نه ماهتاب، نه هو آفتاب آ، سائين:شيخ اياز

'شيخ اياز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    نه ماهتاب، نه هو آفتاب آ، سائين
    مگر اياز ڪيو انتخاب آ، سائين

    اسان جي روح ۾ جنهن جي نفيس خوشبو آ
    اهو بدن به مثالِ گلاب آ، سائين

    اسان سوال ڪيو هو خدا به آهي ڇا
    اوهان جو حُسن انهيءَ جو جواب آ سائين

    اوهان جو شوق بجا نغمئِه مسرت لَئه
    اسان جي دل ته شڪسته رباب آ، سائين

    اهو اياز وڏو بي حجاب آ، جنهن هِئن
    رخ حيات ڪيو بي نقاب آ، سائين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو