• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نه ماهتاب، نه هو آفتاب آ، سائين:شيخ اياز

نه ماهتاب، نه هو آفتاب آ، سائين
مگر اياز ڪيو انتخاب آ، سائين

اسان جي روح ۾ جنهن جي نفيس خوشبو آ
اهو بدن به مثالِ گلاب آ، سائين

اسان سوال ڪيو هو خدا به آهي ڇا
اوهان جو حُسن انهيءَ جو جواب آ سائين

اوهان جو شوق بجا نغمئِه مسرت لَئه
اسان جي دل ته شڪسته رباب آ، سائين

اهو اياز وڏو بي حجاب آ، جنهن هِئن
رخ حيات ڪيو بي نقاب آ، سائين
 
Back
Top