• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نياڻي مٿان شڪاري ڪُتا بڇيا ويا..(سنڌ ايڪسپريس)

ڏهرڪي ۾ مامي سان هٿ ملائڻ تي ڀاڻيجي مٿان “ڪارنهن” جو الزام مڙهيو ويو، نياڻي مٿان شڪاري ڪُتا بڇيا ويا.
ڏهرڪي جي سنڌو نگر ڪالوني جي رهواسي رشيدان چاچڙ ڳوٺان ماءُ پيءُ وٽان گھمي اچڻ بعد واپس جڏهن پنهنجي گھر پهتي ته ساڻس مامو ملڻ آيو جنهن سان هٿ ملائڻ تي سندس مُڙس مٿس ڪارنهن جو الزام هڻندي، وڏيري کي گھرائي کيس “ڪاري” قرار ڏئي ڇڏيو، نياڻي مٿان شڪاري ڪُتا بڇيا ويا، چڪن لڳڻ سبب شديد زخمي، حالت ڳڻتي جوڳي.
ٻئي طرف نياڻي جي والد حمير چاچڙ جو چوڻ آهي ته وس وارن کي نوٽيس وٺڻ گھرجي، مونکي ۽ منهنجي نياڻي کي تحفظ ڏنو وڃي، وڏيرا منهنجي نياڻي کي بي ڏوهي ڪاري قرار ڏئي مارڻ گھرن ٿا....!!

اي ماروئي توکان گھڻا ڏک ڏسن ٿيون سنڌياڻيون
تون ڏينهن ٻه ٽي هُئين قيد ۾ هي عُمر ڀر قيدياڻيون
هت مُکڙيون ڪيئي ڪوماڻيون راڄ جي ظالم رسمن ۾.......!!
 
Back
Top