محمد خان سيال
سينيئر رڪن
پڇڻا نه منجھڻا لاءِ سوال:
منهنجي ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ 80 جي بي آهي جيڪو ڇهه مهينا اڳ مون خريد ڪيو هو ـ ٿورن ڏينهن کان، ان جي سي ڊرائيو ۾ مسئلو پيدا ٿي پيو آهي ـ سي ڊرائيو 18.6 جي آهي ـ ڪنٽرول پينل ۾ هن وقت ڪل 35 پروگرام لڳل آهن جن جي ڪل سائيز 1.23 جي بي ڏيکاريل آهي ـ جڏهن ته مائي ڪمپيوٽر کولڻ سان سي ڊرائيو ۾ ريڊ لائين ڏيکاري ٿو جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سي ڊرائيو مڪمل آهي ۽ ان ۾ رڳو 808 ايم بي جي معمولي گنجائش آهي ـ انهيءَ ڪري نوان پروگرام ڊائون لوڊ نه ٿا ڪري سگھجن ـ هاڻ مون سي بدران ڊي ڊرائيو ۾ پروگرام ڊائون لوڊ ڪرڻ شروع ڪيا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن اها انڊيڪيش اچي ٿي ته اسپيس گھٽ آهي جڏهن ته ڊي ڊرائيو ۾ 18.1 جي بي اسپيس اڃا به خالي آهي جيڪا گھڻي آهي ـ اڳ ۾ سي ڊرائيو ۾ اسپيس جو مسئلو ڪونه هو پر ڪجھه پروگرام ڊائون لوڊ، ڊيليٽ ڪرڻ يا سي کان ڊي ڊرائيو ۾ شفٽ ڪرڻ کانپوءِ اهڙو مسئلو پيدا ٿيو آهي ۽ هاڻ سي ڊرائيو فل ڏيکاري ٿو ـ شايد بيڊ سيڪٽر جو مسئلو آهي ـ ڪو دوست واهر ڪري ته سندس ٿورا ـ