منهنجي ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ جو مسئلو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    پڇڻا نه منجھڻا لاءِ سوال:
    منهنجي ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ 80 جي بي آهي جيڪو ڇهه مهينا اڳ مون خريد ڪيو هو ـ ٿورن ڏينهن کان، ان جي سي ڊرائيو ۾ مسئلو پيدا ٿي پيو آهي ـ سي ڊرائيو 18.6 جي آهي ـ ڪنٽرول پينل ۾ هن وقت ڪل 35 پروگرام لڳل آهن جن جي ڪل سائيز 1.23 جي بي ڏيکاريل آهي ـ جڏهن ته مائي ڪمپيوٽر کولڻ سان سي ڊرائيو ۾ ريڊ لائين ڏيکاري ٿو جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سي ڊرائيو مڪمل آهي ۽ ان ۾ رڳو 808 ايم بي جي معمولي گنجائش آهي ـ انهيءَ ڪري نوان پروگرام ڊائون لوڊ نه ٿا ڪري سگھجن ـ هاڻ مون سي بدران ڊي ڊرائيو ۾ پروگرام ڊائون لوڊ ڪرڻ شروع ڪيا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن اها انڊيڪيش اچي ٿي ته اسپيس گھٽ آهي جڏهن ته ڊي ڊرائيو ۾ 18.1 جي بي اسپيس اڃا به خالي آهي جيڪا گھڻي آهي ـ اڳ ۾ سي ڊرائيو ۾ اسپيس جو مسئلو ڪونه هو پر ڪجھه پروگرام ڊائون لوڊ، ڊيليٽ ڪرڻ يا سي کان ڊي ڊرائيو ۾ شفٽ ڪرڻ کانپوءِ اهڙو مسئلو پيدا ٿيو آهي ۽ هاڻ سي ڊرائيو فل ڏيکاري ٿو ـ شايد بيڊ سيڪٽر جو مسئلو آهي ـ ڪو دوست واهر ڪري ته سندس ٿورا ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادا اوهان CC Cleaner يا وري Jet Cleaner هلايو، اميد ته مسئلو حل ٿيندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم محمد خان سيال صاحب.. سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار..
    هارڊ ڊسڪ ۾ پاڻمرادو محفوظ ٿيندڙ ٽيمپريري ڊيٽا کي ختم ڪرڻ لاءِ هي موضوع پڙهو ۽ ان ۾ موجود جيٽ ڪلين سافٽويئر استعمال ڪري ڏسو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين ذيشان رشيد صاحب....جواب ڏيڻ جي مهرباني ـ مون وٽ اڳ ئي هڪ سگھارو سافٽ ويئر ايڊوانسڊ سسٽم ڪيئر 8 لڳل آهي جنهن ۾ آٽوميٽيڪلي ريپيئر جو آپشن آهي ـ ان ۾ به جيٽ ڪلين سافٽ ويئر جون خوبيون آهن ـ اهو پروگرام روزانو 2 يا 3 ڀيرا هلائيندو آهيان ۽ ٿوري دير اڳ ان کي هلايم ته رجسٽريءَ جون 8 ايررس ڏيکاريائين جن کي ريپيئر به ڪيائين ـ انهيءَ کان علاوهه ايَ ڊي ڊبليو ڪلينر سافٽ ويئر به لڳل آهي جنهن کي پڻ ڏينهن ۾ 2 يا 3 ڀيرا هلائيندو آهيان ـ ڊسڪ ڪلين ۽ ڊسڪ ڊيفريگمنٽ الڳ هلائيندو آهيان ۽ ري سائيڪل بن به ڪليئر ٿيندي آهي ـ هاڻ ٻڌايو ته مٿي ڄاڻايل پروگرامن جي باوجود جيٽ ڪلين يا سي سي ڪلينر سافٽ ويئر لڳايان؟
     
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان ٽيگ ڪيو، مون وٽ اطلاع نه پهتو، سنڌسلامت تي اطلاع سسٽم گهٽ ڪم پيو ڪري ..


    سائين محمد خان سيال جَن جي ڪمپيوٽر ۾ سگهارو وائرس داخل ٿي ويو آهي شايد..

    سي.ڪلينر وغيره استعمال ڪرڻ سان به جيڪڏهن ميموري صحيح نه ڏيکاري ته پو ڪمپيوٽر کي ڊي.ايم هڻي نئين سر ونڊوز ڪرڻي پوندي. ۽ ڪمپيوٽر ۾ موجود جيڪو به مواد آهي ان کي گوگل ڊرائيو تي اپلوڊ ڪري ان کي محفوظ رکي سگهجي ٿو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سي ڪلينر به لڳايو آهي پر ڪو فائدو ڪونه ٿيو آهي ـ ڇا ڪو اهڙو سگھارو اينٽي وائرس پروگرام ناهي جو وائرس کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري؟ هونئن به قائدآباد جا دوڪاندار جيڪا ونڊو وجھي ڏين ٿا سا مهينو به مشڪل سان هلي ٿي ـ
     
  8. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اينٽي وائرس ته کوڙ سارا آهن پر انهن مان سگهارو ڪهڙو آ تنهن جي مونکي به خبر نٿي پوي.
    توهان نوڊ 32 يا اويرا اينٽي وائرس انسٽال ڪريو. پر اهي اينٽي وائرس سسٽم کي ماڳهين سلو ڪري ڇڏين ٿا جيڪڏهن وائرس هوندو ته..

    توهان يو.ايس.بي ۾ ڊيٽا لڳائي، ڪامپيوٽر جي سڀني ڊرائيوز کي ڊليٽ ڪري ٻيهر پارٽيشن ٺاهيو ۽ ونڊوز انسٽال ڪريو.
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ونڊوز ٻيهر ڪرڻ هميشه آخر حل رکڻ گهرجي... باقي جيتري قدر توهان جي سگهاري پرواگرام جي ڳالهه آهي ته اهو منهنجو آزمايل ناهي.. ها البته جيٽ ڪلين منهنجو آزمايل آهي.. ۽ پڪ اٿم ته توهان جي ونڊوز ۾ ٺهندڙ ٽيمپريري فائلز کي ختم ڪري هارڊ ڊسڪ ۾ اسپيس جو اضافو ڪندو ... آزمائش شرط آهي...
    هوئن سائين پاڻ ۾ آهيون.. توهان پنهنجي ايڊريس آمريڪا لکي آهي ڇا اتي به ڪراچي جهڙي قائدآباد مارڪيٽ آهي ڇا..؟
    ۽ ٻيو ته اڄ جي دور ۾ 80 جي بي هارڊ ڊسڪ گهٽ سمجهي وڃي ٿي.. جيڪا جلد ڀرجي سگهي ٿي...
    هڪ ٻي ڳالهه ڏسيان ته منهنجا ننڍڙو شيراز هاڻي ڏهين ڪلاس ۾ پهتو آهي ... جواني ۾ قدم رکڻ ڪري سندس جسم ۾ تبديلين سان گڏ خيال به تبديل ٿي رهيا آهن .. هڪ ڏينهن مون محسوس ڪيو ته سندس پي سي ۾ موجود 250 جي بي جي هارڊ ڊسڪ جو ونڊوز وارو پورشن لڳ ڀڳ 40 جي بي ڀريل لڳو.. جڏهن گهرائي سان چيڪ ڪيم ته خبر پئي ته ان ۾ 10 جي بي تائين گيت گانا ونڊوز فولڊر ۾ سسٽم 420 نالي فولڊر ٺاهي رکيا ويا هيا جيئن ٻين جي نظرن ۾ نه رهن... ان فولڊر کي هڪ ڌڪ سان ڊليٽ ڪندي ئي 10 جي بي اسپيس وڌي ويو... :)
    ڪاٿي توهان جو پي سي توهان جو نوجوان پٽ ته استعمال نه ڪري رهيو آهي...؟ :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    :D:D:D:D:p وڏي ڳالهه آ.
     
  11. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    محترم ذيشان رشيد صاحب....جواب ڏيڻ جي مهرباني ـ مون سي ڪلينر ۽ ايَ ڊي ڊبليو ڪلينر لڳايا آهن پر انهن مان ڪو خاص فائدو ڪونهي ـ هاڻ جيٽ ڪلين لڳائيندس ـ پنهنجوڪمپيوٽر مان پاڻ ئي ڪتب آڻيندو آهيان، ٻيو ڪوبه نه ـ گانا ۽ شارٽ فلمون ايف ۾ رکيل آهن البت سي ڊسڪ ڀريل ڏيکاري ٿو، ٻي حالت ۾ ڪمپوٽر هلڻ يا ان جي رفتار تي ڪو فرق ڪونه پيو آهي ۽ سڀ ڪجھه ظاهري طرح ٺيڪ آهي ـ سائين، مان ڪجھه عرصو آمريڪا ۽ ڪجھه هت گذاريندو آهيان، ڪو اعتراض؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار .... اميد ته اوهان جون لکڻيون هتي به پڙهڻ لاء ملنديون.

    حالات حاضره تي اوهان جون لکڻيون فيسبوڪ تي جام ملنديون آهن. ان سان گڏ اوهان جا سفرناما پڻ سٺا لڳندا آهن.

    مان سمجهان ٿو ته بهتر حل اهو آهي ته اوهان هڪ دفعو سي ڊرائيو فارميٽ ڪري ونڊوز ٻيهر ڪيو. ۽ گڏ جيٽ ڪلين انسٽال ڪيو ۽ ان کي هلائيندا رهو.

    سدا خوش هجو
     
  13. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين وساڻ صاحب ـ منهنجن لکڻين ۽ سفرنامن کي پسند ڪرڻ جا لک ٿورا ـ مون جيٽ ڪلين اڳ ئي انسٽال ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٿوري بهتري آئي آهي. مجموعي طور ڪمپيوٽر ڪو وڏو مسئلو پيدا نه ڪيو آهي ـ ان جي اسپيڊ به ٺيڪ آهي ۽ هلي به ٺيڪ ٿو ـ جيستائين هلي ٿو تيستائين ڪم هلائبو جو ونڊو جي اوريجنل سي ڊي ڏکي ملي ٿي ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو