منصور سرور
سينيئر رڪن
منهنجي شديد خواهش هئي ته قومي تحريڪ جي عملي جدوجهد جو پاسو شهيد بشير قريشيءَ جي حوالي هجي ۽ تحريڪ جو علمي پاسو عبدالواحد آريسر صاحب جي هٿ هيٺ هجي ۽ ٻنهي ۾ هڪٻئي لاءِ بهتر رويو، سهپ ۽ تعاون بهتر ٿي سگهي پر مان اعتراف ٿو ڪريان ته تمام گهڻي ڪوشش باوجود آئون ايئن نه ڪري سگهيس.
ٻيو ته سائين جي ايم سيد اسان کي هميشه اها پئي تلقين ڪئي ته اوهان پنهنجي تياري ڪيو، ماڻهن ۾ قومي شعور پيدا ڪيو، پنهنجي تنظيم کي بهتر ۽ مضبوط ڪيو. باقي ڪم پاڪستان جا حڪمران پنهنجن پاليسين ذريعي ئي ڪري ڇڏيندا پر آئون سمجهان ٿو ۽ اهو اعتراف ٿو ڪريان ته اسان اڃا تائين مجموعي طور تي سڄي سنڌي قوم کي سائين جي ايم سيد جي واٽ تي نه آڻي سگهيا آهيون ۽ بهتر تنظيم نه ٺاهي سگهيا آهيون.