محمد خان سيال جو انٽرويو

'انٽرويو' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,186
    ورتل پسنديدگيون:
    1,715
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    333
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    محمد خان سيال جو انٽرويو:
    An Interview With Renowned Writer Mohammad Khan Sial.
    نامياري ليکڪ محمد خان سيال جو انٽرويو:
    ڪاش! منهنجا لفظ توپ جي گولن وارو ڪم ڪن
    ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي ۽ رضوان گل

    مختصر سوانح حيات:
    مان، بڇيري ريلوي اسٽيشن ويجھو ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاهه ۾ 1949 ۾ پيدا ٿيس. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيم ۽ سيڪنڊري تعليم لاءِ، ويجھڙائيءَ ۾ اسڪول نه هئڻ سبب، نوابشاهه شهر وڃڻو پيو جت ڊي. سي.هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ پنجين ڪلاس کانِ ڏهين ڪلاس تائين تعليم پرايم جنهن جو هيڊماستر مشهور تعليمي ماهر ايڇ. ايم.خوجا صاحب هو، جت مون اليمنٽري گريڊ ڊرائنگ ۽ انٽر گريڊ ڊرائنگ جا امتحان پاس ڪيا، جڏهن ته سنڌي فائينل جو امتحان، جيڪو ان وقت ڏکيو سمجھهيو ويندو هو ، سو ۽ اسڪالرشپ جا امتحان به پاس ڪيم. مئٽرڪ سال 1965 ۾ سائنس ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيم پر ڪجھه ذاتي سببن ڪري تعليم جاري رکي نه رکي سگھيس سو ٻيئي سال 1967 ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جو گڏيل امتحان ڏئي وري به فرسٽ ڊويزن حاصل ڪيم ۽ ٻن سالن لاءِ اسڪالرشپ پڻ حاصل ڪيم. سچل ڪاليج، نوابشاهه کان فرسٽ ڊويزن ۾ گريجوئيشن ڪيم. لا جي تعليم، حيدرآباد لا ڪاليج ۾ ورتم. 2 مارچ 1971 تي ريڊيو پاڪستان، ڪراچيءَ جي سنڌي خبرون ۾ ٽرانسليٽر طور ڪم ڪيم. پهرين مئي 1972 تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ، روزاني هلال پاڪستان جو ڪراچيءَ کان ايڊيشن ڪڍيو ته شروع کان ان ۾ سب ايڊيٽر طور شامل ٿيس.1973 ۾ ريڊيو پاڪستان جو سينٽرل نيوز آرگنائيزيشن (سي.اين.او) جو سنڌي نيوز يونٽ اسلام آباد شفٽ ٿي ويو ته ريڊيو جي نوڪري ڇڏي ڏنم. انهيءَ دوران، پي.آءِ.ڊي.سي جي پبلڪ رليشنس ۾ آفيسر طور ڪم ڪيم. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران ٻه ٻه نوڪريون ڪيم پر هڪ اهڙو وقت به آيو جو هڪ ڏينهن ۾ ٽي ـ ٽي نوڪريون ڪيم ۽ سڀني سان انصاف ڪيم.
    فيبروري 1977 ۾ ٽن نوڪرين تان هڪ ئي ڏينهن استعيفا ڏيئي، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي. آءِ.ايَ) جي گروپ ڇهين ۾ پبلڪ رليشنس آفيسر (پي.آر.او) طور شامل ٿيس. ٻئي سال اپريل ـ مئي 1978 ۾ اڪيلي سر دنيا جي گولي جي چوڌاري 30 ڏينهن ۾ چڪر مڪمل ڪيم جيڪو منهنجي زندگيءَ جو يادگار سفر آهي.پي.آءِ.اي جي ڊگھي ملازمت دوران دنيا جا ڪيترا ملڪ گھمي ڏٺم ۽ خاص ڪري ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌين کي ڳولي لهي انهن سان ڪارائتو ۽ باقاعدگيءَ سان رابطو رکيم ، کين سنڌي ڪتاب پهچائيندو رهيس ۽ انهن جي سماجي ۽ ثقافتي خبرون جي باري ۾ باقائدگيءَ سان سنڌي اخبارون ۾ لکندو رهيس. مختلف نوڪرين دوران، ايم. ايَ (پوليٽيڪل سائنس)، ايم.اي (انٽرنيشنل رليشنس) ۽ ايم.اي (سنڌي) ڪيم. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾، دوستن سان گڏ ڀرپور حصو ورتم
    ادبي سڃاڻپ؟
    سڀ کان اڳ، سال 1962 ۾ ڊي.سي.هاءِ اسڪول جي تعليم دوران، روزاني مهراڻ ڪراچيءَ ۾ “امام بخاريءَ جو حافظو”نالي ننڍڙو ڪالم لکيم. بعد ۾، سنڌي اخبارون ۾ مضمون ۽ ترجما ڇپجندا رهيا، منهنجو گھڻو وقت، اسڪول توڙي ڪاليج جي پڙهائيءَ کانپوءِ، نوابشاهه جي ميونسپل لائبريري (چڪرو بازار)۾ گذرندو هو ۽ ان لائبريري منهنجي ۽ ٻين ڪيترن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو پر افسوس ڪيترن ورهين کانپوءِ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جي هڪ مڪاني اڳواڻ (عنايت رند) ( هاڻ لساني تنظيم ايم ڪيو ايم)، چڪري بازار جو پارڪ ختم ڪرائي ۽ اٽڪل 30 دوڪان ٺهرائي، هر هڪ پنجن لک روپين ۾ وڪيو . مون شهيد بينظير ڀٽي کي ڊان ۾ هڪ خط لکي گذارش ڪئي ته هو ايندڙ عام چونڊ جون ٽڪيٽون ڏيڻ وقت، اهڙي شخص کي ٽڪيٽ نه ڏئي، متان هو ريلوي اسٽيشن، ايئرپورٽ، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سرڪاري آفيسون تين وال نه ڪري ڇڏي. بهرحال، مان ادب سان ڪنهن نه طريقي سان وابستا رهيو آهيان.
    ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن ؟
    1. چڻنگ (ترتيب ڏنل، نثر ۽ شاعري)
    2. سرحد جي هُن پار (هندوستاني سنڌي اديبن جون ڪهاڻيون ترتيب ڏنل)
    3. نيري آسمان هيٺان (سفرنامو)
    4. نئون ابن بطوطا (سفرنامو)
    5. آمريڪا: نئين دنيا، نئون ديس (سفرنامو)
    6. ارائونڊ دي ورلڊ (سنڌيءَ ۾ سفرنامو)
    7. ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي (ساروڻيون) ڇپائيءَ هيٺ.
    8. سنڌ بچايو (ڪرنٽ افيئرس تي مضمونن جو ڪتاب) ڇپائيءَ هيٺ.
    اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟
    اٽڪل ڏهه (مختلف موضوعن تي).
    مڃتا ايوارڊ/ سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهنجي طرفان مليا؟
    سرٽيفڪيت ته دهليءَ ۾ شاهه بابت سيمينار (2007)، ڪوالمپور (سال 1986) ۽ شڪاگو (سال 1984) ۾ مليا آهن پر ايوارد هڪ به نه مليو آهي، هونئن به مونکي ڪنهن ايوارڊ يا سرٽيفڪيٽ جي ڳڻتي نه رهي آهي، مان جو ڪجھه لکان ٿو، ان تي منهنجو ضمير مطمئن آهي، منهنجي لاءِ اهو ئي ايوارڊ آهي.هونئن به مان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خاموشيءَ سان خدمت ڪرڻ ۾ پختو ويساهه رکان ٿو.
    لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟
    مون سڀ کان اڳ، سال 1962 ۾ ڊي.سي.هاءِ اسڪول، نوابشاهه ۾ اڀياس دوران، روزاني مهراڻ، ڪراچي ۾ “امام بخاريء جو حافظو” نالي ننڍڙو ڪالم لکيو جو ٻارن جي صفحي ۾ ڇپيو هو. پهريان ترجما ڪيم ۽ پوءِ لکيم، ڪيترا مضمون اخبارون ۾ ڇپيا. بهرحال، پهرين ڪهاڻي “بيوقوف” جي عنوان سان لکيم جيڪا سال 1967 ڌاري روزاني نواِءِ انقلاب، سکر جي ادبي صفحي ۾ ڇپي. سچل ڪاليج، نوابشاهه جي مخزن ”سرمست“ جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر به رهيس.
    لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
    ڪتابن ۽ اخبارون جي اڀياس دوران لکڻ جو شوق پيدا ٿيو.
    مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
    سنجيدو پر تهذيب جي اندر رهي کل ڀوڳ اڪثر ڪندو رهندو آهيان. ڪوشش هوندي اٿم ته پاڻ نه کلان پر اڳلو شخص کلي. اها به ڪوشش هوندي اٿم ته هر حال ۾ خوش رهجي ۽ ڪنهن جي دل نه ڏکوئجي.
    پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
    پهرين ملاقات ۾ اندازو ڪري وٺندو آهي ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي.
    اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
    انسان ڪمزورين جو گھر آهي، هڪ هجي ته ٻڌايان.
    توهان جو قابل فخر ڪم؟
    * اڳ ۾ سنڌي اخبارون اردو اخبارون جو مڪمل چرٻو هونديون هيون يا ٻين لفظن ۾ “ڪاربان ڪاپي” بڻجي نڪرنديون هيون پر جڏهن روزاني هلال پاڪستان جو ڪراچي وارو ايڊيشن مئي 1972 کان نڪتو ته مان شروع کان ان ۾ شامل ٿيس ۽ اجاين اردو، فارسي ۽ عربي لفظن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٺيٺ سنڌي لفظ ڪم آندم ۽ ٻين دوستن کي به ان تي راضي ڪيم. اڄ سنڌي اخبارون ۾ جيڪا ٻولي ڪتب اچي ٿي تنهن کي ڏسي مونکي خوشي ٿئي ٿي ته منهنجن ڪوششن آخر رنگ لاتو آهي. ڪجھه مهينا اڳ، عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر غلام نبي مغل، پي.ٽي.وي نيشنل جي جنرل مئنيجر اعجاز عليم عقيلي (ٽيئي هلال پاڪستان جا پراڻا ساٿي) جي موجودگيءَ ۾ پي.ٽي.وي ڪراچي سينٽر ۾ چيو ته منهنجي اها خدمت ڪٿي نه ڪٿي رڪارڊ ٿيڻ گھرجي.
    * مون دنيا جي مختلف ملڪن جي سير سپاٽي دوران، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ڪيترن سنڌين کي ڳولي لڌوآهي ۽ انهن جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪيو اٿم. درحقيقت، منهنجي شروع کان اها ڪوشش هئي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين سان خط ڪتابت ذريعي رابطو پيدا ڪريان ۽ ان ۾ گھڻي حد تائين ڪامياب به رهيس ۽ بعد ۾ ساڻن ملاقاتون به ڪيم.
    * مون سال 1990 کان 1994 تائين ڪيترين سنڌي اخبارون ۾ مفت “روزاني روزگار سروس” ۽ “هفتيوار تعليمي سروس” جا ڪالم شروع ڪيا جنهنڪري سوين بيروزگار سنڌين کي نوڪرين وٺي ڏيڻ ۽ سنڌي شاگردن کي ڏيساور جي تعليمي ادارن ۾ داخلائن ۽ اسڪالرشپ ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيس.
    * مون سنڌ جي مسئلن تي اٽڪل 800 کان وڌيڪ انگريزي اخبارون ۾ خط لکيا آهن ۽ اهو ڪم اڃا به جاري آهي ته جيئن ڌارين کي سنڌ جي مسئلن بابت آگاهي ڏئي سگھان. مون گذريل 12 ورهين کان رات جو قسطن ۾ سمهڻ جي عادت بڻائي ڇڏي آهي، جڏهن جاڳ ٿيندي اٿم ته خط، مضمون وغيرهه لکندو آهيان ۽ وري سمهي پوندو آهيان ۽ اهڙي ريت ٻه ٽي ڀيرا هڪ رات ۾ جاڳندو آهيان.
