دل جي ڳالهه......زيب سنڌي

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,242
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    معزز گڏهه سان ملاقات
    ٽي ويءَ تي سڄي رات ڌرڻن ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪارن ۾ لانگ مارچ ڪندڙن جون خبرون ۽ مٿي ۾ سور وجهندڙ تجزيا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ ، بيزار ٿي مان صبح سان واڪ ڪرڻ لاءِ ، ڪچي آباديءَ کان نڪري ڀرسان ئي پوش ايريا ۾ داخل ٿي ويس. شهر جي پوش ايريا ۾ صبح جو سوير واڪ ڪندي فوٽ پاٿ تي سامهون ايندڙ هڪ اهڙي گڏهه کي ڏٺم ، جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڪنهن رسيءَ بجاءِ ٽاءِ پيل هئي. سوچيم ، پوش ايريا جي ڪنهن شرارتي ٻار گڏهه کي ٽاءِ پارائي ڇڏي آهي. ٽاءِ پاتل گڏهه ڏانهن ڏسندي منهنجي چهري تي مُرڪ اچي وئي. گڏهه منهنجي ويجهو پهچي بيهي رهيو. مون غور سان گڏهه جي ٽاءِ ڏٺي ، جيڪا ڏاڍي نفيس ۽ قيمتي هئي. سوچيم گڏهه جي ڳچيءَ مان اها ٽاءِ لاهي پاڻ ٿو پائي ڇڏيان. اهو سوچي مون هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته ڪير مونکي ڏسي ته نه پيو، پر صبح جو سوير پوش ايريا جي انهيءَ رستي تي مون کان ۽ ٽاءِ واري گڏهه کان سواءِ اُن وقت ڪير به نه هيو. مون گڏهه جي ڳچيءَ منجهان ٽاءِ لاهڻ لاءِ هٿ وڌايو ته گڏهه چيو، ”ڇو، منهنجي ڳچيءَ ۾ ٽاءِ نٿي ٺهي ڇا؟“
    مون ڇرڪي پنهنجو هٿ گڏهه جي ڳچيءَ کان پوئتي ڪري ڇڏيو ۽ گڏهه کي ڳالهائيندي ٻُڌي خوف وچان پاڻ به پوئتي ٿي ويس.
    گڏهه مُرڪي چيو، ”ڊڄ نه ، مان ته توسان ڳالهائڻ لاءِ ئي اچي تنهنجي ڀرسان بيٺو هئس ، پر تو گڏهه سمجهي منهنجي ڳچيءَ مان قيمتي ٽاءِ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي!“
    شرم کان منهنجو ڪنڌ جُهڪي ويو ، پر جلد ئي شرم پرچائي ڪنڌ مٿي ڪري چيم، ”گڏهه سمجهي ڇا مطلب ... تون گڏهه ناهين ڇا!“
    گڏهه وڏو ٽهڪ ڏنو ته سندس وڏا ڏند ظاهر ٿي پيا. چيائين ،”بيشڪ مان گڏهه آهيان ، پر عام قسم جو گڏهه ناهيان ، جيئن تون هڪ عام ماڻهو آهين!“
    ڪاوڙ منجهان وراڻيم، ”مان عام ماڻهو ناهيان ، منهنجو شمار خاص ماڻهن ۾ ٿيندو آهي!“
    گڏهه وري هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين، ”مونکي خبر آهي ته تنهنجي ياداشت گم ٿي وئي آهي ۽ تون عام ماڻهوءَ مان دانشور بڻجي ويو آهين.“
    مونکي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. چيم، ” تون مون تي الزام هڻي رهيو آهين گڏهه جا پُٽَ!“
    گڏهه کي ڪاوڙ نه لڳي جو هُو هيو ئي گڏهه جو پُٽُ. مرڪي چيائين، ”مون توکي دانشور چئي ڪهڙو الزام هنيو آهي! تون شهر جي هر سياسي، ادبي ۽ سماجي تقريب ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جي تقرير ڪري ماڻهن جي مٿي ۾ سور نه وجهندو آهين!؟“
    گڏهه جي ڳالهه مونکي دل سان لڳي ۽ مان سوچ ۾ پئجي ويس.
    گڏهه چيو، ”دانشور صاحب، تو منهنجي جملي جي ٻئي حصي تي غور نه ڪيو آهي.“
    حيرت مان پڇيم، ”ڪهڙي ٻئي حصي تي!؟“
    گڏهه ٽهڪ ڏئي چيو ،”منهنجي ڳالهه جي هتي بيٺي بيٺي ئي تصديق ٿي وئي ته تنهجي ياداشت گم ٿي وئي آهي!“
    مونکي وري سخت ڪاوڙ لڳي. وراڻيم، ” مون کي پنهنجي گهر جو رستو ياد آهي ، ان ڪري منهنجي ياداشت تي هرو ڀرو شڪ نه ڪر گڏهه جا پُٽَ!“
    گڏهه مرڪي چيو، ”ياداشت وڃايل ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر جي رستي بجاءِ، گِدوءَ جو رستو ياد هجي ته وڌيڪ بهتر آهي.“
    مون هيڏانهن هوڏانهن واجهايو. اهو ڏسڻ لاءِ نه ، ته ڪير مونکي گڏهه سان گفتگو ڪندي ڏسي چريو ته نه پيو سمجهي ، پر مون ڪنهن لٺ ، باٺي يا سِروٽي لاءِ پئي واجهايو، جنهن سان انهيءَ بدتميز گڏهه کي سيکت ڏئي سگهان. اڃا منهنجي نظر ڪنهن لٺ ، باٺي يا سِروٽي کي ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي هئي جو گڏهه چيو، ”ياد ڪر ، پنهنجي اڳي به ملاقات ٿي هئي.“
    مان سوچ ۾ پئجي ويس. انهيءَ گڏهه سان اڳي ٿيل ڪنهن ملاقات کي ياد ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم ، پر ڪجهه ياد نه آيو ۽ مونکي گڏهه جي ڳالهه ڪجهه ڪجهه درست لڳڻ لڳي ته منهنجي ياداشت گم ٿي وئي آهي!
    گڏهه سنجيدگيءَ سان چيو، ”ٽي سال اڳ اسان جي هڪ پبلڪ پارڪ ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ پوليس اسان کي ڳالهائيندي ڏسي ورتو هو!“
    اِها ڳالهه ڀلا مون کان ڪيئن ٿي وسري سگِهي. اُن ڏينهن پوليس کي ڏسي هي گڏهه ته ڀڄي ويو هو ۽ پوليس گڏهه سان گفتگو جي الزام ۾ مون کي گرفتار ڪري ورتو هو. مون پوليس جي خوف کان پوش ايريا واري رستي جي ٻنهي پاسي ڏٺو ۽ چيم، ”پوليس مونکي چوويهه ڪلاڪ ٿاڻي تي ويهاري ، چوويهه هزار رپيا رشوت وٺي پوءِ ڇڏيو هو. هاڻي ته پوليس کان پاڻُ ڇڏائن لاءِ مون وٽ چوويهه هزار رپيا به ناهن ، تنهن ڪري پڪ سان پوليس مون تي چوويهه ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري ڏيکاريندي!“
    گڏهه بي فڪريءَ سان چيو، ”فڪر نه ڪر ، هتي پوليس ڪونه ايندي!“
    پوليس جي خوف کان منهنجا چَپَ خُشڪ ٿي ويا. چيم، ”جتي پوليس کي وڃڻ گُهرجي، اُتي پوليس ويندي ناهي ۽ جتي پوليس کي نه وڃڻ گهرجي ، اُتي ڀڳي بيٺي هوندي آهي. پهرين ملاقات ۾ تون ڀڄي ويو هئين ، اڄ مان ٿو ڀڄي وڃان!“
    اهو چئي مون ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته گڏهه منهنجي اڳيان اچي منهنجو رستو روڪي ورتو. اعتماد سان چيائين، ”پوليس کي ايتري همت ناهي جو منهنجي سامهون اچي توکي گرفتار ڪري سگهي!“
    حيرت منجهان چيم، ”سِڱَ ته تنهنجي مٿي تي هاڻي به ڪونهن جو پوليس توکان ايڏو لهرائي!“
    گڏهه مرڪي چيو، ”وقت وقت جي ڳالهه آهي يار. اُهو وقت ويو جڏهن پوليس کي ڏسي مان ڀڄي ويندو هئس . هاڻي پوليس مونکي ڏسي ڀڄي ويندي آهي.“
    مون گڏهه جي مٿي تي هٿ لائي ڏٺو. گڏهه جي مٿي تي سنڱ ظاهر ته نه هئا ، پر هٿ لائڻ سان به سنڱن جو نالو نشان محسوس نه ٿيو. تڏهن چيم، ”تون دهشت گرد ٿي ويو آهين ڇا ، جو پوليس توکي ڏسي ڀڄي ٿي وڃي!؟“
    گڏهه مُرڪي چيو، ”نه ، هاڻي مون وڏا تعلقات پيدا ڪري ورتا آهن ۽ هاڻي مان هن سماج جو معزز ۽ با اثر گڏهه آهيان.“
    مونکي سخت ڪاوڙ لڳي . منهنجي ڪاوڙ کي گڏهه هڪدم محسوس ڪري ورتو ۽ هڪدم چيائين، ”پهرين ملاَقات جيان اڄ تون مون کي ٻيهر گهٽ وڌ ڳالهائي گڏهيت جي توهينَ نه ڪجانءِ. جيڪڏهن اڄ تون گڏهيت جي توهينَ ڪندين ته مان پاڻ توکي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“
    مون وري پوليس جي خوف کان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته گڏهه چيو، ”ڊڄ نه . هاڻي پوليس منهنجي مرضيءَ سان ٻَڌَ ڇوڙ ڪندي آهي. مون توکي ٻڌايو نه ، ته هاڻي مان معزز گڏهه آهيان ، انڪري جيڪڏهن پوليس مونکي توسان ڳالهائيندي ڏٺو ته هاڻي توکي گرفتار ڪرڻ بجاءِ سلام ڪندي ، جو پوليس سمجهندي ته تون به معزز گڏهه آهين!“
    مون احتجاج ڪيو، ” مان گڏهه ناهيان . ماڻهو آهيان مان!“
    گڏهه مرڪي چيو، ”ڪيترن ماڻهن ۽ گڏهن ۾ ڪوبه فرق نه هوندو آهي.“
    گڏهه جي ڳالهه ۾ وزن هو. مان سوچ ۾ پئجي ويس.
    گڏهه چيو، ”منهنجي ناشتي جو وقت ٿي ويوآهي. ڊائننگ ٽيبل تي ناشتو لڳي چڪو هوندو. هل ته گڏجي هلي ناشتو ڪيون.“
    مون حيرت منجهان پڇيو، ”ڪٿي رهندو آهين تون؟“
    گڏهه مرڪي چيو، ”هن ئي پوش ايريا ۾ منهنجو بنگلو آهي. هل ته هلي ناشتو ڪيون.“
    مان گڏهه سان گڏ ناشتو ڪرڻ جي تصور سان سوچ ۾ پئجي ويس.
    گڏهه چيو، ”وڌيڪ نه سوچ. تو جهڙو دانشور منهنجي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ مون جهڙي معزز ۽ با اثر گڏهه سان دوستي ڪري تون به هن معاشري ۾ معزز حيثيت جو مالڪ بڻجي سگهين ٿو.“
    گڏهه پنهنجو کُرُ مٿي ڪري ، مون ڏانهن دوستيءَ جو کُرُ وڌايو ۽ مون گڏهه جي کُرَ کي ڏاڍي گرمجوشيءَ سان پنهنجي هَٿَ ۾ جهلي ورتو ، جو مونکي هن معاشري ۾ معزز حيثيت جو مالڪ ٿيڻو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو