هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن ۾ وڊيو آڊيو ۽ تصوير جي هڪ ئي هنڌ ايڊيٽنگ۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    جي ها دوستو هي آهي ميڊيا ڪوپ ۔۔۔ هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن جي ذريعي هيٺيان سمورا ڪم هڪ ئي سافٽويئر مان حاصل ڪري سگهجن ٿا۔۔۔

    1. هي سافٽويئر تقريبن هر قسم جي وڊيو ۽ آڊيو فائيل کي هلائي سگهي ٿو۔۔۔
    2. هر قسم جي فارميٽ تي مشتمل وڊيو ۽ آڊيو کي ڪٽي ڪري ڪهڙي به فارميٽ ۾ محفوظ بڻائي سگهي ٿو۔۔۔
    3. هر قسم جي وڊيو ۽ آڊيو فارميٽ فائيل کي ڪهڙي به قسم جي آڊيو فارميٽ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو۔۔
    4. ڪجهه منٽن جي اندر توهان جي سَون جي تعداد ۾ ڦوٽن کي مختلف فارميٽس ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو۔۔۔
    5. هڪ ئي وقت ۾ توهان جي سمورن ڦوٽن کي ريسائيز ڪري سگهي ٿو۔۔۔
    6. توهان جي سمورن ڦوٽن کي سلائيڊ شو يا ڪنهن به فارميٽ جي مووي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو۔۔۔
    7. ۽ هن ۾ موجود انٽرنيٽ ٽولز جي ذريعي اکرن کي ڳالهائڻ يا تصويرن کي فل سڪرين ۾ ڏيکارڻ جي سگهه رکي ٿو۔۔۔
    انتهائي دلچسپ، ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ ۽ صرف 8 ميگابائيٽ جي سائيز رکندڙ هن سافٽويئر کي هاڻي ڊائونلوڊ ڪرڻ ۾ دير نه ڪريو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن ۾ وڊيو آڊيو ۽ تصوير جي هڪ ئي هنڌ ايڊيٽنگ۔۔۔

    تمام بهترين ڪم واري شيئرنگ ٻيو ته مفت واري شيئرنگ ته ڪو توهان کي پڇي


    سدائين گڏ
     
  3. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن ۾ وڊيو آڊيو ۽ تصوير جي هڪ ئي هنڌ ايڊيٽنگ۔۔۔

    پر ادا مون هي سافٽويئر هڪ دوست جي ڪمپيوٽر تي ڊائونلوڊ ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته نه هليو ڇا هي سافٽويئر ونڊوز 7 سان ڪمپيٽبلٽي نه ٿو رکو
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن ۾ وڊيو آڊيو ۽ تصوير جي هڪ ئي هنڌ ايڊيٽنگ۔۔۔

    ادا اها ڳالهه ڪري اصل منجهائي وڌوئي۔۔۔۔ خيئر اسان به ڪوشش ڪري ٿا ڏسون۔۔۔ جي پاڻ وٽ ونڊوز ايڪسپي تي ڪم ڪري ويو ته اوهان کي آگاهي ڏبي۔۔۔۔۔

    تمام پيارو ونڊ آهي۔۔ اگر ونڊوز ايڪسپي تي هليو ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن ۾ وڊيو آڊيو ۽ تصوير جي هڪ ئي هنڌ ايڊيٽنگ۔۔۔

    هي سافٽويئر نه صرف ونڊوز ايڪس پي پر ونڊوز 7 تي پڻ انسٽال ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ۽ ٻنهي تي هن جي رزلٽ انتهائي لاجواب آهي۔۔۔
    مون کي لڳي ٿو توهان جي دوست وٽ ونڊوز 7 جو Windows 7 Ultimate N يا Windows 7 KN ورجن آهي جنهن ۾ پورو ملٽي ميڊيا پيڪيج ئي موجود نه هوندو۔۔۔۔
    توهان پنهنجي دوست کان پڇيو ته ڇا سندس ونڊوز 7 ۾ ونڊوز ميڊيا پليئر 12 انسٽال ٿيل آهي ۔۔۔ مون کي يقين آهي ته ميڊيا پيڪيج نه هجڻ ڪري اهو موجود نه هوندو۔۔۔۔ ان جاءِ تي يقينن ڪو ٿرڊ پارٽي سافٽويئر هوندو۔۔۔ اهڙي صورتحال ۾ کين ميڊيا فيچر پيڪيج ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪرڻ جو چئو۔۔۔
    هي پيڪيج ڊائونلوڊ ڪرن لاءِ هتي ڪلڪ ڪري مائڪرو سافٽ جي آفيشل سائيٽ تي وڃو۔۔۔
    پر جيڪڏهن توهان جي دوست وٽ اوريجل ونڊوز 7 بجاءِ ڪا جڳاڙي ونڊوز 7 انسٽال ٿيل آهي ته مائڪرو سافٽ جو مٿيون صفحو کيس اهو پيڪيج ڊائونلوڊ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ان ڪري مٿيون پيڪيج ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ميگا اپلوڊنگ جو هي صفحو وزٽ ڪريو۔۔۔
    هي پيڪيج انسٽال ڪرڻ کانپوءِ يقينن توهان جي دوست وٽ ميڊيا جو سمورا مسئلا حل ٿي ويندا۔۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن ۾ وڊيو آڊيو ۽ تصوير جي هڪ ئي هنڌ ايڊيٽنگ۔۔۔

    سائين اوهان جي ٻڌايل فنڪشنز مان ته هي تمام بهترين سافٽ ويئر لڳي ٿو۔۔۔ هاڻي ئي ڊائون لوڊ ڪريون ٿا۔۔۔ (جيڪڏهن لائيٽ ساٿ ڏنو ته)
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن ۾ وڊيو آڊيو ۽ تصوير جي هڪ ئي هنڌ ايڊيٽنگ۔۔۔

    لاجواب ونڊ آهي سائين پر مان اڄ ڪله ڳوٺ ۾ وي وائرليس استعمال ڪيان پيو جنهن ڪري ڪا به شئ ڊاونلوڊ ڪرڻ کان في الحال پري آهيون
     
  8. ناصر علي

    ناصر علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2010
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هڪ اهڙو سافٽويئر جنهن ۾ وڊيو آڊيو ۽ تصوير جي هڪ ئي هنڌ ايڊيٽنگ۔۔۔

    واه سائين واه
    زبردست سافٽويئر آهي
     
  9. جيوت ڪمار

    جيوت ڪمار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2014
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا توهان جي وڏي مهرباني جو اسان جي لائه اهڙا سافٽ ويئر آڻيو ٿا . تمام گهڻي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو