شخصي محبت جا مرحلا

'سنڌي ادب' فورم ۾ Rabel Napar Sindhi طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2014۔

  1. Rabel Napar Sindhi

    Rabel Napar Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌي ڊيٽا انٽري
    ماڳ:
    ڪراچي
    شخصي محبت جا مرحلا

    شخصي محبت سدائين يڪسان نٿي رهي ، اها مختلف درجن مان گذري ٿي، جئين ماڻهون ڄمڻ کان پوءِ پهرين ٻارپڻ جو زمانو گذاري ٿو ، جنهن جا تجربا، جذبا، ۽ خيال جدا ٿين ٿا جنهن کي معصوميت جو نالو ڏنو ويو آهي ، ان ۾ سڌون پيدا نه ٿيون آهن ان کان پوءِ محبت جي سفر ۾ هڪ اهڙو دور اچي ٿو جنهن کي سن بلوغ. سان تشبيھ ڏئي سگهجي ٿي، ان ۾ تميز پيدا ٿي جنسي خواهش، وصال، فراق قبض وغيره،

    خواهش سان مُنهن مقابل ٿيڻو پوي ٿو، ان کانپوءِ محبت جو اهڙو دور اچي ٿو، جنهن ۾ فيصلہ ڪن قدم کڻڻا پون ٿا، ان کي جوانيءَ سان مشابهت ڏئي سگهجي ٿي، آزر ۾ اهڙو دور اچي ٿو جنهن ۾ تجربي ۽ علم جي وڌڻ ۽ سڌن خواهشن جي جهڪي ڪري اڳي مقرر ڪيل قدرن ۾ تبديلي اچي ٿي، ان کي پير سني سڏي سگهجي ٿو، ان کانپوءِ شخصي محبت کي نئين جنم وٺڻ جي ضرورت ٿئي ٿي،

    سائين جي ايم سيد

    ڪتاب ديارِ دل داستان محبت پيج نمبر 53
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو