انقلاب ! نواز شريف جي ويجھو يا عمران خان جي ويجهي ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    جيڪڏهن جناب حاصل بزنجو صاحٻ جي خيال ۾ هو اسلام آباد ۾ خون جي هولي ڏسي ٿو ته پوء
    ( الله معاف فرمائي ته ) ممڪن آهي ، اسلام آباد ۾ هڪ نئون” لال مسجد “ ختم انقلاب ، بغاوت ، شريعت کي هڪ رات ۾ ڇا بڻائي ڇڏيو هيو . اها آهي رياست
    اهو هاڻي ياد رکڻ گھرجي ته هن سموري ڪجھ جي وچ ۾ ڪا به ٽيبل ناهي ٺهي
    ( انهن 3 ماڻهن جي ويهڻ جي ٽيبل جي ذميداري ملڪ امن امان ۽ انسانيت ذات جي بهتريء لاء کڻون ٿا
    انقلاب ! نواز شريف جي ويجھو يا عمران خان جي ويجهي ؟
    موٽي وڃڻ جو رستو يا رستي ۾ پڻ موت آهي ته پوء ملڪ جي آزادي ۽ بغاوت جا 2 نوان شهيد ۽ ........................... نشان ڪهڙي پاسي کان ٿيندا
    هي پڻ هڪ اهم سوال آهي ؟
    پيش قدميء وارا يا واپسيء واررا ؟
    انقلاب هاڻي ٻنهي ڌرين مان صرف هڪ جي فيور ( حمايت ) ۾ اچڻو آهي
    اسڪريپ ٻارڻ سان جيڪڏهن گڏ ملي وڃي ته هڪ ” مغل دي گارڊر تي ڻيئر “ کي به ياد رکڻ گھرجي ۽ انهيء سان گڏ بين الاقوامي ، ذاتي ۽ اجتماعي فاعدا ۽ نقصان پڻ سمجھڻ گھرجڻ لازمي آهي
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مشتري هُشيار باش! انقلاب مارچ يا آزادي مارچ سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي مسئلن جو حل نه پر ڪُئيڪ مُشرف مارچ جو منشور آهي! ۽ پاڪستان يا سسٽم چينج مارچ نه آهي پر واحد پنجاب صوبي جو لاهور مارچ آهي ۽ لاهور تي قابض ٽن لاهوري شهزادن (گُروپن) جي پاڻ ۾ جنگ آهي!

    سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون بيوقوف ۽ جذباتي نه ٿين پر ان بجاءِ ! سنڌ ۽ بلوچستان جي دانشورن، ليکڪن، اديبن، جرنلسٽ، ڪالم نگارن، رپورٽرن، سياسي، سماجي، مذهبي، فڪري، رواجي، سول سوسائٽي سنڌ ۽ بلوچستان جي محروم ٿيل ۽ ڏتڙيل عوام کي گهُرجي ته پنهنجي حقن کي لنڪ ڪن!

    پاڪستان ۾ جيئن ته 1948 جون ٽي طاقتور قوتون نئين تواريخ مُرتب ڪرائڻ ۾ آهن ته اُن ۾ پنهنجي صوبن (سنڌ ۽ بلوچستان) جي حقن لاءِ به حصو گهرن ۽ اڳتي وڌن ۽ متان وري 1947، 1948، 1949 واريون جذباتي غلطيون وري نه دُهرائين ۽ متان وري ٽن قوتن طرفان رائج 1948 ڪوٽا سسٽم ۾ رائج نه ٿي وڃي جيڪو عملي طور تي رائج به آهي. هوش ڪري ويهجو متان ڪي اناڙي ٻين جي مُفاد لاءِ ڪم ڪري ويهن يا (وين ڊيم بروڪ) ڪهاڻي وانگر اکيون پوري پويان ڀڄن، ۽ طرفداري ڪن.

    سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي گهُرجي ته هاڻ لوه بلڪل گرم آهي ۽ وقت آهي ته ڳالهائڻ ۾ پنهنجي محرومين ۽ مسئلن کي به لنڪ ڪن. جذباتي وهڪري ۾ وهي سندن پويان ڀڄڻيا هلڻ بجاءِ پاڻ سان ٿيل محرومين ۽ زيادتين جو اظهار ڪري پنهنجي ئي پِوٽ (مرڪز) تان اڳتي وڌن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي اصل محروم قومن جي مسئلن جو به ڪو ازالو ٿئي. ۽ نه ئي پرائي شاديءَ ۾ پاڻ نچڻ جي ڪوشش ڪن. ڇو جو انقلابي يا آزادي مارچ پاڪستان جي صوبن جو نه پر واحد ڊڪٽيٽر مُشرف ڪُئڪ مارچ اشو آهي ۽ هڪ نمائندو شيخ رشيد آزادي مارچ سان ته ٻيو نمائندو چوڌري ڀائُر انقلاب مارچ جي رهنمائي پيا ڪن! جن جو پنجاب صوبي لاهور ۾ رهڻ وارن سان مسئلو آهي.

    سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون ته شروع کان ئي مصيبن ۾ آهن ۽ رهندا جيسين ڪه هو ٻين جو چولو جهلڻ نه ڇڏيندا. مشتري هوشيار باش!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 آگسٽ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجي سوشل ميڊيا فورم کي فڪري ۽ ذهني سوچ علمي انقلاب ۾ آڻي سنڌ بچايو علم وڌايو!
    سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب آڻڻ (برين واش) جي ضرورت تي زور ڏجي. ۽ اهو ڪردار صرف ۽ صرف سنڌي ۽ بلوچي ليکڪ ئي ڪري سگهن ٿا ٻيو ڪو به نه. جيڪي پنهنجي هر سماجي، معاشرتي، ڊرامائي، تخليقي يا خابرو(نيوز) لکت ۾ علم جي حصول لاءِ لکتون لکي قوم جي برين واش ڪن. جيسين لکياري اهو ڪم نه ڪندا سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب ڪونه ايندو ڇو جو سندن ذهنن ۽ رت کي سازشي قُوتن بُزرگن ، ولين ۽ درويشن جي مزارن تي اوتارا يونيورسٽيون قائم ڪري نشي (سُلفي، ڀنگ، شراب ، هيروئن وغيره) جهڙو زهر پياري سنڌي غريب عوام کي ذهني طور تي بلڪل مائوف ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن جي رت مان نشي واري غلاظت ڪڍڻ بنان علم جو حصول ممڪن ئي ناهي. جديد سائنسي طريقن موجب انهيءَ کي برين واش چئي سگهجي ٿو. پاڪستان جي 67 سالن کان قائم ٿيڻ، جلسن، جُلوسن، نعرن، شامون ۽ راتيون ملهائڻ جي 67 سال جدوجهد کان پوءِ به سنڌي ۽ بلوچ قومن ۾ علم لاءِ گهُربل ذهني سوچ ۽ سُڄاڳي پئدا نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو واحد ۽ واحد ڪارڻ تنظيمن ۾ ڊومينيشن ڪندڙ نشائي ڪلچر آهي جيڪو هر اجتماع کان کائڻ ۽ کارائڻ واري تقريب ۾ پوءِ ڏسي سگهجي ٿو جتي سُوٽا به لڳن ٿا ته پيگ جا پيالا به پيئجن ٿا. مشاهدي ۾ آيل آهي ته جنهن تقريب ۾ اهو اهتمام ناهي اُتي وري تقريب