    * سنڌ جي مسئلن کي بين الاقوامي طور اجاگر ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ تي هفتيوار انگريزي اخبار “سنڌ ٽه ڊي ڊاٽ نيٽ” 2001 کان ڪڍيم جنهن شهيد بينظير جا ٽي انٽرويو به ڪيا پر ان کي اڳوڻي فوجي ڊڪٽيٽر ۽ نسلي متڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ جولاءِ 2006 ۾ بلاڪ ڪيو ويو ۽ پوءِ ان جي جاءِ تي انگريزيءَ ۾ “سنڌ ويڪ ڊاٽ ڪام” ڪڍيم.
    دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
    سچ چوان ته مان محبت جي چونڊ ڪندس، هونئن به اڄڪلهه محبت جون الاهي معنائون آهن خبرناهي ته اوهان ڪهڙي سينس ۾ پڇو ٿا؟ منهنجي زندگيءَ جو موٽو، پنهنجي ڌرتيءَ جي خاموشيءَ سان خدمت ڪرڻ آهي، اها به هڪ قسم جي محبت آهي.
    زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
    زندگي اهڙن واقعن سان ڀريل آهي. مون، فرسٽ ايئر ۽ انٽرميڊئٽ جو گڏيل امتحان ڏنو هو. پريس ڪلب نوابشاهه کان، انگريزي روزاني “انڊس ٽائيمس” حيدرآباد (هاڻ بند ٿيل) کان رزلٽ معلوم ڪيم ته چيائون فيل آهيان. آخري ڏينهن تي سپليمينٽري فارم ڀرائڻ گورنمنٽ ڪاليج نوابشاهه ويس ته خبر پيئي ته مان پاس آهيان، سو به فرسٽ ڊويزن ۾. بعد ۾ ان بنياد تي اسڪالرشپ به مليم. ان کان علاوهه 30 ڏينهن اندر دنيا جي گولي جي چوڌاري اڪيلي سر چڪر لڳايم سو به يادگار سفر هو.
    مڪمل تخليقڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
    جيڪو تخليق ڪار عوام جي دلين اندر جھاتي پائي، سندن ڏکن ۽ سورن جي عڪاسي ڪريَ ۽ مايوسي پکيڙڻ بدران جدوجهد جو سبق ڏئيَ. منهنجي اڳيان مايوسي پکيڙڻ سڀ کان وڏو ۽ معاف نه ڪرڻ جوڳو گناهه آهي ۽ اهڙو ڪُڌو ڪم، ڪنهن به ليکڪ کي نه ڪرڻ گھرجي.
    ادبي ۽ ثفافتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ کان مطمئن آهيو؟
    نه،هرگز نه . مان چاهيان ٿو ته اهي ادارا جن مقصدن لاءِ ٺهيل آهي، تن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين.
    زندگيءَ جو ڪؤڙو سچ ؟
    مان اڄ آهيان، سڀاڻي نه هوندس، هڪ ننڍڙو ڏيئو آهيان جو وسامي ويندس!
    گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي آهي ؟
    مونکي عام طور ڪاوڙ نه ايندي آهي پر مُنهن تي ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ ديس دُروهي تي، ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ضرور ايندي اٿم.
    ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي ؟
    جيڪو ادب ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن سان محبت، انسان ذات جي خدمت ۽ ظلم خلاف جدوجهد جو درس نه ڏئي، ان کي ساڙي رک ڪري ڇڏجي.
    لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي ؟
    ڪوشش هوندي اٿم ته پنهنجين لکڻين ۾ وڌ کان وڌ “بارود” (سگھارا لفظ) ڀريان ته جيئن پنهنجو مقصد چٽن پر ڪارائتن لفظن ۾ سولائيءَ سان بيان ڪري سگھان، جڏهن ڌرتيءَ جي ويرين توڙي ناانصافين خلاف لکان ته منهنجا لفظ، توپ جي گولن وارو ڪم ڪن.
    نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
    مان هميشهه پر اميد رهيو آهيان، مايوسيءَ جو لفظ منهنجي ڊڪشنريءَ ۾ ناهي ۽ اها ڳالهه نئين ادب سان به لاڳو ٿئي ٿي.
    زندگي توهان جي نظر ۾ ؟
    ڌڻي سڳوري جو اهم تحفو يعني پنهنجي ڌرتي ۽ انسان ذات جي خدمت جو بهتر موقعو.
    ڏک توهان جي نظر ۾ ؟
    “ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ريءَ”. ڏُکن کانسواءِ دنيا جو چرخو هرگز نه هلندو. مون اهي ڏينهن اڃا به نه وساريا آهن جڏهن مون ۽ منهنجي جيجل ماءُ فاقا ڪڍيا هئا تنهنڪري ڏکن سان پيار اٿم ۽ ٻين کي دُکي ڏسي پاڻ به دُکي ٿي پوندو آهيان!
    خوشي توهان جي نظر ۾ ؟
    عارضي پر املهه شي
    پيار توهان جي نظر ۾ ؟
    پيار دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت آهي ۽ پيار کانسواءِ حياتي اڻپوري آهي. پيار نه هجي ته جيڪر دنيا نه هجي
    دوستي توهان جي نظر ۾ ؟
    هڪ سچائي، پر اها سچائي ته اڄڪلهه ڏينهن جو ڏيئو کڻي ڳولڻ سان به نه ٿي لڀي.
    عورت اوهان جي نظر ۾ ؟
    قدرت جو سڀ کان وڏو تحفو. ماءُ جو وجود ان جو بهتر مثال آهي.
    ڪنهن کان نفرت آهي ؟
    مان نفرت ڪرڻ سکيو ناهيان پر جي ڪرڻي پوي ته جيڪر سنڌ ڌرتيءَ جي دشمنن سان ڪندس جهڙوڪ اَي.بيِِ.اَي.حليم ڪراچي يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر جنهن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي بندش وڌي هئي يا لياقت علي خان اڳوڻو وزيراعظم جنهن جي سنڌين سان کليو کلايو نفرت ڪنهن کان به ڳجھي نه هئي.
    اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
    مان سدائين پراميد رهيو آهيان،تنهن ڪري اداس لمحن کي به شڪتيءَ ۾ تبديل ڪري، سفر جاري رکڻ جي باري ۾ سوچيندو رهندو آهيان. مايوسيءَ کان مون کي شديد نفرت آهي. منهنجي حالت به شايد ان ڪوريئڙي جھڙي آهي جيڪو ڇهه ڀيرا ڀِت تي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيو پر ستون دفعو ڪامياب ٿيو.
    زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات ؟
    هيلتائين ڪا به نه، جدوجهد اڃا به جاري آهي، ٿي سگھي ٿو اڳتي هلي ڪا حاصلات ٿئي.
    ڪا رهجي ويل خواهش ؟
    سڄي دنيا ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪو ماڻهو ڏکيو ۽ بکيو نه هجي ۽ هر هڪ سانت واري سکي ستابي حياتي گھاريَ..
    ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان متاثر ٿيندا آهيو؟
    سادا، خلوص ڀريا ۽ جن وٽ علم جي کاڻ هجي
    زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءَ ؟
    سنڌ ڌرتي
    جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالهه ؟
    مونکي پنهنجو پاڻ تي ڪڏهن ڪڏهن کل ايندي آهي ته هيڏي ڊگهي حياتي ۽ اڙانگي جدوجهد ۾، مان جيجل سنڌ جي، ڪوشش جي باوجود تِر َجيتري به خدمت نه ڪري سگهيو آهيان.
    ڪنهن سفر جي تمنا ؟
    هڪ اهڙو سفر جنهن دوران سنڌ جو ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر هڪ ئي چڪر ۾ گھمان.
    ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي ؟
    جيجل ماءُ
    اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
    جن قومن جون تقديرون بدلائي ڇڏيون
    اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ خامي ؟
    وڏي خوبي ته ڪابه ناهي ،وڏيون خاميون ته اڪيچار آهن جن جي فهرست ٺاهيم ته شيطان جي آنڊي کان به شايد ڊگھي ٿي پوندي. ٿورو ڀرم رهڻ ڏيو ته چڱـو. شاعر خواجا غلام فريد ڪيڏو نه چڱو چيو آهي:
    فريدا، ڪاليَ ميڏيَ ڪپڙيَ، ڪالا ميڏا ويس،
    گُنَهَن ڀريا مين ڦران، لوڪ آکن درويش
    ٻيهر زندگي مليوَ ته ؟
    مان ٻيهر زندگيءَ تي ڀروسو نه ٿو رکان، تنهن ڪري اهو سوال پڇڻ اجايو آهي.
    شادي پنهنجي پسند يا مائٽن جي پسند جي هئڻ گهرجي ؟
    ٻيئي شيون گڏ هجن ته پوءِ، وهه واهه. هونئن، مون ارينجڊ ميريج ڪئي هئي.
    ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي ؟
    دل ڪڙهندي آهي، اندر ٻرندو آهي ۽ جيڪڏهن ظلم کي روڪي نه سگھندو آهيان ته پنهنجي بزدليءَ تي پاڻ کي اندر ئي اندر ۾سخت ملامت ڪندو آهيان. هونئن، مان ڪنهن کي دُکي ڏسي نه سگھندو آهيان.
    مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو ؟
    هڪ اهڙي دنيا جت امن هجي، پيار هجي، ميٺ محبت هجي ۽ ڪير به ڪنهن کان بيجا فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري.
    اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي ؟
    سنڌ ۽ سنڌ جي ماروئڙن جي خوشحالي
    سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي ؟
    اسان جا نوجوان، علم ، شعور ، نظم ، ضبط ۽ ذهن کي ڪتب آڻي سماج ۾ وڏيون تبديليون آڻي سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته هاڻ تلوارن بدران ذهن وڙهن ٿا. جنهن ڏينهن سنڌين ووٽ جي اهميت کي سمجھيو ته اهو تاريخي ڏينهن هوندو. منهنجو ايمان آهي ته جيڏي رات ڪاري آهي، اسان جو صبح به اوڏو روشن هوندو.
    زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪؤڙو سچ ؟
    انسان بنيادي طور خودغرض، لالچي ۽ ڪُوڙو آهي ۽ مان پاڻ کي ان کان آجو نه ٿو سمجهان.
    جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ ؟
    ڪئن ڪاري توکي ٻاٽ مَڃان
    ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان،
    آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃان،
    جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا! (اياز)
    وڻندڙ موضوع ؟
    ظلم ۽ ناانصافين خلاف لکڻ
    اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي ؟
    “شاهه جو رسالو”
    ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت ؟
    اسانجو پيارو ۽ خوبصورت آرٽسٽ سائين ظفر ڪاظمي مرحوم جيڪو نهايت ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ فوت ٿيو. ايم.ڪيو.ايم جي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد وٽ ، فنڪارن جي فنڊ مان سنڌي آرٽسٽ جي مدد ڪرڻ واسطي پيسا ڪونه هئا جڏهن ته اسان جي لٻاڙيِ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم کي سندس وفات کانپوءِ خبر پئي ته سائين ظفر ڪاظمي وڏو آرٽسٽ هو.
    موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو ؟
    دنيا جي مختلف ملڪن جي موسيقي ڪڏهن ڪڏهن ٻڌندو آهيان. سنڌيءَ ۾ استاد منظور علي خان پسند اٿم
    پسند جا نثر نگار؟
    پير حسام الدين شاهه راشدي، محمد ابراهيم جويو ، غلام محمد گرامي ۽ پير علي محمد راشدي (آخري سياسي طور سخت ناپسند اٿم)
    پسند جا شاعر؟
    شاهه لطيف ۽ شيخ اياز
    وڻندڙ لباس ؟
    سنڌي لباس (اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي)
    وڻندڙ خوشبوءِ ؟
    موتيو
    وڻندڙ رنگ ؟
    ڳاڙهو
    آٽو گراف ؟
    “جيستائين سسيءَ ۾ ساهه آهي، سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪرڻ گھرجي.”
