اسان جي ديد جي دنيا......... ساگر امداد

'سنڌي شاعري' فورم ۾ وسيم الرحمان نهڙيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2014۔

  1. وسيم الرحمان نهڙيو

    وسيم الرحمان نهڙيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2012
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    تعليم جاري
    ماڳ:
    سيڌيو ٿر تعلقو ڌيپلو
    نظم

    ساگر امداد

    اسان جي ديد جي دنيا

    ڇنل ڪنهن پوتڙي جهڙي

    اوهان جي سونهن آ سائين

    پسيل هن ڳوٺڙي جھڙي،

    جتي رولاڪ نيڻن جا

    رلن ٿا ٻار ريلن ۾،

    ڊڪي ٿو عشق مارِي ٿي

    پون ٿا ٽاهه ڊيلن ۾،

    اٿين ٿي جت اکيون مهٽي،

    صبح جو ٿو بدن مهڪي،

    گلن جا هانءُ ٿا ڇرڪن

    پکين جي ننڊ ٿي اڊڙي،

    سموري ڄڻ خدائي آ

    لٿي تنهنجي نگاهن ۾،

    اوهان جي هر ادائن ۾،

    سوين سارنگ پيا سهڪن،

    هوا جا انگ پيا سهڪن،

    سمويل سينڌ تنهنجي ڄڻ

    وراڪو وڄ سندو ڪوئي،

    اڏاريل دلبريون تنهنجون

    ڏسي ريسون ڪندو ڪوئي،

    حيا جي حد منجھان هڪڙي

    لڄاري لوڏ ڇا چئجي،

    بدن جي بانوريءَ رُتَ جي

    هٺيلي هوڏ ڇا چئجي،

    اوهين ڪنهن ڪاڪ جا ڪنگرا

    اسان جي آ حياتي ڄڻ

    جھريل ڪنهن جھوپڙي جھڙي

    اوهان جي سونهن آ سائين،

    پسيل هن ڳوٺڙي جھڙي...!!!

    پسيل هن ڳوٺڙي جھڙي...!!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو