وسعت الله خان خان صاحب، آهستي آهستي پنجاھ هزارن جو قالين پنج سئو رپين ۾ وڪڻڻ لاءِ تيار آهي پر پوءِ به ڪير خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪٿي چئن سيٽن کان ڪهڻي شروع ٿي ۽ ڪٿي سول نافرمانيءَ کان اڳتي وڌي اٺيتاليهه ڪلاڪن جي هڪ ٻئي الٽيميٽم تائين اچي وئي، خان صاحب اهو به تسليم ڪري ورتو ته وزيراعظم کي قانوني طريقي سان هٽائڻ مشڪل آهي، تنهنڪري الٽيميٽم ختم ٿيڻ کانپوءِ منهنجا ڪارڪن ڄاڻن ۽ نواز شريف ڄاڻي. صاف نظر پيو اچي ته هاڻي هو جنهن ڏاڪڻ تي چاڙهي مارگلا تي پهچايو ويو جتان لهڻ محال آهي. ڏاڪڻ به اها، جنهنجي آپريٽرن ۾ شيخ رشيد، ۽ چوڌري برادران جهڙا گڙنگ ۽ ڊگهي نظر رکڻ وارا شخص آهن. هن وقت عمران خان لاءِ نواز شريف کان به وڏو مسئلو اهو مجموعو آهي جنهن کي هو ٻين کان نڪرندڙ سونهري مستقبل جون مڌر ڌنون ٻڌائيندي ٻڌائيندي ريڊ زون جي سرحد تائين وٺي آيو آهي. مجموعو مست آهي ۽ ايترو مست آهي جو جيڪڏهن بين رکي ڇڏي ته ڪٿي جوڳيءَ کي ئي وٺڻ بدران ڏيڻا نه پئجي وڃن. علامه طاهر القادري بظاهر لک دفعا جذباتي ٿي سگهي پر انگريزيءَ جي محاوري وانگر ديئر از ميٿڊ ان هز ميڊنيس. انقلاب آيو آيو نه آيو نه آيو. ٻيو وٺي اينداسين بازار مان جيڪڏهن ڀڄي پيو ته، هونئن به سندس سياست جو محور اهو فلسفو آهي. ”قادري سوئيٽ مارٽ، هتي هر قسم جو مال آرڊر مطابق تسلي بخش تيار ڪيو ويندو آهي. ”ڪوڙو ثابت ڪندڙ کي ڏھ هزار رپيا روڪ“ وڪاميو ته وڪاميون نه ته پاڻ کائي ڇڏينداسين. مهم جوئيءَ جي ڊيپ فريزر ۾ رکي ۽ ٽورنٽو ۾ ته هونئن به ڊيپ فريز جي ضرورت ناهي. پر مقامي مدبر عمران خان کي سوچڻ کپي ته وٽس هڪ سڄي صوبي جي حڪومت آهي. جنهن کي ايندڙ چئن سالن ۾ ترقي ۽ فلاح جو شوڪيس بڻائڻ کان ڪنهن ناهي جهليو. جيڪڏهن ماڻهو ڪجهه ڏسي عبدالستار ايڌي ۽ شوڪت خانم اسپتال جي مدد ڪري سگهن ٿا ته هڪ صوبي جي مدد ڇو ڪونه ڪندا. آخر نريندر موديءَ به ته غريب ٻارن ۾ سياست ڪندي پنهنجي رياست گجرات کي ترقيءَ جو شوڪيس بنايو يا نه. ۽ ان جي نتيجي ۾ اڄ هو دهلي ۾ براجمان آهي. جيڪڏهن ان موديءَ جي جاءِ تي ڪنهن پرويز خٽڪ جي سرڪار هجي ها ته سوچيو ڇا ٿئي ها! گجراتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيا هجن ها ۽ چيف منسٽر ٽمڪا هڻي هڻي سندن من وندرائي رهيو هجي ها. ۽ جيستائين شريف برادران جو تعلق آهي ته ايترا موقعا ته آسمان بني اسرائيل کي ناهن ڏنا جيترا شريف ڀائرن کي ملي ويا، پر سندن تصور تاج محل جي ترقيءَ کانسواءِ ڪجهه ڏسي ئي نه ٿو سگهي. او، بابا پهريون غريب جي جهڳيءَ ۾ ڏيڻو ٻاريو پوءِ لال قلعو ٺاهيو، گسائيندڙ بيروزگارن کي ڀلي ملازمت نه ڏيو گهٽ ۾ گهٽ بيروزگاريءَ ۾ ته ميرٽ رکو. گهٽين مان گند ڪچري جي صفائيءَ لاءِ ته خودمختيار مڪاني ادارا ٺهڻ ڏيو، ان کانپوءِ نوان موٽر وي به ٺهرائجو. پهريون پرائمري اسڪولن ۾ ٻارڙن جي لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي نون ليٽرن ۽ استادن جو ته انتظام ڪريو ان کان پوءِ جيڪي پئسا بچن ته انهن مان دانش اسڪول جو شوق به پورو ڪري وٺجو، پهريون پوليس کي ته هڪ آزار، قابل اعتبار، منظم ۽ انساني ادارو بنايو ان کانپوءِ پنهنجي لاءِ سئو بُلٽ پروف گاڏيون ۽ هڪ هزار بارود سنگهندڙ ڪتا ۽ هڪ هزار موبائيل جيمرز به گهرائي وٺجو، توهان کوڙ سارا مشير رکي ڇڏيا آهن ڪاش ڪو وزير تاريخ لاءِ به ڀرتي ڪيو ها. جيڪو هر روز صبح جو نيرن جي ڀريل ميز تي توهان کي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪري ته ميان صاحب، فرانس جي ملڪ به پنهنجي محل جي بالڪونيءَ مان بکايل بيروزگارن جو هجوم ڏسي چيو هوته هي ماڻهو ماني ڇو پيا گهرن؟ ڇا ڪيڪ به خريد ڪري نه ٿا سگهن. ان کان پوءِ به جيڪڏهن فرانس ۾ انقلاب نه اچي ها ته لعنت هئي اهڙن فرانسين تي، ۽ هي مشير ٻڌائي ته بقول آمريڪي سفير وليم سيليون، جڏهن رضا شاھ پهلويءَ کي هيلي ڪاپٽر ۾ ويهاري تهران جو چڪر ڏياريو ويو ته شاھ انهن عمارتن جن مان دونهون نڪري رهيو هو، کي ڏسي پڇيو ته هي ڪير ماڻهو آهن، جيڪي اسانجي ترقيءَ کان سڙن ٿا، انهن کي تهران اچڻ جي اجازت ڏني. پر فرانس کي ته انقلاب آڻڻ لاءِ روسو والٽيئر، مانٽيسڪڻو، جهڙا فلاسفر ۽ روبسپيئر جهڙا علميت پسند ۽ اولپي دي گوگي جهڙي اديبه ملي وئي هئي. ايران کي ته علي شريعتي، تودي پارٽي ۽ خميني دستاب ٿي ويا، اسانجي حصي ۾ طاهر القادري، رفيق عباسي، عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ شيرين مزاري وغيره الاٽ ٿي ويا. سندن انقلاب في الحال ” پنجاب لاءِ پنجاب ۾، پنجاب ذريعي کانسواءِ ڪجهه ناهي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وارن جو ته پڙهڻ لکڻ سان ايترو تعلق ناهي پر ”قبله“ جا جٿا ۽ خان صاحب جي جماعت ۾ نه چڱا ڀلا پڙهيا لکيا ماڻهو آهن .ڇا ڪنهن ۾ اخلاقي جرئت ناهي جو ٻنهي کي ٻڌائي سگهن ته ادا گذريل ست هزار سالن ۾ آيل انقلابن جي تاريخ ئي پڙهي وٺو، انقلاب هن وقت تائين صرف انهن معاشرن ۾ آيو آهي، جن جي زبان، زمين، ثقافت، مسئلن سوچ ۽ مستقبل جو خاڪو هڪ جهڙو هو. چاهي اهو چوڏهن سئو سال اڳ وارو مڪو هجي، ٻه سئو سال اڳ وارو فرانس ۽ آمريڪا يا ويهين صديءَ جو چين ۽ ايران يا وري ايڪيهين صديءَ جي عرب بهار. ننڍي کنڊ المعروف هندستان جي زمين ۾ اڄ تائين ڪو انقلاب انهي آيو هتي گذريل ست هزار سالن کان ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو جي بنياد تي ئي زندگي روان دوان آهي، جتي ڀانت ڀانت جون قومون، ٻوليون، الڳ الڳ مسئلا ۽ سوچ، نظريا ۽ عقيده هجن اتي ارتقائي عمل ته ممڪن اهي. انقلاب ڏاڍو مشڪل ايندو آهي. ۽ رهي ڳالهه انقلاب بذريعي لانگ مارچ ته توهان ته صرف لاهور کان آبپارا تائين عظيم لانگ مارچ ڪيو آهي، جنهنجو ٿڪ اڃا لهي نه سگهيو اٿو. ماما قدير ته ڪوئيٽا کان ڪراچيءَ ۽ ڪراچي کان اسلام آباد تائين ڪجهه عورتن ۽ ٻارن سان ٻه هزار ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو. ڇا هو ماڊل ٽائون جي القادريه ۾ هڪ رات جي قيام ۽ اسلام آباد جي نبي گالا ۾ هڪ وقت جي چانهن جو به مستحق نه هو؟ هن ڪنهن آبپاراه جي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ڇا هو انقلابي ناهي، سمورن شو بس لاهور کان اسلام آباد ۽ باقي صوبن لاءِ صرف هي پيغام ته مينهن ڙي مينهن توکي چور ڪاهي ويا، جنهن تي مينهن پٺتي نهاري چيو ته ڪير به ڪاهي وڃي اسان کي گاھ ئي ملندو. رهي ڳالهه انقلاب بذريعي ڌرڻو به ته ڇا توهان نه ڏٺو ته نيٽو سپلاءِ روڪڻ لاءِ پشاور جي رنگ روڊ تي پنهنجي ئي حڪومت جي ڌرڻي جو ڪهڙو حشر ٿيو؟ هاڻي ان جو ڪير ذڪر به نه ٿو ڪري ۽ ڇا ” قبله“ زرداري حڪومت جي نڪ هيٺان پنهنجي پنجن ڏينهن واري ڌرڻي کي وساري ويٺو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اهي ئي ماڻهو اڳتي آيا، جن کي ”قبله“ صبح يارهين وڳي تائين استعفيٰ ڏيڻ جو اليٽميٽم ڏنو هو. حضور، هاڻي ته هڪ هفتو ٿيڻ وارو آهي اسلام آباد جي ٻاڙن کي اسڪول جي ضرورت آهي، پشاور جي برسات متاثرن کي سرڪاري شفقت جي ضرورت آهي. درآمدين، برآمدين کي ڊالرن جي ضرورت آهي، اوهان هڪ سئو چاليهه ڪلاڪ انقلاب جي سائيڪل هلائي نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، هاڻي مخالف ڌر هٿان شربت پي سائيڪل تان لهي اچو، ۽ وڪٽريءَ جو نشان ٺاهي انقلاب زنده باد، آزادي پائينده باد جو نعرو هڻندي بلٽ پروف گاڏيءَ ۾ ويهي، نواز شريف جي موٽروي بدران شير شاھ سوري جي جي ٽي روڊ ذريعي لاهور جو رخ ڪيو. رستي ۾ بيهندا بيهندا اهو به ضرور چوندا وڃو ته في الحال ته مان سراج الحق، خورشيد شاھ ۽ الطاف حسين جي ڳالهه رکان پيو پر جلدئي ڪفن پوش ٿي وري ايندس ۽ ايندڙ ڀيرو خدا جو قسم حڪومت جون وايون ئي بتال ڪري ڇڏڻ کانسواءِ واپس نه ٿيندس. جلدي ڪيو، ڪٿي ايئن نه ٿي وڃي ته توهان ايئن ئي ڪوھِ ڪنٽينر تي چڙهيل رهو ۽ ڪو تارازيءَ وارو بندر اچي ۽ ٻنهي پڙن ۾ ماني هڪجيتري هڪ جيتري تورڻ جي چڪر ۾ سموري سياسي ماني کائي وڃي. بشڪريه وسعت الله خان.
مشتري هُشيار باش! انقلاب مارچ يا آزادي مارچ سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي مسئلن جو حل نه پر ڪُئيڪ مُشرف مارچ جو منشور آهي! ۽ پاڪستان يا سسٽم چينج مارچ نه آهي پر واحد پنجاب صوبي جو لاهور مارچ آهي ۽ لاهور تي قابض ٽن لاهوري شهزادن (گُروپن) جي پاڻ ۾ جنگ آهي! سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون بيوقوف ۽ جذباتي نه ٿين پر ان بجاءِ ! سنڌ ۽ بلوچستان جي دانشورن، ليکڪن، اديبن، جرنلسٽ، ڪالم نگارن، رپورٽرن، سياسي، سماجي، مذهبي، فڪري، رواجي، سول