پڇڻا نه منجھڻا لاءِ سوال: منهنجي ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ 80 جي بي آهي جيڪو ڇهه مهينا اڳ مون خريد ڪيو هو ـ ٿورن ڏينهن کان، ان جي سي ڊرائيو ۾ مسئلو پيدا ٿي پيو آهي ـ سي ڊرائيو 18.6 جي آهي ـ ڪنٽرول پينل ۾ هن وقت ڪل 35 پروگرام لڳل آهن جن جي ڪل سائيز 1.23 جي بي ڏيکاريل آهي ـ جڏهن ته مائي ڪمپيوٽر کولڻ سان سي ڊرائيو ۾ ريڊ لائين ڏيکاري ٿو جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سي ڊرائيو مڪمل آهي ۽ ان ۾ رڳو 808 ايم بي جي معمولي گنجائش آهي ـ انهيءَ ڪري نوان پروگرام ڊائون لوڊ نه ٿا ڪري سگھجن ـ هاڻ مون سي بدران ڊي ڊرائيو ۾ پروگرام ڊائون لوڊ ڪرڻ شروع ڪيا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن اها انڊيڪيش اچي ٿي ته اسپيس گھٽ آهي جڏهن ته ڊي ڊرائيو ۾ 18.1 جي بي اسپيس اڃا به خالي آهي جيڪا گھڻي آهي ـ اڳ ۾ سي ڊرائيو ۾ اسپيس جو مسئلو ڪونه هو پر ڪجھه پروگرام ڊائون لوڊ، ڊيليٽ ڪرڻ يا سي کان ڊي ڊرائيو ۾ شفٽ ڪرڻ کانپوءِ اهڙو مسئلو پيدا ٿيو آهي ۽ هاڻ سي ڊرائيو فل ڏيکاري ٿو ـ شايد بيڊ سيڪٽر جو مسئلو آهي ـ ڪو دوست واهر ڪري ته سندس ٿورا ـ
محترم محمد خان سيال صاحب.. سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار.. هارڊ ڊسڪ ۾ پاڻمرادو محفوظ ٿيندڙ ٽيمپريري ڊيٽا کي ختم ڪرڻ لاءِ هي موضوع پڙهو ۽ ان ۾ موجود جيٽ ڪلين سافٽويئر استعمال ڪري ڏسو...
سائين ذيشان رشيد صاحب....جواب ڏيڻ جي مهرباني ـ مون وٽ اڳ ئي هڪ سگھارو سافٽ ويئر ايڊوانسڊ سسٽم ڪيئر 8 لڳل آهي جنهن ۾ آٽوميٽيڪلي ريپيئر جو آپشن آهي ـ ان ۾ به جيٽ ڪلين سافٽ ويئر جون خوبيون آهن ـ اهو پروگرام روزانو 2 يا 3 ڀيرا هلائيندو آهيان ۽ ٿوري دير اڳ ان کي هلايم ته رجسٽريءَ جون 8 ايررس ڏيکاريائين جن کي ريپيئر به ڪيائين ـ انهيءَ کان علاوهه ايَ ڊي ڊبليو ڪلينر سافٽ ويئر به لڳل آهي جنهن کي پڻ ڏينهن ۾ 2 يا 3 ڀيرا هلائيندو آهيان ـ ڊسڪ ڪلين ۽ ڊسڪ ڊيفريگمنٽ الڳ هلائيندو آهيان ۽ ري سائيڪل بن به ڪليئر ٿيندي آهي ـ هاڻ ٻڌايو ته مٿي ڄاڻايل پروگرامن جي باوجود جيٽ ڪلين يا سي سي ڪلينر سافٽ ويئر لڳايان؟
توهان ٽيگ ڪيو، مون وٽ اطلاع نه پهتو، سنڌسلامت تي اطلاع سسٽم گهٽ ڪم پيو ڪري .. سائين محمد خان سيال جَن جي ڪمپيوٽر ۾ سگهارو وائرس داخل ٿي ويو آهي شايد.. سي.ڪلينر وغيره استعمال ڪرڻ سان به جيڪڏهن ميموري صحيح نه ڏيکاري ته پو ڪمپيوٽر کي ڊي.ايم هڻي نئين سر ونڊوز ڪرڻي پوندي. ۽ ڪمپيوٽر ۾ موجود جيڪو به مواد آهي ان کي گوگل ڊرائيو تي اپلوڊ ڪري ان کي محفوظ رکي سگهجي ٿو.
