” انڌا اونڌا ويڄ“رسول بخش پليجو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    896
    ورتل پسنديدگيون:
    1,983
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    جڏهن سنڌ ۾ ساڄيءَ ڌر جا اديب ڪانبو ٻڌي ترقي پسندن پوئيان ڪاهي پيا تڌهن محمد ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجي جهڙن ترقي پسندن انهن جي هر وار جو ڀرپور جواب ڏنو. هي ڪتاب” انڌا اونڌا ويڄ“ ان جوابي وار وارو اهو هٿيار آهي، جنهن مخالفن کي تلوار کان تير جهير ڏنا.
    انهن پنهنجي چارج شيٽ ۾ شيخ اياز، تنوير، رباني، جمال ابڙي ۽ ٻين نئين دؤر جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن تي جيڪي تهمتون مڙهيون آهن، تن ۾ مکيه الزام هي آهن ته سندن شعر ۽ ادب دين ۽ مذهب جي خلاف آهن. هنن سندن تخليقن مان ڪي حوالا ڏئي، مذهب ۽ اخلاق جون حجتون اُٿاري، شد مد سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سندن نظريا ڪافرانه ۽ ملحدانه آهن، هو بداخلاق، دهريا ۽ سوريءَ تي چاڙهڻ جي لائق آهن.
    جنهن ديده دانسته بدديانتيءَ ۽ شرانگيزيءَ سان هنن انهن جملن ۽ شعرن جي دستوري ۽ قدرتي معنيٰ کي لڪائي، سندن لفظن کي ڇڪي تاڻي، مروڙي سروڙي، مٿن هٿرادو معنائون ۽ مطلب مڙهيا آهن، تنهن کي في الحال ڇڏي، اچو ته ڏسون ته ادب ۽ خاص ڪري شعر تي انهيءَ ڪٽر ۽ تنگ نظريءَ واري رنگ ۾ نڪته چيني ڪرڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ پيش آهي۔ هيءُ ڪتاب نامياري نقاد، قانوندان۔ سياستدان ۽ ڏاهي محترم رسول بخش پليجي صاحب جو لکيل آهي. ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.

    ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔

    پليجو صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو:

    ڪجهه عرصي کان نام نهاد ”اسلام دوست“ نقادن جي هڪڙيءَ گئنگ، هڪڙي سنڌي اخبار جي شوشي باز ايڊيٽر جي سرڪردگيءَ هيٺ. شيخ اياز، گرامي ۽ ٻين سنڌي اديبن تي ڪريل ۽ ناشائسته حملا شروع ڪيا آهن. جي ڪريل ذهنيت، اٿاهه جهالت ۽ سستي شهرت جي بي انتها بک جو نتيجو آهن. اهي اپاهج ۽ لولن ذهنن ۽ ناڪام هوس جو، ڪال ۽ ڏات کان بدترين ۽ ڪمينو انتقام آهن. هي شخص سکڻيون ڪنيون آهن، جيڪي گهڻو اڀامن ٿيون، ٺلها چڙا آهن جيڪي گهڻو وڄن ٿا. هنن جي لفظ لفظ ۾ حسد، ڪيني ۽ بغض ۽ ساڙ جا ٽانڊا ۽ فتني ۽ تعصب جو زهر آهي. هي جاهل ۽ ڪم ظرف شخص اهل ڪمال ۽ اهل سخن تي ٺٺوليون ڪن ٿا، کين بد شد ڳالهائين ٿا ۽ کين ڌمڪيون ڏين ٿا. هي جهالت جي اونداهن ٻرن ۾ لڙڪيل چمڙا ۽ ويران کنڊرن ۾ ويٺل چٻون ادب ۽ فن جي آسمانن تي پرواز ڪندڙ شهبازن تي ڏند ڪڍي کلن ٿيون، سندن اهلون ڪن ٿيون، ۽ ڪانگن ۽ ڪٻرن جو داد حاصل ڪري، ڦونڊ ۾ ڀرجي نچن ٿيون. هنن تنقيد جي شريفاڻي لباس ۾ مڪريل، گلاخور ۽ چغلباز ڌوتين وانگر، اخلاق ۽ شرافت جا ليڪا لنگهي، سٿڻون گوڏن کان مٿي کڻي، سنڌ ۾ هڪ زناني ويڙهه شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ تاڙ پيئي لڳي، يار چگهه پيا نڪرن ۽ ڪچين گارين جو ڌوڙيو پيو پوي. هنن هڪ اهڙو تماشو شروع ڪيو آهي، جو جيڪڏهن اردو يا ٻين ٻولين وارا سڻي سمجهي سگهن، ته جيڪر سنڌين جا ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃن. دنيا حيران ٿي ويندي ته ڇا هي آهي تنقيد جو معيار ۽ هي آهي فهم ۽ سخن جي پرک ۽ ان جو طريقو! هنن شخصن جيڪو ادبي سانگ رچايو آهي، تنهن ۾ پاڻ کي ادب جا ڪوٽوال مقرر ڪيو اٿن. اديبن جي زبان بند رکڻ لاءِ هو مٿن ڪفر ۽ الحاد، ڪميونزم ۽ بداخلاقيءَ جي الزام جا ڏنڊا-الارين ٿا، سندن ادبي تخليقن کي پنهنجين ٽيڏين اکين سان گهورين ٿا، ته کين اهي ٽيڏيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. افسانه ٽيڏا، شعر ٽيڏا، مضمون ٽيڏا، بلڪ سري کان ئي هڙئي ڪتاب ۽ رسالا به ٽيڏا! جيڪا ڳالهه سندن تنگ ۽ تاريڪ دماغ ۾ ماپي نٿي سگهي، سا ڪفر آهي، الحاد آهي. نه رڳو محب وطن ۽ عوام دوست اديبن ۽ سندن تخليقن تي هي واهيات ۽ شر انگيز حملا ڪن ٿا، ۽ سندن پويان ڀنڊي ٻارين ٿا، بلڪ انگريز پوليس جي چغلخورن ۽ دلالن وانگر سرڪار وٽ به چغليون هڻن ٿا. چي فلاڻو اديب خطرناڪ آهي، ان کي جيل ۾ وجهو، فلاڻو شاعر دهريو آهي، ان کي سنگسار ڪريو، فلاڻي کي نوڪريءَ تان لاهيو، ۽ فلاڻي تي ڪارروائي ڪريو! هنن جو وس پڄي ته هوند سمورا ڪتاب، جي سندن سمجهه کان ٻاهر آهن، سي ساڙائي ڇڏين ۽ سڀني اديبن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏين. سندن لهجو ادبي سنجيدگيءَ ۽ علمي توازن بدران مڇيءَ مياڻ واريءَ بدزبانيءَ، شودن جي بازار واريءَ داداگيريءَ جو بدترين مثال آهي. جتي ادبي دنيا ۾ ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ جو بحث پيو هلي، اتي هي وري پنهنجي ”يخي براءِ يخي“ ۽ ”فتنو براءِ فتنو“ جا منصبدار بنيا بيٺا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو