نظم ساگر امداد اسان جي ديد جي دنيا ڇنل ڪنهن پوتڙي جهڙي اوهان جي سونهن آ سائين پسيل هن ڳوٺڙي جھڙي، جتي رولاڪ نيڻن جا رلن ٿا ٻار ريلن ۾، ڊڪي ٿو عشق مارِي ٿي پون ٿا ٽاهه ڊيلن ۾، اٿين ٿي جت اکيون مهٽي، صبح جو ٿو بدن مهڪي، گلن جا هانءُ ٿا ڇرڪن پکين جي ننڊ ٿي اڊڙي، سموري ڄڻ خدائي آ لٿي تنهنجي نگاهن ۾، اوهان جي هر ادائن ۾، سوين سارنگ پيا سهڪن، هوا جا انگ پيا سهڪن، سمويل سينڌ تنهنجي ڄڻ وراڪو وڄ سندو ڪوئي، اڏاريل دلبريون تنهنجون ڏسي ريسون ڪندو ڪوئي، حيا جي حد منجھان هڪڙي لڄاري لوڏ ڇا چئجي، بدن جي بانوريءَ رُتَ جي هٺيلي هوڏ ڇا چئجي، اوهين ڪنهن ڪاڪ جا ڪنگرا اسان جي آ حياتي ڄڻ جھريل ڪنهن جھوپڙي جھڙي اوهان جي سونهن آ سائين، پسيل هن ڳوٺڙي جھڙي...!!! پسيل هن ڳوٺڙي جھڙي...!!!