سي ڪلينر به لڳايو آهي پر ڪو فائدو ڪونه ٿيو آهي ـ ڇا ڪو اهڙو سگھارو اينٽي وائرس پروگرام ناهي جو وائرس کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري؟ هونئن به قائدآباد جا دوڪاندار جيڪا ونڊو وجھي ڏين ٿا سا مهينو به مشڪل سان هلي ٿي ـ
اينٽي وائرس ته کوڙ سارا آهن پر انهن مان سگهارو ڪهڙو آ تنهن جي مونکي به خبر نٿي پوي. توهان نوڊ 32 يا اويرا اينٽي وائرس انسٽال ڪريو. پر اهي اينٽي وائرس سسٽم کي ماڳهين سلو ڪري ڇڏين ٿا جيڪڏهن وائرس هوندو ته.. توهان يو.ايس.بي ۾ ڊيٽا لڳائي، ڪامپيوٽر جي سڀني ڊرائيوز کي ڊليٽ ڪري ٻيهر پارٽيشن ٺاهيو ۽ ونڊوز انسٽال ڪريو.
ونڊوز ٻيهر ڪرڻ هميشه آخر حل رکڻ گهرجي... باقي جيتري قدر توهان جي سگهاري پرواگرام جي ڳالهه آهي ته اهو منهنجو آزمايل ناهي.. ها البته جيٽ ڪلين منهنجو آزمايل آهي.. ۽ پڪ اٿم ته توهان جي ونڊوز ۾ ٺهندڙ ٽيمپريري فائلز کي ختم ڪري هارڊ ڊسڪ ۾ اسپيس جو اضافو ڪندو ... آزمائش شرط آهي... هوئن سائين پاڻ ۾ آهيون.. توهان پنهنجي ايڊريس آمريڪا لکي آهي ڇا اتي به ڪراچي جهڙي قائدآباد مارڪيٽ آهي ڇا..؟ ۽ ٻيو ته اڄ جي دور ۾ 80 جي بي هارڊ ڊسڪ گهٽ سمجهي وڃي ٿي.. جيڪا جلد ڀرجي سگهي ٿي... هڪ ٻي ڳالهه ڏسيان ته منهنجا ننڍڙو شيراز هاڻي ڏهين ڪلاس ۾ پهتو آهي ... جواني ۾ قدم رکڻ ڪري سندس جسم ۾ تبديلين سان گڏ خيال به تبديل ٿي رهيا آهن .. هڪ ڏينهن مون محسوس ڪيو ته سندس پي سي ۾ موجود 250 جي بي جي هارڊ ڊسڪ جو ونڊوز وارو پورشن لڳ ڀڳ 40 جي بي ڀريل لڳو.. جڏهن گهرائي سان چيڪ ڪيم ته خبر پئي ته ان ۾ 10 جي بي تائين گيت گانا ونڊوز فولڊر ۾ سسٽم 420 نالي فولڊر ٺاهي رکيا ويا هيا جيئن ٻين جي نظرن ۾ نه رهن... ان فولڊر کي هڪ ڌڪ سان ڊليٽ ڪندي ئي 10 جي بي اسپيس وڌي ويو... ڪاٿي توهان جو پي سي توهان جو نوجوان پٽ ته استعمال نه ڪري رهيو آهي...؟
محترم ذيشان رشيد صاحب....جواب ڏيڻ جي مهرباني ـ مون سي ڪلينر ۽ ايَ ڊي ڊبليو ڪلينر لڳايا آهن پر انهن مان ڪو خاص فائدو ڪونهي ـ هاڻ جيٽ ڪلين لڳائيندس ـ پنهنجوڪمپيوٽر مان پاڻ ئي ڪتب آڻيندو آهيان، ٻيو ڪوبه نه ـ گانا ۽ شارٽ فلمون ايف ۾ رکيل آهن البت سي ڊسڪ ڀريل ڏيکاري ٿو، ٻي حالت ۾ ڪمپوٽر هلڻ يا ان جي رفتار تي ڪو فرق ڪونه پيو آهي ۽ سڀ ڪجھه ظاهري طرح ٺيڪ آهي ـ سائين، مان ڪجھه عرصو آمريڪا ۽ ڪجھه هت گذاريندو آهيان، ڪو اعتراض؟
سائين اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار .... اميد ته اوهان جون لکڻيون هتي به پڙهڻ لاء ملنديون. حالات حاضره تي اوهان جون لکڻيون فيسبوڪ تي جام ملنديون آهن. ان سان گڏ اوهان جا سفرناما پڻ سٺا لڳندا آهن. مان سمجهان ٿو ته بهتر حل اهو آهي ته اوهان هڪ دفعو سي ڊرائيو فارميٽ ڪري ونڊوز ٻيهر ڪيو. ۽ گڏ جيٽ ڪلين انسٽال ڪيو ۽ ان کي هلائيندا رهو. سدا خوش هجو
سائين وساڻ صاحب ـ منهنجن لکڻين ۽ سفرنامن کي پسند ڪرڻ جا لک ٿورا ـ مون جيٽ ڪلين اڳ ئي انسٽال ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٿوري بهتري آئي آهي. مجموعي طور ڪمپيوٽر ڪو وڏو مسئلو پيدا نه ڪيو آهي ـ ان جي اسپيڊ به ٺيڪ آهي ۽ هلي به ٺيڪ ٿو ـ جيستائين هلي ٿو تيستائين ڪم هلائبو جو ونڊو جي اوريجنل سي ڊي ڏکي ملي ٿي ـ