مان اعتراف ٿو ڪريان ته......... سليم ميمڻ

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مان اعتراف ٿو ڪريان ته مون جن اعليٰ ادارن ۾ ڪم ڪيو ۽ اعليٰ عهدن تي رهيس تنهن مان فائدو وٺي مونکي به غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جهڙو سنڌين لاءِ ڪو وڏو تعليمي ادارو قائم ڪرڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته جڏهن ضياءَ جي دور ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ۾ سرڪاري ملازمن تي ڪم ڪرڻ جي پابندي وڌي وئي هئي ته اسان سڀ جن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ به شامل هو سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندا هياسين سو انهيءَ پابندي جي روشنيءَ ۾ اسان تڏهن مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن قائم ڪئي هئي جنهن جو مان سيڪريٽري هيس ۽ اڃا تائين ان جو سيڪريٽري آهيان. سو مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سيڪريٽري طور به مون مٿان لازم هو ته ڪراچيءَ ۾ اهڙو تعليمي ادارو کوليان ها، جنهن لاءِ ڪنهن به ڪراچيءَ جي سنڌي وسندي مان پلاٽ به ملي سگهيو پئي ۽ فنڊنگ ادارن کان فنڊ وٺڻ جو به ڪو مسئلو نه هو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اهڙو ادارو زيبسٽ جو ضرور آهي پر مونکي غريب سنڌي شاگردن لاءِ اهڙو اعليٰ معيار جو تعليمي ادارو قائم ڪرڻ گهرجي ها، جنهن جو اعتراف مان ڊاڪٽر سليمان شيخ وغيره جهڙن دوستن سان ڪندو به رهيو آهيان.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاڻ به وقت ويو ناهي ..... سليم ميمڻ صاحب کي گهرجي ته اهڙي اداري لاء اڳتي اچي اسان سڀ ساڻس گڏ هونداسين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو