نيٺ گونگي ڳالهايو

'سنڌي ادب' فورم ۾ Rabel Napar Sindhi طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2014۔

  1. Rabel Napar Sindhi

    Rabel Napar Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌي ڊيٽا انٽري
    ماڳ:
    ڪراچي
    بيوٽي پارلر ۾ شاليءَ کان هار سينگار ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد جي چونڊ ڪامورن ۽ سفيرن، سياستدانن جون گهر واريون ۽ گهر ڀاتياڻيون اينديون هيون،، ان حوالي سان سندس اٿڻ ويهڻ وڏي اثر رسوخ وارن ماڻهن سان هو، شروعات ۾ هوءَ مون کي سول ۽ ملٽري انٽيليجنس جي ايجنٽ محسوس ٿيندي هئي، خاص ڪري هوءَ جڏهن ڏاڍي غور سان ۽ تجسس سان "سنڌ جي سياسي حالتن تي ڳالهائيندي ۽ بحث ڪندي هئي، تڏهن مون کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيندي هئي ، هوءَ کوٽي کوٽي سنڌ بابت سوال ڪندي هئي،
    سنڌي شاگردن جون ڪيتريون تنظيمون آهن ؟
    ڪهڙيون ڪهڙيون شاگرد تنظيمون هڪ ٻئي جي خلاف آهن؟
    ڪهڙين شاگرد تنظيمن جو سياسي پارٽين سان واسطو آهي؟
    سنڌ ۾ ڏيڍ سر واريون ايتريون سياسي پارٽيون ڇو آهن ؟
    " سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ فقط نوجوان ڇو آهن ؟ "
    ۽ اهي نوجوان جڏهن نوڪرين چاڪرين ۽ ڪمن ڪارين سان لڳندا آهن تڏهن کائنس ڦري ڇو ويندا آهن ؟
    ٽولن ۾ فقط پيشہ ور ڌاڙيل آهن يا ناراض ٿيل نوجوان ۽ بيروزگار ، ڊاڪٽر، انجنئير ۽ آرٽس گريجوئيٽ؟
    مان سندس اهڙن سوالن جا جواب نہ ڏيندو هوس، کيس ٽاري ڇڏيندو هيس، اهڙن سوالن جي ڀرمار سبب هڪ دفعي چيو هو مانس ٻيلي سچ ٻڌائجانءِ شالي، تون ڪنهن انٽيليجنس اداري جي ايجنٽ ت نہ آهين ؟؟
    ڏاڍو کلي هئي : ٽهڪ ڏيندي چيو هئائين " توهين سنڌي شڪي ٿيندا آهيو ؟
    هڪدم وراڻيو هيم " شڪي هجئون ها تہ انيڪ سازشن جي انيڪ ڄارن ۾ نہ ڦاسئون ها "
    اهو تہ ڀلا ٻڌاءِ ت مون کانسواءِ ٻين ڪيترن سنڌين کي سڃاڻين ؟
    وڏو ٽهڪ ڏنو هيائين ۽ چيو هيائين مون وٽ لسٽ آهي ڏسندين ؟
    پڇييو هيم ان لسٽ ۾ منهنجو نالو ٻہ شامل آهي ڇا؟
    عجيب قسم جي مُرڪ سندس چپن تي تري آئي هئي چيو هيائين منهنجي لسٽ ۾ فقط ووٽ وٺن وارن جا نالا شامل آهن ووٽ ڏيڻ وارن جا نہ ،
    چيو هيم ان جو مطلب آهي تہ مان تنهنجي لسٽ مان خارج آهيان
    وراڻيو هيائين مون وٽ هڪ ٻي لسٽ بہ آهي ان ۾ تنهنجو نالو آهي ( جملو روڪيو هئائين ۽ وري چيو هئائين) ان لسٽ ۾ فقط تنهنجو نالو آهي فقط تنهنجو نالو.
    مان وِکَ کڻي سندس سامهون وڃي ٻيٺو هيس چيو هيم
    شالي " مون زندگي ۾ ڏائڻ ڏٺي تہ ناهي ، پر ٻڌو اٿم تہ ڏاڍي سهڻي ٿيندي آهي ۽ سيني مان دل ڪڍي وٺندي آهي، تون منهنجي زندگي جي پهرين ۽ آخري ڏائڻ آهين "
    امر جليل
    ناول نيٺ گونگي ڳالهايو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو