جي ها دوستو هي آهي ميڊيا ڪوپ ۔۔۔ هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن جي ذريعي هيٺيان سمورا ڪم هڪ ئي سافٽويئر مان حاصل ڪري سگهجن ٿا۔۔۔
- هي سافٽويئر تقريبن هر قسم جي وڊيو ۽ آڊيو فائيل کي هلائي سگهي ٿو۔۔۔
- هر قسم جي فارميٽ تي مشتمل وڊيو ۽ آڊيو کي ڪٽي ڪري ڪهڙي به فارميٽ ۾ محفوظ بڻائي سگهي ٿو۔۔۔
- هر قسم جي وڊيو ۽ آڊيو فارميٽ فائيل کي ڪهڙي به قسم جي آڊيو فارميٽ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو۔۔
- ڪجهه منٽن جي اندر توهان جي سَون جي تعداد ۾ ڦوٽن کي مختلف فارميٽس ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو۔۔۔
- هڪ ئي وقت ۾ توهان جي سمورن ڦوٽن کي ريسائيز ڪري سگهي ٿو۔۔۔
- توهان جي سمورن ڦوٽن کي سلائيڊ شو يا ڪنهن به فارميٽ جي مووي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو۔۔۔
- ۽ هن ۾ موجود انٽرنيٽ ٽولز جي ذريعي اکرن کي ڳالهائڻ يا تصويرن کي فل سڪرين ۾ ڏيکارڻ جي سگهه رکي ٿو۔۔۔