الطاف شيخ جا ڪيئي سفرناما پڙهي اهي ملڪ ڄڻ ته گهمي ورتا آهن .... پر ترڪي بابت سندس الڳ سان ڪوبه سفرنامو موجود ناهي. ان جا ڪهڙا سبب آهن سو به کانئس پڇبو. پر گورڌن ۽ حفيظ جا تفصيلي ليک پڙهي سنڌ جي ڪافي شهرن کان به وڌيڪ معلومات ملي رهي آهي. حفيظ هن پهرين قسط ۾ ترڪي سان گڏ حيدر آباد ۽ خاص ڪري هتان جي هوٽلن ۽ علائقن جي ڀيٽ ڪرائي آهي جيڪا ڳالهه شايد هن الطاف شيخ جي سفرنامن مان سکي آهي ته ايئن ڪرڻ سان ماڻهو سولائيء سان ڳالهيون سمجهي سگهي ٿو ۽ ان سان گڏ اڳتي پڙهڻ جو شوق به برقرار رهي ٿو. خير پهرين قسط ۾ اوهان خوشنصيب لڳا جو سڀ ڪم سولا ٿيا، فيس معاف ٿي، هوٽل جي بڪنگ به 7 اسٽار جي ۽ وري ٽڪيٽ جو مسئلو به حل ٿيو ..... خير مٿا ماري ته جتي ڪٿي ڪرڻي ٿي پوي، خاص ڪري معاشي طور ماريل ماڻهوء کي ۽ اهو ضروري به آهي .... ڇو ته اوهان جي پهرين ترجيح گهمڻ ناهي، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تحقيق آهي. ايندڙ قسط جو انتظار آهي .... اوهان هن قسط ۾ ته اڃان ترابزون ۾ ئي آهيو
گورڌن واري گڏهه جو به انتظار رهندو ڪڏهن ٿو ظاهر ڪري لڳي ٿو تمام ڀلو آهي . باقي حفيظ "آئون ته گڏهه وڪڻا ئي ڪونه ٿو“ تي قائم آهي. ڪئين يونس.