دوران ڪوڪا ڪولا۽ پيپسيءَ ۾ ڪن خاص مدعو ٿيندڙن لاءِ اهي اهتمام ڪيل هوندا آهن. ڪن وائيٽ ڪالر اديبن ۽ شاعرن طرفان دعوت به تڏنهن قبول ڪئي ويندي آهي جڏنهن کين کائڻ پيئڻ وارن لوازمات ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائبي آهي ۽ جيڪي خُشڪ محفلون اهن اُنهن ۾ تعداد ئي ڪونه هوندو آهي. ادب، شاعري ۽ ڊراما نگاريءَ جي لکتن ۾ گهڻي قدر پيار ۽ عشق سمايل آهي ته جرنلزم ۽ خبرنامن وغيره ۾ وري ڌاڙيلگيري، ڪامورا شاهي، جاگيرداري، ۽ گهڻي ڀاڱي وڏيرا شاهيءَ کي اُجاگر ڪيل آهي ۽ انهن پاٿاريدارن جي فروغت لا انٽرويو به . جيڪي سول سوسائٽي، سماجي تنظيمون يا اين جي اوز ڳوٺ ڳوٺ وڃي تبليغون ڪن ٿا اُهي به انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن ۽ ڪامورن جا مهمان هوندا آهن ته تقريرُن يا بيٺڪن سان ذهني انقلاب ڪونه ايندو. پهريون انقلاب قومن جي رت ۾ نشي جهڙو زهر ڪڍڻ ، جنهن ۾ يقينن وقت گهربو ڇو جو هن ۾ هاڻ معاشري جو هر فرد وڪڙجي ويو آهي ۽ اهو تڏنهن مُمڪن آهي ته نشي جو آزاديءَ سان ملڻ وارو هضول بند ڪيو وڃي ۽ هر نشائيءَ جو سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي. ٻيو حصول نئين جنريشن کي ان علت کان بچائڻ ۽ پاسيرو ڪرڻ جو آهي ته هي سماجي، سول ۽ اين جي اوز تنظيمون هر علائقي ۾ وڃي اُتي پاڻ به موبائل ايجيوڪيشن جو اهتمام ڪن ۽ اُتي جي ماڻهن کي به انگيج ڪن ۽ بنگلن ۽ گهرن ۾ ويهي نه پر ٽينٽن ۽ جهوپڙين ۾ ويهي، وڻن هيٺان ويهي جيئن عام ڳوٺائي رهندڙ آهي ۽ پوءِ اُن جي مُسلسل رکوالي ۽ نگراني ڪن ته علم جو انقلاب ايندو. ٻيو ڪو حل آهي ئي ڪونه 67 سالن جو تجربو ٻُڌائي ٿو بلڪه ويتر بُڇڙائي، جهالت، توهم پرستي وڌندي وڃي. شعر شاعري، ڊراما، ڪتاب به علم پرايو مضمونن تي ئي هُجن ڇو جو عشق مُشڪ ۽ فحاشي تبليغ هاڻ گهڻي ٿي، سون تي سُهاڳ جو ڪم ٿيندو جڏنهن عام سنڌي به پنهنجي سوشل ميڊيا ڪرتن کي به خود نمائيءَ کان ڪڍي علم انقلاب طرف آڻڻ لا استعمال ڪندو ڇو جو سنڌ جي بقا جو سوال اهي. ائين ڪرڻ سان اجاين تصويرن کي فليش ڪري ڪامينٽس وٺڻ بجا گهر ويٺي به هر فرد علم انقلاب ۽ سوچ پئدا ڪري سنڌ ۽ بلوچستان بچائي سگهي ٿو. ممڪن ڪا ڳالهه ناهي پر وقت طلب ۽ ٿورڙي مُشڪل ضرور آهي جي ٻه ماڻهون به ايجيوڪيٽ مشن طرف راغب ٿيا ته هو ٻيا گهڻا گهر راغب ڪري وٺندا ۽ سنڌ جي روايت به ته آهي! (ڦُڙي ڦُڙِي درياءُ) پوءَ گهٻرايو ڇو ٿا ٻانهه ٻيلي ٿيو اسان سان ، اسانجي آئڊيا سان! يا پنهنجو پاڻ پنهنجي آئڊيا سان !پر آڻيو تعليمي انقلاب! جلد از جلد سنڌي قوم ۾!
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو