عبدالحفيظ لغاري جي ڳوٺ تريبزون ۾ تاريخي Sumela Monastery جو استنبول جي مِنياتُرڪ ۾ پيل بُوتو. سرگوشي: عبدالحفيظ لغاري جي ڳوٺ تريبزون ۾ تاريخي Sumela Monastery جو استنبول جي مِنياتُرڪ ۾ پيل بُوتو.
استنبول جي مارمارا سمونڊ ۾ بيٺل ميدان ٽاور يعني Kız Kulesi سرگوشي: استنبول جي مارمارا سمونڊ ۾ بيٺل ميدان ٽاور يعني Kız Kulesi
يار گورڌن سچي به تنهنجي تصوير ڪشي ڏسي منهنجيون عادتون تبديل ٿيڻ لڳيون آهن... حفيظ ڄاڻي ٿو ته تصويرون ڪڍڻ ۽ ڪڍرائڻ مون کي اصل نه وڻي... پر تنهنجي هنن تصويرن اصل موهي وڌو ... هڪ ته منظر به چڱا ۽ ٻيو ته تصوير ڪڍڻ جو ڏانءُ به سوايو.... ڪو هڪ موضوع اهڙو ضرور لکو جنهن ۾ فوٽوگرافي بابت سکيا ڏيو... ان ۾ توهان جي استعمال هيٺ ڪيمرا ۽ ان جي سپيسيفڪيشن سان گڏ استعمال ڪرڻ جي وضاحت به ضرور ڪجو... مان توهانجي موضوع جو انتظار ضرور ڪندس جو مون کي اهو سکڻو آهي ته ڪنهن کنڊر جي پرڪشش تصوير ڪيئن ڪڍبي آهي ۽ گڏ اهو به عرس پريو جهڙي دوست جي تصوير ڪيئن ڪڍجي جو کيس به پڪ ٿيڻ لڳي ته هُو واه جو آهي.. مان کيس تي هرو ڀرو ٽونڪون ڪندو آهيان..
صلاح ته ڏاڍي وڻي. منهنجو به خيال آهي ته گُر هُجن ته اهي ونڊجن به سهي. کنڊر ۽ عُرس جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق يار؟ ڀلي کڻي هاڻي ”وار“ اڇا ٿا ٿين ۽ همراهه نمازن تي زور رکيو آهي پر کنڊر کي کوڙ ڏينهن لڳندا يار.
صلاح ته مون کي به وڻي پر سوناري جا سئو ڌڪ، لوهار جو هڪڙو ڌڪ ڪم ٿو لاهي!!!! ان ڪري آجو آجو!!! اولهه تُرڪي جي تُنچبليڪ نالي ڪوئلي جي کاڻ ۾ ويندي، جيڪا 400 ميٽر اونهي آهي!!! سرگوشي: اولهه تُرڪي جي تُنچبليڪ نالي ڪوئلي جي کاڻ ۾ ويندي، جيڪا 400 ميٽر اونهي آهي!!!
مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عُقيلي ۽ هجيتيپي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مراد تُنجر سان گڏ سرگوشي: مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عُقيلي ۽ هجيتيپي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مراد تُنجر سان گڏ
يورپ ۽ ايشيا کي ڌار ڪندڙ باسفورس خليج مان ورتل هڪ خوبصورت منظر! سرگوشي: يورپ ۽ ايشيا کي ڌار ڪندڙ باسفورس خليج مان ورتل هڪ خوبصورت منظر!
جديد تُرڪي جي باني غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا اتاترڪ جي تاريخي محل جو ٻاهريون ڏيک. سرگوشي: جديد تُرڪي جي باني غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا اتاترڪ جي تاريخي محل جو ٻاهريون ڏيک.
تُرڪي جي استقلال گهٽي ۾ هڪ آرٽسٽ جو ذاتي دُڪان، جنهن ۾ هُن پنهنجي تخليقن جو انبار وڪري لا موجود رکيو آهي. سرگوشي: تُرڪي جي استقلال گهٽي ۾ هڪ آرٽسٽ جو ذاتي دُڪان، جنهن ۾ هُن پنهنجي تخليقن جو انبار وڪري لا موجود رکيو آهي.
استنبول جي هڪ ماپ تور ۽ گهڙين واري ميوزيم Museum of Measurement and Time ۾ رکيل هڪ وٽ. سرگوشي: استنبول جي هڪ ماپ تور ۽ گهڙين واري ميوزيم Museum of Measurement and Time ۾ رکيل هڪ وٽ.
استنبول جو تاريخي گلاٽا ٽاور، جنهن تان سنه 1633 ۾ هڪ عبدالحفيظ لغاري جي هڪ سئوٽ Hezarfen Ahmet Çelebi ۽ Lagari Hasan Çelebi پهريون ڀيرو هڪ هٿرادو جهاز ذريعي اُڏام ڪئي. سرگوشي: استنبول جو تاريخي گلاٽا ٽاور، جنهن تان سنه 1633 ۾ هڪ عبدالحفيظ لغاري جي هڪ سئوٽ Hezarfen Ahmet Çelebi ۽ Lagari Hasan Çelebi پهريون ڀيرو هڪ هٿرادو جهاز ذريعي اُڏام ڪئي.
ادا سائين. هي ته آرڪيٽيڪٽ جو هڪ بهترين مثال آهي. پهاڙي کي گهر ۾ ڍهلڻ سچ ته هڪ وڏو ڪم آهي. سٺو ۽ سٺو. پسند آيو.
سائين الله پاڪ رحم ڪري ايئن نه ٿئي ته ادا عبدالحفيظ به پنهنجي مائٽن جي نقش قدمي تي برقرار رهندي، هن مينار تان هٿراڌو جهاز م اڏمڻ جا سنڀاء ڪري. ادا عبدا لحفيظ ٻيلي توهان اسان لاء تمام گهڻا قيمتي آهيو مهرباني ڪري اهڙو ڪو تجربو نه ڪجو. اوهان جون مهربانيون.(((((( هههههههه هههههههههههههههههههه))))))
استنبول جي هڪ صوفي ميوزيم ۾ رکيل، قُران پاڪ جو هڪ قديم نسخو. سرگوشي: استنبول جي هڪ صوفي ميوزيم ۾ رکيل، قُران پاڪ جو هڪ قديم نسخو.
نوبل انعام يافته تُرڪي جي ناولسٽ اورهان پامُڪ جا هٿ اکر جيڪي هُن پنهنجي ناول The Museum of Innocence کي شروع ڪرڻ مهل لکيل هُئا. سندس انهي ناول جي بُنياد تي استنبول ۾ هڪ ميوزيم پڻ قائم آهي. سرگوشي: نوبل انعام يافته تُرڪي جي ناولسٽ اورهان پامُڪ جا هٿ اکر جيڪي هُن پنهنجي ناول The Museum of Innocence کي شروع ڪرڻ مهل لکيل هُئا. سندس انهي ناول جي بُنياد تي استنبول ۾ هڪ ميوزيم پڻ قائم آهي.
تُرڪي جي تاريخ جو شاهد، استنبول جو تقسيم اسڪوائر. سرگوشي: تُرڪي جي تاريخ جو شاهد، استنبول جو تقسيم اسڪوائر.
هجيتيپي يونيورسٽي جي ڪينٽين ۾ ماني کائڻ لا ايندڙن کي خوشنما گُل خوش آمديد ڪري رهيا آهن. سرگوشي: هجيتيپي يونيورسٽي جي ڪينٽين ۾ ماني کائڻ لا ايندڙن کي خوشنما گُل خوش آمديد ڪري رهيا آهن.