طاهرا لقادريء جي سنڌ حڪومت لاء چارج شيٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌ ۽ بلوچستان جا قومپرست انقلاب لاء اٿن ............
    سنڌي سڀ کان وڌيڪ مظلوم آهن
    لاڙڪاڻي جي دارامان مان 3 عورتون پوليس اغوا ڪري ڌاڙيلن جي حوالي ڪيون
    * رسول آباد جو نياڻيون 3 مهينن کان پنهنجي خلاف ٿيل زيادتيء لاء در بدر آهن پر انهن جي ايف آء آر نٿي ڪاٽي وڃي
    * ٿر ۾ سوين ٻار بک بدحالي ۾ مري ويا
    *600 ٻار سنڌ ۾ ارڙيء ۾ مري ويا
    * ڪراچيء ۾ اغوا ، قتل ، ڦرون
    هيء ڪهڙي سنڌ ۾ جمهوري حڪومت آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    آگاهي ۽ اپيل سنڌ ۽ بلوچستان جي دانشورن کي. ڊوميسائل بيس ڇڏي ماءُ ٻوليءَ (مدرٽنگ) جي بُنياد تي پرابري حق گهرڻ لاءِ جڏنهن ته تپيل ۽ گرم لوهه ۽ ماحول! تيار آهي، فلحال پنهنجون سڀ سماجي تقريبون ، راڳ رنگ ملهائڻ واريون راتيون، شامون ۽ ڪتابي رونمائي وڏن ماڻهن جي انٽرويو ۽ گهرن جا چڪر لڳائڻ ۽ مهمان نوازي وساري فلحال هڪ ايجنڊا تي جُڙي وڃو. سنڌ جا سڀ ليجنڊ دانشور، نئين نسل جي دانشورن کي کڻي اڳتي وڌن.
    [​IMG]
    عمران خان ۽ طاهرالقادري (پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ ٽين قوت جي نمائندگي رکندڙ) جي ڌرنن ۽ سياسي ، پارليماني ليڊر شپ جي ميدان تي اچڻ ۽ پوئين هٿن ڪري پاڪستان هاڻ پنهنجي يا نئين تواريخ جو بُنياد يا پوئين تواريخ ورجائي رهيو آهي . افسوس جو اها تواريخ صرف پنجاب ۽ ڪي پي ڪي لاءِ جُڙي ويندي جي سنڌ ۽ بلوچستان جا دانشور پنهنجي حق لاءِ ميدان ته نه ايندا. يا وري جي سنڌي ۽ بلوچ دانشور ميدان تي نه نڪتا ته 1948 يا 1949 وارو ڪوٽا سسٽم رائج ٿي سگهي ٿو جنهن جا بينيفشري صرف ٽي طبقا هوندا.
    [​IMG]
    ته پنهنجي خاص طرح سنڌ جي ليجينڊ دانشورن کي اپيل ٿي ڪجي ته جي هاڻ توهان رواجي شامون ۽ راتيون ملهائڻ وارين تقريبُن، ڪتابن جي نمائش، راڳ رنگ جي محفلن کان واندا ٿي چُڪا آهيو ته پنهنجن دانشوري نقطن سان آسانجي لکيل زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي، عملي طور حصو بڻجي، سياسي، سماجي ۽ پارليماني جهموريت جي نمائندن سان ملي ۽ گڏ نروار ٿي وڃون متان پوءِ پنهنجن حقن کان وڌيڪ محروم ٿي ۽ هٿ مليندا رهو .
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 آگسٽ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    طاهر القادري ۽ عمران خان جا انقلاب اسان کي پسند ناهن....

    ڇو ته انهن پٺيان فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ آهي. عمران خان هر تقرير ۾ ڪراچي ۽ سنڌ ورجائي رهيو آهي .... ان جو مطلب ته هو سنڌ ۽ ڪراچي کي الڳ سمجهي ٿو، جيڪا ڳالهه برداشت جوڳي ناهي. تنهنڪري اسان عمران خان جي ڪابه حمايت ڪونه ڪنداسين. هن ڪڏهن به لاهور ۽ پنجاب يا پشاور ۽ ڪي پي ڪي جا ٽرم استعمال ناهن ڪيا.

    طاهر القادري سنڌ کي ٽوڙي وڌيڪ صوبا ٺاهڻ چاهي ٿو .... مطلب ته ڪراچي ۽ حيدر آباد ايم ڪيو ايم کي ڏيو، ٻيو ته سندس تحريڪ ۾ هڪ وڏو هٿ ايم ڪيو ايم جو به آهي، جيڪا صرف صوبن واري رينگٽ سبب ئي قادري سان گڏ آهي.

    هڪ ٻي ڳالهه ...... ته قادري سان گڏ ايم ڪيو ايم آهي، ق ليگ آهي ... جيڪي روايتي سياستدان آهن، تنهنڪري ڪنهن به تبديلي جي اميد ناهي. عمران خان سان شيخ رشيد جهڙا گڏ آهن جيڪي هر فوجي حڪومت جو حصو هوندا آهن .... مطلب پاڻ سمجهو ٿا.