    پسند واري فلم ؟
    انگريزي فلم “سمر آف 42”
    پسنديده گانو ؟
    ڪرسٽل گيَل جو ڳايل انگريزي گانو: “ايَ لانگ ايند لاسٽنگ لو”، سنڌيءَ ۾ استاد منظور علي خان جي ڳايل شاهه جي ڪافي: “پرچن شال پنهوار” ۽ هنديءَ ۾ محمد رفيع جو ڳايل گانو: “دک تو اپنا ساٿي هيَ”
    پسند واري ڊش ؟
    ڀينڊيون
    عورت جي سونهن جي باري ۾ اوهان جي راءِ ؟
    دنيا ۾ ڪابه عورت اڄ ڏينهن تائين بد صورت پيدا نه ٿي آهي، فرق ايترو آهي ته ڪي گھٽ خوبصورت آهن ۽ ڪيَ وڌ.
    پسند وارو شهر
    نوابشاهه ، پرڏيهه ۾ سنگاپور ۽ منيلا
    نه پوري ٿيڻ واري خواهش ؟
    جيڪر سڄي سنڌ کي سون سان مڙهائي ڇڏيان، پر اهو ڪم ٿر کان شروع ڪريان.
    خوش ڪڏهن ٿيندا آهيو؟
    جڏهن دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾، ڪنهن سنڌيءَ کي ڳولي لهندو آهيان ۽ کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسندو آهيان ته ڏاڍي خوشي ٿيندي اٿم.
    نوجوانن لاءِ پيغام ؟
    اوهان سنڌ جو آئيندو ۽ اميدون آهيو، علم پرايو، پاڻ ۾ نظم ۽ ضبط ۽ برداشت جو جذبو پيدا ڪريو، جدوجهد ڪريو، مايوسيءَ کي ويجھو اچڻ نه ڏيو، ووٽ جي اهميت کي سمجھو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪريو.
    ڇا اوهان قومپرست آهيو ؟
    مان، اسڪول توڙي ڪاليج جي زماني ۾ قومپرست رهيو آهيان پر هاڻ ناهيان، هيءُ انٽرنيشنلزم جو دور آهي جيڪو نيشلزم جي اُبتڙ آهي. زمانو بدلجي ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته اڄڪلهه جي دور ۾ قومپرست کان سوشل سائنٽسٽ هئڻ بهتر آهي.
    نه وڻڻ واري پنهنجي عادت ؟
    مونکي ترت گرم چاءِ پيئڻ واري پنهنجي عادت هرگز نه وڻندي آهي. جڏهن مان هلال پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندو هوس، تن ڏينهن ۾ خبرون جي پيهه سبب تڪڙي چاءِ پيئڻي پوندي هئم. اخبار کي ڇڏي ورهيه ٿي ويا آهن پر اها پراڻي عادت ڪوشش جي باوجود اڃا به ڇُٽي نه ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مهمانن جي موجودگيءَ ۾ انهيءَ عادت سبب پاڻکي شرمندو به محسوس ڪندو آهيان.
    ڪنهن شيءَ کان الرجي ؟
    سگريٽ جي دونهين سميت هر قسم جي نشي، ڊرنڪ، پان ۽ سوپاري واپرائڻ کان الرجي اٿم.
    اوهان سنڌ جو آئيندو ڪيئن ڏسو ٿا ؟
    جيڏو مونکي سچ تي ايمان آهي، ايڏو مونکي سنڌ جي آجپي تي به ايمان آهي ته هڪ ڏينهن سنڌ توڙي سنڌي سکيا ستابا ٿيندا ۽ کانئن بيجا فائدي حاصل ڪرڻ واري نظام جي پڄاڻي ٿيندي. حق جي فتح ضرور ٿيڻي آهي ڇاڪاڻ ته اهو قدرت جو قانون آهي، ان کي ڪير به مَٽائي نه ٿو سگھي. انشاءَالله سنڌ سدائين رهندي.حق موجود، سدا موجود.