سوسائٽي سنڌ ۽ بلوچستان جي محروم ٿيل ۽ ڏتڙيل عوام کي گهُرجي ته پنهنجي حقن کي لنڪ ڪن! پاڪستان ۾ جيئن ته 1948 جون ٽي طاقتور قوتون نئين تواريخ مُرتب ڪرائڻ ۾ آهن ته اُن ۾ پنهنجي صوبن (سنڌ ۽ بلوچستان) جي حقن لاءِ به حصو گهرن ۽ اڳتي وڌن ۽ متان وري 1947، 1948، 1949 واريون جذباتي غلطيون وري نه دُهرائين ۽ متان وري ٽن قوتن طرفان رائج 1948 ڪوٽا سسٽم ۾ رائج نه ٿي وڃي جيڪو عملي طور تي رائج به آهي. هوش ڪري ويهجو متان ڪي اناڙي ٻين جي مُفاد لاءِ ڪم ڪري ويهن يا (وين ڊيم بروڪ) ڪهاڻي وانگر اکيون پوري پويان ڀڄن، ۽ طرفداري ڪن. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي گهُرجي ته هاڻ لوه بلڪل گرم آهي ۽ وقت آهي ته ڳالهائڻ ۾ پنهنجي محرومين ۽ مسئلن کي به لنڪ ڪن. جذباتي وهڪري ۾ وهي سندن پويان ڀڄڻيا هلڻ بجاءِ پاڻ سان ٿيل محرومين ۽ زيادتين جو اظهار ڪري پنهنجي ئي پِوٽ (مرڪز) تان اڳتي وڌن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي اصل محروم قومن جي مسئلن جو به ڪو ازالو ٿئي. ۽ نه ئي پرائي شاديءَ ۾ پاڻ نچڻ جي ڪوشش ڪن. ڇو جو انقلابي يا آزادي مارچ پاڪستان جي صوبن جو نه پر واحد ڊڪٽيٽر مُشرف ڪُئڪ مارچ اشو آهي ۽ هڪ نمائندو شيخ رشيد آزادي مارچ سان ته ٻيو نمائندو چوڌري ڀائُر انقلاب مارچ جي رهنمائي پيا ڪن! جن جو پنجاب صوبي لاهور ۾ رهڻ وارن سان مسئلو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون ته شروع کان ئي مصيبن ۾ آهن ۽ رهندا جيسين ڪه هو ٻين جو چولو جهلڻ نه ڇڏيندا. مشتري هوشيار باش!
پنهنجي سوشل ميڊيا فورم کي فڪري ۽ ذهني سوچ علمي انقلاب ۾ آڻي سنڌ بچايو علم وڌايو! سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب آڻڻ (برين واش) جي ضرورت تي زور ڏجي. ۽ اهو ڪردار صرف ۽ صرف سنڌي ۽ بلوچي ليکڪ ئي ڪري سگهن ٿا ٻيو ڪو به نه. جيڪي پنهنجي هر سماجي، معاشرتي، ڊرامائي، تخليقي يا خابرو(نيوز) لکت ۾ علم جي حصول لاءِ لکتون لکي قوم جي برين واش ڪن. جيسين لکياري اهو ڪم نه ڪندا سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب ڪونه ايندو ڇو جو سندن ذهنن ۽ رت کي سازشي قُوتن بُزرگن ، ولين ۽ درويشن جي مزارن تي اوتارا يونيورسٽيون قائم ڪري نشي (سُلفي، ڀنگ، شراب ، هيروئن وغيره) جهڙو زهر پياري سنڌي غريب عوام کي ذهني طور تي بلڪل مائوف ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن جي رت مان نشي واري غلاظت ڪڍڻ بنان علم جو حصول ممڪن ئي ناهي. جديد سائنسي طريقن موجب انهيءَ کي برين واش چئي سگهجي ٿو. پاڪستان جي 67 سالن کان قائم ٿيڻ، جلسن، جُلوسن، نعرن، شامون ۽ راتيون ملهائڻ جي 67 سال جدوجهد کان پوءِ به سنڌي ۽ بلوچ قومن ۾ علم لاءِ گهُربل ذهني سوچ ۽ سُڄاڳي پئدا نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو واحد ۽ واحد ڪارڻ تنظيمن ۾ ڊومينيشن ڪندڙ نشائي ڪلچر آهي جيڪو هر اجتماع کان کائڻ ۽ کارائڻ واري تقريب ۾ پوءِ ڏسي سگهجي ٿو جتي سُوٽا به لڳن ٿا ته پيگ جا پيالا به پيئجن ٿا. مشاهدي ۾ آيل آهي ته جنهن تقريب ۾ اهو اهتمام ناهي اُتي وري تقريب دوران ڪوڪا ڪولا۽ پيپسيءَ ۾ ڪن خاص مدعو ٿيندڙن لاءِ اهي اهتمام ڪيل هوندا آهن. ڪن وائيٽ ڪالر اديبن ۽ شاعرن طرفان دعوت به تڏنهن قبول ڪئي ويندي آهي جڏنهن کين کائڻ پيئڻ وارن لوازمات ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائبي آهي ۽ جيڪي خُشڪ محفلون اهن اُنهن ۾ تعداد ئي ڪونه هوندو آهي. ادب، شاعري ۽ ڊراما نگاريءَ جي لکتن ۾ گهڻي قدر پيار ۽ عشق سمايل آهي ته جرنلزم ۽ خبرنامن وغيره ۾ وري ڌاڙيلگيري، ڪامورا شاهي، جاگيرداري، ۽ گهڻي ڀاڱي وڏيرا شاهيءَ کي اُجاگر ڪيل آهي ۽ انهن پاٿاريدارن جي فروغت لا انٽرويو به . جيڪي سول سوسائٽي، سماجي تنظيمون يا اين جي اوز ڳوٺ ڳوٺ وڃي تبليغون ڪن ٿا اُهي به انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن ۽ ڪامورن جا مهمان هوندا آهن ته تقريرُن يا بيٺڪن سان ذهني انقلاب ڪونه ايندو. پهريون انقلاب قومن جي رت ۾ نشي جهڙو زهر ڪڍڻ ، جنهن ۾ يقينن وقت گهربو ڇو جو هن ۾ هاڻ معاشري جو هر فرد وڪڙجي ويو آهي ۽ اهو تڏنهن مُمڪن آهي ته نشي جو آزاديءَ سان ملڻ وارو هضول بند ڪيو وڃي ۽ هر نشائيءَ جو سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي. ٻيو حصول نئين جنريشن کي ان علت کان بچائڻ ۽ پاسيرو ڪرڻ جو آهي ته هي سماجي، سول ۽ اين جي اوز تنظيمون هر علائقي ۾ وڃي اُتي پاڻ به موبائل ايجيوڪيشن جو اهتمام ڪن ۽ اُتي جي ماڻهن کي به انگيج ڪن ۽ بنگلن ۽ گهرن ۾ ويهي نه پر ٽينٽن ۽ جهوپڙين ۾ ويهي، وڻن هيٺان ويهي جيئن عام ڳوٺائي رهندڙ آهي ۽ پوءِ اُن جي مُسلسل رکوالي ۽ نگراني ڪن ته علم جو انقلاب ايندو. ٻيو ڪو حل آهي ئي ڪونه 67 سالن جو تجربو ٻُڌائي ٿو بلڪه ويتر بُڇڙائي، جهالت، توهم پرستي وڌندي وڃي. شعر شاعري، ڊراما، ڪتاب به علم پرايو مضمونن تي ئي هُجن ڇو جو عشق مُشڪ ۽ فحاشي تبليغ هاڻ گهڻي ٿي، سون تي سُهاڳ جو ڪم ٿيندو جڏنهن عام سنڌي به پنهنجي سوشل ميڊيا ڪرتن کي به خود نمائيءَ کان ڪڍي علم انقلاب طرف آڻڻ لا استعمال ڪندو ڇو جو سنڌ جي بقا جو سوال اهي. ائين ڪرڻ سان اجاين تصويرن کي فليش ڪري ڪامينٽس وٺڻ بجا گهر ويٺي به هر فرد علم انقلاب ۽ سوچ پئدا ڪري سنڌ ۽ بلوچستان بچائي سگهي ٿو. ممڪن ڪا ڳالهه ناهي پر وقت طلب ۽ ٿورڙي مُشڪل ضرور آهي جي ٻه ماڻهون به ايجيوڪيٽ مشن طرف راغب ٿيا ته هو ٻيا گهڻا گهر راغب ڪري وٺندا ۽ سنڌ جي روايت به ته آهي! (ڦُڙي ڦُڙِي درياءُ) پوءَ گهٻرايو ڇو ٿا ٻانهه ٻيلي ٿيو اسان سان ، اسانجي آئڊيا سان! يا پنهنجو پاڻ پنهنجي آئڊيا سان !پر آڻيو تعليمي انقلاب! جلد از جلد سنڌي قوم ۾!