منصور سرور
سينيئر رڪن
وسعت الله خان
خان صاحب، آهستي آهستي پنجاھ هزارن جو قالين پنج سئو رپين ۾ وڪڻڻ لاءِ تيار آهي پر پوءِ به ڪير خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪٿي چئن سيٽن کان ڪهڻي شروع ٿي ۽ ڪٿي سول نافرمانيءَ کان اڳتي وڌي اٺيتاليهه ڪلاڪن جي هڪ ٻئي الٽيميٽم تائين اچي وئي، خان صاحب اهو به تسليم ڪري ورتو ته وزيراعظم کي قانوني طريقي سان هٽائڻ مشڪل آهي، تنهنڪري الٽيميٽم ختم ٿيڻ کانپوءِ منهنجا ڪارڪن ڄاڻن ۽ نواز شريف ڄاڻي.
صاف نظر پيو اچي ته هاڻي هو جنهن ڏاڪڻ تي چاڙهي مارگلا تي پهچايو ويو جتان لهڻ محال آهي. ڏاڪڻ به اها، جنهنجي آپريٽرن ۾ شيخ رشيد، ۽ چوڌري برادران جهڙا گڙنگ ۽ ڊگهي نظر رکڻ وارا شخص آهن. هن وقت عمران خان لاءِ نواز شريف کان به وڏو مسئلو اهو مجموعو آهي جنهن کي هو ٻين کان نڪرندڙ سونهري مستقبل جون مڌر ڌنون ٻڌائيندي ٻڌائيندي ريڊ زون جي سرحد تائين وٺي آيو آهي. مجموعو مست آهي ۽ ايترو مست آهي جو جيڪڏهن بين رکي ڇڏي ته ڪٿي جوڳيءَ کي ئي وٺڻ بدران ڏيڻا نه پئجي وڃن.
علامه طاهر القادري بظاهر لک دفعا جذباتي ٿي سگهي پر انگريزيءَ جي محاوري وانگر ديئر از ميٿڊ ان هز ميڊنيس. انقلاب آيو آيو نه آيو نه آيو. ٻيو وٺي اينداسين بازار مان جيڪڏهن ڀڄي پيو ته، هونئن به سندس سياست جو محور اهو فلسفو آهي. ”قادري سوئيٽ مارٽ، هتي هر قسم جو مال آرڊر مطابق تسلي بخش تيار ڪيو ويندو آهي. ”ڪوڙو ثابت ڪندڙ کي ڏھ هزار رپيا روڪ“ وڪاميو ته وڪاميون نه ته پاڻ کائي ڇڏينداسين. مهم جوئيءَ جي ڊيپ فريزر ۾ رکي ۽ ٽورنٽو ۾ ته هونئن به ڊيپ فريز جي ضرورت ناهي.
پر مقامي مدبر عمران خان کي سوچڻ کپي ته وٽس هڪ سڄي صوبي جي حڪومت آهي. جنهن کي ايندڙ چئن سالن ۾ ترقي ۽ فلاح جو شوڪيس بڻائڻ کان ڪنهن ناهي جهليو. جيڪڏهن ماڻهو ڪجهه ڏسي عبدالستار ايڌي ۽ شوڪت خانم اسپتال جي مدد ڪري سگهن ٿا ته هڪ صوبي جي مدد ڇو ڪونه ڪندا. آخر نريندر موديءَ به ته غريب ٻارن ۾ سياست ڪندي پنهنجي رياست گجرات کي ترقيءَ جو شوڪيس بنايو يا نه. ۽ ان جي نتيجي ۾ اڄ هو دهلي ۾ براجمان آهي. جيڪڏهن ان موديءَ جي جاءِ تي ڪنهن پرويز خٽڪ جي سرڪار هجي ها ته سوچيو ڇا ٿئي ها! گجراتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيا هجن ها ۽ چيف منسٽر ٽمڪا هڻي هڻي سندن من وندرائي رهيو هجي ها.