    سنڌ جون حالتون بهتر ناهن ۽ پ پ پ بلڪل ناڪام رهي آهي پر اسان سنڌ جي وحدانيت تي ڪوبه وار ڪرڻ ڪونه ڏينداسين.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مشتري هُشيار باش! انقلاب مارچ يا آزادي مارچ سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي مسئلن جو حل نه پر ڪُئيڪ مُشرف مارچ جو منشور آهي! ۽ پاڪستان يا سسٽم چينج مارچ نه آهي پر واحد پنجاب صوبي جو لاهور مارچ آهي ۽ لاهور تي قابض ٽن لاهوري شهزادن (گُروپن) جي پاڻ ۾ جنگ آهي!

    سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون بيوقوف ۽ جذباتي نه ٿين پر ان بجاءِ ! سنڌ ۽ بلوچستان جي دانشورن، ليکڪن، اديبن، جرنلسٽ، ڪالم نگارن، رپورٽرن، سياسي، سماجي، مذهبي، فڪري، رواجي، سول سوسائٽي سنڌ ۽ بلوچستان جي محروم ٿيل ۽ ڏتڙيل عوام کي گهُرجي ته پنهنجي حقن کي لنڪ ڪن! پاڪستان ۾ جيئن ته 1948 جون ٽي طاقتور قوتون نئين تواريخ مُرتب ڪرائڻ ۾ آهن ته اُن ۾ پنهنجي صوبن (سنڌ ۽ بلوچستان) جي حقن لاءِ به حصو گهرن ۽ اڳتي وڌن ۽ متان وري 1947، 1948، 1949 واريون جذباتي غلطيون وري نه دُهرائين ۽ متان وري ٽن قوتن طرفان رائج 1948 ڪوٽا سسٽم ۾ رائج نه ٿي وڃي جيڪو عملي طور تي رائج به آهي. هوش ڪري ويهجو متان ڪي اناڙي ٻين جي مُفاد لاءِ ڪم ڪري ويهن يا (وين ڊيم بروڪ) ڪهاڻي وانگر اکيون پوري پويان ڀڄن، ۽ طرفداري ڪن.
    سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي گهُرجي ته هاڻ لوه بلڪل گرم آهي ۽ وقت آهي ته ڳالهائڻ ۾ پنهنجي محرومين ۽ مسئلن کي به لنڪ ڪن. جذباتي وهڪري ۾ وهي سندن پويان ڀڄڻيا هلڻ بجاءِ پاڻ سان ٿيل محرومين ۽ زيادتين جو اظهار ڪري پنهنجي ئي پِوٽ (مرڪز) تان اڳتي وڌن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي اصل محروم قومن جي مسئلن جو به ڪو ازالو ٿئي. ۽ نه ئي پرائي شاديءَ ۾ پاڻ نچڻ جي ڪوشش ڪن. ڇو جو انقلابي يا آزادي مارچ پاڪستان جي صوبن جو نه پر واحد ڊڪٽيٽر مُشرف ڪُئڪ مارچ اشو آهي ۽ هڪ نمائندو شيخ رشيد آزادي مارچ سان ته ٻيو نمائندو چوڌري ڀائُر انقلاب مارچ جي رهنمائي پيا ڪن! جن جو پنجاب صوبي لاهور ۾ رهڻ وارن سان مسئلو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون ته شروع کان ئي مصيبن ۾ آهن ۽ رهندا جيسين ڪه هو ٻين جو چولو جهلڻ نه ڇڏيندا. مشتري هوشيار باش!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجي سوشل ميڊيا فورم کي فڪري ۽ ذهني سوچ علمي انقلاب ۾ آڻي سنڌ بچايو علم وڌايو!
    سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب آڻڻ (برين واش) جي ضرورت تي زور ڏجي. ۽ اهو ڪردار صرف ۽ صرف سنڌي ۽ بلوچي ليکڪ ئي ڪري سگهن ٿا ٻيو ڪو به نه. جيڪي پنهنجي هر سماجي، معاشرتي، ڊرامائي، تخليقي يا خابرو(نيوز) لکت ۾ علم جي حصول لاءِ لکتون لکي قوم جي برين واش ڪن. جيسين لکياري اهو ڪم نه ڪندا سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب ڪونه ايندو ڇو جو سندن ذهنن ۽ رت کي سازشي قُوتن بُزرگن ، ولين ۽ درويشن جي مزارن تي اوتارا يونيورسٽيون قائم ڪري نشي (سُلفي، ڀنگ، شراب ، هيروئن وغيره) جهڙو زهر پياري سنڌي غريب عوام کي ذهني طور تي بلڪل مائوف ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن جي رت مان نشي واري غلاظت ڪڍڻ بنان علم جو حصول ممڪن ئي ناهي. جديد سائنسي طريقن موجب انهيءَ کي برين واش چئي سگهجي ٿو. پاڪستان جي 67 سالن کان قائم ٿيڻ، جلسن، جُلوسن، نعرن، شامون ۽ راتيون ملهائڻ جي 67 سال جدوجهد کان پوءِ به سنڌي ۽ بلوچ قومن ۾ علم لاءِ گهُربل ذهني سوچ ۽ سُڄاڳي پئدا نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو واحد ۽ واحد ڪارڻ تنظيمن ۾ ڊومينيشن ڪندڙ نشائي ڪلچر آهي جيڪو هر اجتماع کان کائڻ ۽ کارائڻ واري تقريب ۾ پوءِ ڏسي سگهجي ٿو جتي سُوٽا به لڳن ٿا ته پيگ جا پيالا به پيئجن ٿا. مشاهدي ۾ آيل آهي ته جنهن تقريب ۾ اهو اهتمام ناهي اُتي وري تقريب دوران ڪوڪا ڪولا۽ پيپسيءَ ۾ ڪن خاص مدعو ٿيندڙن لاءِ اهي اهتمام ڪيل هوندا آهن. ڪن وائيٽ ڪالر اديبن ۽ شاعرن طرفان دعوت به تڏنهن قبول ڪئي ويندي آهي جڏنهن کين کائڻ پيئڻ وارن لوازمات ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائبي آهي ۽ جيڪي خُشڪ محفلون اهن اُنهن ۾ تعداد ئي ڪونه هوندو آهي. ادب، شاعري ۽ ڊراما نگاريءَ جي لکتن ۾ گهڻي قدر پيار ۽ عشق سمايل آهي ته جرنلزم ۽ خبرنامن وغيره ۾ وري ڌاڙيلگيري، ڪامورا شاهي، جاگيرداري، ۽ گهڻي ڀاڱي وڏيرا شاهيءَ کي اُجاگر ڪيل آهي ۽ انهن پاٿاريدارن جي فروغت لا انٽرويو به . جيڪي سول سوسائٽي، سماجي تنظيمون يا اين جي اوز ڳوٺ ڳوٺ وڃي تبليغون ڪن ٿا اُهي به انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن ۽ ڪامورن جا مهمان هوندا آهن ته تقريرُن يا بيٺڪن سان ذهني انقلاب ڪونه ايندو. پهريون انقلاب قومن جي رت ۾ نشي جهڙو زهر ڪڍڻ ، جنهن ۾ يقينن وقت گهربو ڇو جو هن ۾ هاڻ معاشري جو هر فرد وڪڙجي ويو آهي ۽ اهو تڏنهن مُمڪن آهي ته نشي جو آزاديءَ سان ملڻ وارو هضول بند ڪيو وڃي ۽ هر نشائيءَ جو سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي. ٻيو حصول نئين جنريشن کي ان علت کان بچائڻ ۽ پاسيرو ڪرڻ جو آهي ته هي سماجي، سول ۽ اين جي اوز تنظيمون هر علائقي ۾ وڃي اُتي پاڻ به موبائل ايجيوڪيشن جو اهتمام ڪن ۽ اُتي جي ماڻهن کي به انگيج ڪن ۽ بنگلن ۽ گهرن ۾ ويهي نه پر ٽينٽن ۽ جهوپڙين ۾ ويهي، وڻن هيٺان ويهي جيئن عام ڳوٺائي رهندڙ آهي ۽ پوءِ اُن جي مُسلسل رکوالي ۽ نگراني ڪن ته علم جو انقلاب ايندو. ٻيو ڪو حل آهي ئي ڪونه 67 سالن جو تجربو ٻُڌائي ٿو بلڪه ويتر بُڇڙائي، جهالت، توهم پرستي وڌندي وڃي. شعر شاعري، ڊراما، ڪتاب به علم پرايو مضمونن تي ئي هُجن ڇو جو عشق مُشڪ ۽ فحاشي تبليغ هاڻ گهڻي ٿي، سون تي سُهاڳ جو ڪم ٿيندو جڏنهن عام سنڌي به پنهنجي سوشل ميڊيا ڪرتن کي به خود نمائيءَ کان ڪڍي علم انقلاب طرف آڻڻ لا استعمال ڪندو ڇو جو سنڌ جي بقا جو سوال اهي. ائين ڪرڻ سان اجاين تصويرن کي فليش ڪري ڪامينٽس وٺڻ بجا گهر ويٺي به هر فرد علم انقلاب ۽ سوچ پئدا ڪري سنڌ ۽ بلوچستان بچائي سگهي ٿو. ممڪن ڪا ڳالهه ناهي پر وقت طلب ۽ ٿورڙي مُشڪل ضرور آهي جي ٻه ماڻهون به ايجيوڪيٽ مشن طرف راغب ٿيا ته هو ٻيا گهڻا گهر راغب ڪري وٺندا ۽ سنڌ جي روايت به ته آهي! (ڦُڙي ڦُڙِي درياءُ) پوءَ گهٻرايو ڇو ٿا ٻانهه ٻيلي ٿيو اسان سان ، اسانجي آئڊيا سان! يا پنهنجو پاڻ پنهنجي آئڊيا سان !پر آڻيو تعليمي انقلاب! جلد از جلد سنڌي قوم ۾!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو