• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان مثبت سوچ ڇو نہ آهيون؟

شيخ صاحب خان

سينيئر رڪن
اسانجي سماج ۾ اندازِ سوچ گھڻي ڀاڱي منفعي آ
اسان مثبت سوچ ڇو نہ آهيون...

درحقيقت اسان پنهنجي ذات کي سرڪس ۾ بند هڪ شينهن وانگر محدود ڪيو آهي، جنهن جي وجود جي شروعات پڃري کان شروع ٿي اختتام پزير ٿئي ٿي. نہ صرف اسان زندگي جي سفر ۾ ٿڪل گھوڙي وانگر سهڪي پيا آهيون پر ذهني گھُٽيل، ڪمزور، چيڙاڪ، مفلس، غليظ، بدبودار ٿي چڪا آهيون ۽ حسبِ معمول مثبت سوچ جون بہ حدون مقرر ڪيون آهن.
اسان احسان فراموش ۽ پنهنجي ذات جي حقيقتن کان لنوائيندا رهياآهيون. نہ صرف اسان پنهنجي ذات جي اوڙاه ۾ عرشِ مولا ٺاهيوآهي، پر منفعي سوچن سبب انمول رشتن جو قتل ڪندا رهيا آهيون. جنهن سبب منفعي اندازِ سوچ واري طرزِ زندگي اڏهي وانگر اندران کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مثبت سوچن کي احمقانا ۽ مقروه ڪيو آهي.
اشد ضرورت آهي عملي طور منفعي سوچن جي ڦٽن کي کولي صاف ڪري ناسور سڃاڻڻ جي، ۽ مثبت سوچڻ، سمجھڻ جي فضا کي قائم ڪرڻ جي ڇو تہ محض کاڌو، ڪپڙو ۽ هڪ اڌ علم سکڻ ئي انسانيت لاءِ ڪافي نہ آهي.

"شيخ صاحب خان "
 
Back
Top