۽ جيستائين شريف برادران جو تعلق آهي ته ايترا موقعا ته آسمان بني اسرائيل کي ناهن ڏنا جيترا شريف ڀائرن کي ملي ويا، پر سندن تصور تاج محل جي ترقيءَ کانسواءِ ڪجهه ڏسي ئي نه ٿو سگهي. او، بابا پهريون غريب جي جهڳيءَ ۾ ڏيڻو ٻاريو پوءِ لال قلعو ٺاهيو، گسائيندڙ بيروزگارن کي ڀلي ملازمت نه ڏيو گهٽ ۾ گهٽ بيروزگاريءَ ۾ ته ميرٽ رکو. گهٽين مان گند ڪچري جي صفائيءَ لاءِ ته خودمختيار مڪاني ادارا ٺهڻ ڏيو، ان کانپوءِ نوان موٽر وي به ٺهرائجو.
پهريون پرائمري اسڪولن ۾ ٻارڙن جي لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي نون ليٽرن ۽ استادن جو ته انتظام ڪريو ان کان پوءِ جيڪي پئسا بچن ته انهن مان دانش اسڪول جو شوق به پورو ڪري وٺجو، پهريون پوليس کي ته هڪ آزار، قابل اعتبار، منظم ۽ انساني ادارو بنايو ان کانپوءِ پنهنجي لاءِ سئو بُلٽ پروف گاڏيون ۽ هڪ هزار بارود سنگهندڙ ڪتا ۽ هڪ هزار موبائيل جيمرز به گهرائي وٺجو، توهان کوڙ سارا مشير رکي ڇڏيا آهن ڪاش ڪو وزير تاريخ لاءِ به ڀرتي ڪيو ها. جيڪو هر روز صبح جو نيرن جي ڀريل ميز تي توهان کي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪري ته ميان صاحب، فرانس جي ملڪ به پنهنجي محل جي بالڪونيءَ مان بکايل بيروزگارن جو هجوم ڏسي چيو هوته هي ماڻهو ماني ڇو پيا گهرن؟ ڇا ڪيڪ به خريد ڪري نه ٿا سگهن. ان کان پوءِ به جيڪڏهن فرانس ۾ انقلاب نه اچي ها ته لعنت هئي اهڙن فرانسين تي، ۽ هي مشير ٻڌائي ته بقول آمريڪي سفير وليم سيليون، جڏهن رضا شاھ پهلويءَ کي هيلي ڪاپٽر ۾ ويهاري تهران جو چڪر ڏياريو ويو ته شاھ انهن عمارتن جن مان دونهون نڪري رهيو هو، کي ڏسي پڇيو ته هي ڪير ماڻهو آهن، جيڪي اسانجي ترقيءَ کان سڙن ٿا، انهن کي تهران اچڻ جي اجازت ڏني.
پر فرانس کي ته انقلاب آڻڻ لاءِ روسو والٽيئر، مانٽيسڪڻو، جهڙا فلاسفر ۽ روبسپيئر جهڙا علميت پسند ۽ اولپي دي گوگي جهڙي اديبه ملي وئي هئي. ايران کي ته علي شريعتي، تودي پارٽي ۽ خميني دستاب ٿي ويا، اسانجي حصي ۾ طاهر القادري، رفيق عباسي، عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ شيرين مزاري وغيره الاٽ ٿي ويا. سندن انقلاب في الحال ” پنجاب لاءِ پنجاب ۾، پنجاب ذريعي کانسواءِ ڪجهه ناهي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وارن جو ته پڙهڻ لکڻ سان ايترو تعلق ناهي پر ”قبله“ جا جٿا ۽ خان صاحب جي جماعت ۾ نه چڱا ڀلا پڙهيا لکيا ماڻهو آهن .ڇا ڪنهن ۾ اخلاقي جرئت ناهي جو ٻنهي کي ٻڌائي سگهن ته ادا گذريل ست هزار سالن ۾ آيل انقلابن جي تاريخ ئي پڙهي وٺو، انقلاب هن وقت تائين صرف انهن معاشرن ۾ آيو آهي، جن جي زبان، زمين، ثقافت، مسئلن سوچ ۽ مستقبل جو خاڪو هڪ جهڙو هو. چاهي اهو چوڏهن سئو سال اڳ وارو مڪو هجي، ٻه سئو سال اڳ وارو فرانس ۽ آمريڪا يا ويهين صديءَ جو چين ۽ ايران يا وري ايڪيهين صديءَ جي عرب بهار.
