هي تصوير منهنجي ڪيمرا منهنجي سمجهائڻ تي پاڻ ئي ڪڍيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کان گهڻو جلدي سمجهندي آهي....
دل صفا ٻري ٿي اهي سڀ آکاڻيون لکڻ لا پر ڇا ڪريون!!! سڄي سنگت ڪپادوڪيا ۾ صبح سويل پهچي ناشتو ڪري رهي آهي، مفت ۾!!!
ڪنهن دوست چيو يار تُرڪي ۽ تُرڪي جا ماڻهو آهن ئي خوبصورت، تنهنجي تصويرن جو ڪو ڪمال ڪونهي. هي جواب آهي ان دوست کي. ڀوڏيسر ٿر جي هڪ ٻارڙي.....
ادا وڏي ليکڪ ته نه پر بس ڪجهه ڪجهه لکندڙ جي حيثيت ۾ ۽ وڏن لکارين جي صحبت ۾ رهندي لکڻ جي بدلي ملندڙ موٽ مان مون اهو سکيو آهي ته جيڪڏهن اوهان کي لکڻ تي تنقيد، نا پسنديدگي جا اظهار يا وري ڪڏهن ڪڏهن گاريون به اوترا ئي ملن ٿا جيتري شاباس ته معنى اوهان صحيح پيا وڃو. اوهان تي ڪڏهن به يڪسانيت جو شڪار يا درباري ليکڪ جو ٺپو ڪونه ٿو لڳي سگهي. ڇو ته اوهان سڀ ڪجهه لکو پيا جيڪو پسند ۽ نا پسند ڪيو وڃي ٿو. اوهان ڪنهن جي اجائي واهه يا اجائي گلا نه پيا ڪريو. هاڻي ڳالهه آهي پير جهلڻ جي. اهو تيسين جهلبو آهي جيسين جان جي امان هجي. ايئن ناهي ته جان رڳو جنگ وڙهندڙ جوڌا ڏيندا آهن پر لکڻ پڻ جهاد آهي جنهن ۾ پڻ جان جتن تان گهوربي آهي پر ظاهر آهي اهو تڏهن جڏهن وجه معقول هجي. ڪنهن جي مرڪ خاطر جان جو جوکو ته ڪوئي ڪونه کڻندو. اميد ته سمجهي ويا هوندؤ. اوهان جي لکڻ جي خوشي به اوتري ئي هئي جيترو هاڻي نه لکڻ جو ڏک آهي. انتظار آهي ۽ رهندو اوهان جي لکڻين جو.