اسانجي سماج ۾ اندازِ سوچ گھڻي ڀاڱي منفعي آ اسان مثبت سوچ ڇو نہ آهيون... درحقيقت اسان پنهنجي ذات کي سرڪس ۾ بند هڪ شينهن وانگر محدود ڪيو آهي، جنهن جي وجود جي شروعات پڃري کان شروع ٿي اختتام پزير ٿئي ٿي. نہ صرف اسان زندگي جي سفر ۾ ٿڪل گھوڙي وانگر سهڪي پيا آهيون پر ذهني گھُٽيل، ڪمزور، چيڙاڪ، مفلس، غليظ، بدبودار ٿي چڪا آهيون ۽ حسبِ معمول مثبت سوچ جون بہ حدون مقرر ڪيون آهن. اسان احسان فراموش ۽ پنهنجي ذات جي حقيقتن کان لنوائيندا رهياآهيون. نہ صرف اسان پنهنجي ذات جي اوڙاه ۾ عرشِ مولا ٺاهيوآهي، پر منفعي سوچن سبب انمول رشتن جو قتل ڪندا رهيا آهيون. جنهن سبب منفعي اندازِ سوچ واري طرزِ زندگي اڏهي وانگر اندران کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مثبت سوچن کي احمقانا ۽ مقروه ڪيو آهي. اشد ضرورت آهي عملي طور منفعي سوچن جي ڦٽن کي کولي صاف ڪري ناسور سڃاڻڻ جي، ۽ مثبت سوچڻ، سمجھڻ جي فضا کي قائم ڪرڻ جي ڇو تہ محض کاڌو، ڪپڙو ۽ هڪ اڌ علم سکڻ ئي انسانيت لاءِ ڪافي نہ آهي. "شيخ صاحب خان "