ننڍي کنڊ المعروف هندستان جي زمين ۾ اڄ تائين ڪو انقلاب انهي آيو هتي گذريل ست هزار سالن کان ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو جي بنياد تي ئي زندگي روان دوان آهي، جتي ڀانت ڀانت جون قومون، ٻوليون، الڳ الڳ مسئلا ۽ سوچ، نظريا ۽ عقيده هجن اتي ارتقائي عمل ته ممڪن اهي. انقلاب ڏاڍو مشڪل ايندو آهي.
۽ رهي ڳالهه انقلاب بذريعي لانگ مارچ ته توهان ته صرف لاهور کان آبپارا تائين عظيم لانگ مارچ ڪيو آهي، جنهنجو ٿڪ اڃا لهي نه سگهيو اٿو. ماما قدير ته ڪوئيٽا کان ڪراچيءَ ۽ ڪراچي کان اسلام آباد تائين ڪجهه عورتن ۽ ٻارن سان ٻه هزار ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو. ڇا هو ماڊل ٽائون جي القادريه ۾ هڪ رات جي قيام ۽ اسلام آباد جي نبي گالا ۾ هڪ وقت جي چانهن جو به مستحق نه هو؟ هن ڪنهن آبپاراه جي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ڇا هو انقلابي ناهي، سمورن شو بس لاهور کان اسلام آباد ۽ باقي صوبن لاءِ صرف هي پيغام ته مينهن ڙي مينهن توکي چور ڪاهي ويا، جنهن تي مينهن پٺتي نهاري چيو ته ڪير به ڪاهي وڃي اسان کي گاھ ئي ملندو.
رهي ڳالهه انقلاب بذريعي ڌرڻو به ته ڇا توهان نه ڏٺو ته نيٽو سپلاءِ روڪڻ لاءِ پشاور جي رنگ روڊ تي پنهنجي ئي حڪومت جي ڌرڻي جو ڪهڙو حشر ٿيو؟ هاڻي ان جو ڪير ذڪر به نه ٿو ڪري ۽ ڇا ” قبله“ زرداري حڪومت جي نڪ هيٺان پنهنجي پنجن ڏينهن واري ڌرڻي کي وساري ويٺو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اهي ئي ماڻهو اڳتي آيا، جن کي ”قبله“ صبح يارهين وڳي تائين استعفيٰ ڏيڻ جو اليٽميٽم ڏنو هو.
حضور، هاڻي ته هڪ هفتو ٿيڻ وارو آهي اسلام آباد جي ٻاڙن کي اسڪول جي ضرورت آهي، پشاور جي برسات متاثرن کي سرڪاري شفقت جي ضرورت آهي. درآمدين، برآمدين کي ڊالرن جي ضرورت آهي، اوهان هڪ سئو چاليهه ڪلاڪ انقلاب جي سائيڪل هلائي نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، هاڻي مخالف ڌر هٿان شربت پي سائيڪل تان لهي اچو، ۽ وڪٽريءَ جو نشان ٺاهي انقلاب زنده باد، آزادي پائينده باد جو نعرو هڻندي بلٽ پروف گاڏيءَ ۾ ويهي، نواز شريف جي موٽروي بدران شير شاھ سوري جي جي ٽي روڊ ذريعي لاهور جو رخ ڪيو.
رستي ۾ بيهندا بيهندا اهو به ضرور چوندا وڃو ته في الحال ته مان سراج الحق، خورشيد شاھ ۽ الطاف حسين جي ڳالهه رکان پيو پر جلدئي ڪفن پوش ٿي وري ايندس ۽ ايندڙ ڀيرو خدا جو قسم حڪومت جون وايون ئي بتال ڪري ڇڏڻ کانسواءِ واپس نه ٿيندس. جلدي ڪيو، ڪٿي ايئن نه ٿي وڃي ته توهان ايئن ئي ڪوھِ ڪنٽينر تي چڙهيل رهو ۽ ڪو تارازيءَ وارو بندر اچي ۽ ٻنهي پڙن ۾ ماني هڪجيتري هڪ جيتري تورڻ جي چڪر ۾ سموري سياسي ماني کائي وڃي. بشڪريه وسعت الله خان.