرد، اوهان چاهيون ته ڪرينا ڪپور، قطرينا ڪيف، ديپڪا پڊڪون، ليڊي گاگا وغيره وغيره کي ڏاڙهيءَ سان ڏسي تاڙيون وڄائي سگهو ٿا.

    اهڙي طرح هڪ خبر اها به نظر مان نڪتي ته : ڀاڪر پائڻ جا طبي فائدا آهن، اهڙي کوجنا ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ ۾ ٿي آهي، جنهن مطابق ڀاڪر پائڻ سان هڪ هارمون آڪسيٽوڪن خارج ٿئي ٿو جنهن سان انسان جي جوڙ جي هڏين ۽ ڪمزور عضون کي طاقت ملي ٿي ۽ ماڻهو جي عمر ۾ واڌارو ٿئي ٿو، پر هن کوجنا ۾ اهو واضح ناهي ته ڀاڪر ڪنهن سان پائجي ؟ ان ڀاڪر پائڻ تي ياد آيو ته هڪ سنڌي فلم ” اچ ته ڀاڪر پايون “ ٺهي هئي جنهن جي نالي تي ته شرفا کي اعتراف هيو، پر ڀاڪر پائڻ جي عمل تي ڪو اعتراض نه هئو، هن فلم مان خبر پئي ته ڪيليفورنيا يونيورسٽي وارن، اسان جي سنڌي فلمسازن جو ڀاڪر پائڻ وارو فارمولو چوري ڪيو آهي.

    فلم اچ ته ڀاڪر پايون جڏهن اسان جي شهر جي سئنيما ۾ لڳي ته اسان کي گهر واريءَ سان ڀاڪر پائڻ جو چانس نظر آيو، سوچيوسين ته مڃي وئي ته پراڻيون سڀ سموريون ۽ شڪايتون دور ٿي وينديون، پر جي ناراض ٿي هميشه وانگر ويلڻ ڏانهن هٿ وڌيائين ته هڪدم وضاحت ڪنداسين ته اهو ته فلم جو نالو آهي اچ ته ڀاڪر پايون ۽ پوءِ ڀاڪر پائڻ جي مسرت کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ميونسپل جي ڪنهن کنڀي کي ئي ڀاڪر پائي، ان هارمون آڪسيٽوڪن خارج ڪري ڇڏينداسين، ڀاڪون ۾ هڪ ڀاڪر اسلامي ڀاڪر به هوندو آهي، جيئن هڪ مولوي سياستدانکي هڪ خاتون مردن جي شڪايت ڪندي چيو ته هي مرد ڏاڍا بيشرم آهن، مون کي تنگ ٿا ڪن، تڏهن مولانا ٻئي ٻانهون کولي، خاتون کي چيو ته پريشان نه ٿي، آءُ اسلام جي آغوش ۾ هلي اچ، مولانا جي ان اسلامي آفر تي عورت جيڪو رد عمل ڏيکاريو، اهو بيان ڪرڻ مناسب ڪونهي.

    دوستو ! ڪچهري ڪجهه ڊگهي ٿي وئي آهي، پر مجبوري آ، هن گهٽ، ٻوسٽ، جي ماحول ۾ ڪو ته آئوٽ ليٽ، ڪو روشندان، ڪا کڙڪي ته کوليون، جتان صاف شفاف هوا، مرده دلين ۾ ڪو ساههُ ڦوڪي، دل ته چوي ٿي اڄ ايترو لکون جو سڄو ايڊيٽوريل صفحو ڀرجي وڃي پر مجبوري آهي، ائين ڪري نه ٿا سگهون جو ٻين دوستن، لاءِ ڪجهه جاءِ بچائڻي آهي، تنهن ڪري اچو ته هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي اهو هارمون اڪسيٽوڪن خارج ڪري، پنهنجي جوڙن جي هڏين ۽ ڪمزور عضون کي طاقت وٺرائي وڏي عمر ماڻيون ۽ ايترا طاقت ور ۽ باهمت ٿي وڃون جو گهر وارين کي ڀاڪر پائڻ جا فائدا ٻڌائي سگهون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو