حويليءَ جا راز : ماڻڪ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جي لازوال ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”حويليءَ جا راز“ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاء مهاڳ ۾ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“

    هي ڪتاب الڳ به ڇپيو آهي جڏهن ته گهڻو مقبول هجڻ سبب ماڻڪ مِٽ سندوم جي نالي سان لکيل ڪتاب جو به حصو رهيو آهي. اسڪين ڪاپي ڪرزمه ويب جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.



     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ماڻڪ جو هي ڪتاب مون ڪنهن ميلي تان ورتو هو ۽ پڙهي چپ چاپ ڪري لڪائي رکي ڇڏيو هئم ته ڪٿي بابا نه ڏسي وٺي ته ڇورو ڇا ڇا پيو پڙهي!!! سچ ۾ اهڙي تحرير پڙهڻ جو اهو پهريون موقعو هو ۽ مونکي اهو پڙهڻ کان پوءِ ڏاڍو ڊپ ٿيو هو!! مون لاءِ اهو سڀ نئون هو، ڪنهن به اڳ ۾ اهڙو نه لکيو هو يا شايد مون نه پڙهيو هو
    ڪجهه سال گذرڻ کان پوءِ وري اهو ئي ڪتاب پڙهڻ جي ٻاڙ ٿي ۽ ٻي ڀيري پڙهڻ کان پوءِ آئون ڪتاب جي پيش لفظ لکندڙ شوڪت شوري جي هن ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ لڳس جنهن ۾ هُن لکيو ته
    ” ماڻڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي ئي اهو ته هو اگهاڙو سچ پيش ڪندو آهي!!“
    شايد سنڌ سلامت جو هي پليٽ فارم اهڙن ڪتابن کي پيش ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻجي پر هاڻي حقيقت تي پردو وجهڻ شايد ممڪن ناهي.
    بهترين ڪتابن ۾ هڪ ٻي بهترين ڪتاب جو اضافو ڪرڻ تي ادا سليمان کي واڌايون.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مون منٽو جون ڪهاڻيون به پڙهيون آهن .... سچ اهو آهي ته انهن ۾ به کليل سيڪس تي لکيل آهي ۽ سندس مشهوريء جو هڪ سبب اهو به هيو ...... ماڻڪ به اهڙو ئي لکي ٿو. جيتوڻيڪ مون سميت ڪيترائي پڙهندڙ ان کي پڙهندي اوهان وانگر ڊڄن ٿا ۽ ڪتاب جون ڳالهيون ڪرڻ کان به لهرائين ٿا ..... پر ڪتاب ته ڪتاب آهن. هو سچ ۽ اگهاڙو سچ لکي ٿو، اهڙي لکڻ، پڙهڻ ۽ شيئر ڪرڻ لاءِ به همت گهرجي.

    پر سچ اهو آهي ته هي ڪتاب مشهور ٿيو ۽ ادب جو حصو آهي، جيڪو مختلف وقتن تي رفرنس طور به استعمال ٿئي ٿو. ان لاء اسان جو فرض آهي ته ڪتاب کي ڪتاب سمجهي ڪتاب گهر ۾ شامل ڪيون.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    هي تمام بهترين ڪتاب آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ماڻڪ جو ڪھاڻي حويلي جي رازن کي فاش ڪري بلڪل چٽو ڪيو آھي، ماڻڪ سچو کرو لکيو آھي.
    ماڻڪ جو اھو ڪتاب مان به لڪائي لڪائي نيٺ سڄو پڙھيو، ڪنھن دوست گفٽ طور اھو ڪتاب مونکي ڏنو، پڙھڻ کان پو مان اھُ ڪتاب دوست کي واپس ڪري ڇڏيو، ان جو سبب ته اھڙو ڪتاب گھر ۾ رکڻ سان پادرن جو وسڪارو ڪڏھن به ٿي سگھي ٿو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو