نيويارڪ (ع آ نيوز) فيشن ڊيزائنر، بولڊ ۽ ڇرڪائيندڙ ڊيزائن ٺاهڻ ۾ مصروف هوندا آهن، پر هڪ ڊيزائينر ان ۾ نواڻ آڻيندي بجلي جذب ڪرڻ وارو لباس تيار ڪري ورتو آهي.جنهن جو ڊچ ڊيزائنر انوڪ ويپر چيٽ اسٽيج تي مظاهرو به ڪيو ۽ ڪوائلن کي مٿي ڪندي پنج لک بجلي جا وولٽ پاڻ ۾ جذب ڪندي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هي لباس هيلميٽ ۽ پليٽ ميٽل سان تيار ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڇهه سئو ڌاتو استعمال ڪيا ويا آهن. هن لباس ذريعي بجلي کي جذب ڪندي ڪوائلن ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو ۽ بجلي جي لهر به پيدا ڪري سگهجي ٿي.