    زندگيءَ جو پهريون عشق ؟
    مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، منهنجو پهريون “عشق” ٽن ٻارن جي ماءُ يعني هڪ پرڻيل عورت سان ٿيو جيڪو هڪطرفو هو، سو ڪجھه وقت کانپوءِ سُندر سپنو بڻجي ويو! رهيل زندگيءَ ۾ پاڻ کي ايڏو ته مصروف رکيم جو عشق ڪرڻ جو وقت ئي نه مليو ۽ زندگي عشق بنا ائين ئي گذري وئي!
    اوهان جي فيس بوڪ آ۽..ڊي
    www.facebook.com/mksial.writer
    نوٽ: هيءَ انٽرويو روزاني سڪار ۾ 18 اپريل 2012 تي شايع ٿيو.[​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جو سعودي عرب ۽ آمريڪا جو سفرنامو پڙهيو اٿم، جيڪو اوهان موڪلي ڏنو هيو، اوهان شين کي سچي ۽ کري انداز ۾ حقيقي طور پيش ڪيو آهي.

    اوهان جون لکڻيون اخبارن ۽ فيسبوڪ تي پڙهندو رهيو آهيان. سدا خوش هجو سائين
     
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,186
    ورتل پسنديدگيون:
    1,715
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    333
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين سليمان وساڻ صاحب.... منهنجن لکڻين کي پسند ڪرڻ جي هڪ ڀيرو وري مهرباني ـ لک قرب ـ
    1 ـ ڪجھه وقت اڳ پنهنجيَ سنڌي سفرناميَ ارائونڊ دي ورلڊ ڪتاب جي ڪاپي اوهان کي موڪلي هئم ـ مناسب سمجھو ته ان کي سنڌ سلامت تي لڳائڻ جو بندوبست ڪندا ـ
    2 ـ مان سمجھان ٿو ته اوهان سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪو اشاعتي ادارو برپا ڪري سگھو ته بھتر ٿيندوـ
    3 ـ ڪجھه وقت اڳ، اوهان سنڌ سلامت ويب سائيٽ کي مخزن طور ڪڍڻ جي باري ۾ راءِ گھري هئي ـ خبر ناهي ته ان جو ڇا ٿيو؟ منهنجي خيال ۾ مخزن ڪڍي سگھو ته بهتر ٿيندو پر اهو معياري هجي، وقت تي نڪري ۽ ان جو مُلهه به مناسب هجي ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب

    اوهان جو سفرنامو پڙهيو هيم ۽ ان کي سنڌ سلامت تي تڏهن ئي اپلوڊ ڪبو جڏهن ڪمپوز ٿئي يا اسڪين ٿئي. ڪمپوزنگ وارو ڪم ڏکيو آهي. باقي اسڪين ڪري سنڌ سلامت ذريعي دوستن سان شيئر ڪندس.

    اشاعتي اداري کي هلائڻ ۽ ان جي مارڪيٽنگ لاء ڪُل وقتي ٽيم گهرجي ۽ ان سان گڏ وڏي رقم به گهرجي جنهن ذريعي ڪم شروع ڪجي. اهو به في الحال ممڪن ناهي.

    ٽين ڳالهه ته مخزن بابت دوستن جا ڪيئي رايا مليا آهن ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ميٽنگ ڪرڻ پيا وڃون. مخزن هجي ته اهو معياري هجي نه ته هتي ڪيئي رسالا اڳ ئي موجود آهن. ان ۾ ڇا هجڻ گهرجي، ان جي مارۡڪيٽنگ، ڊسٽريبيوشن، فنڊ ريزنگ ۽ سنڀال .... سچ ته ڪم سولا ناهن.

    اسان سنڌ سلامت جو بنياد هڪ نقطي تي رکيو هو ...... انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ۾ مواد ڪٺو ڪرڻ. تنهنڪري اسان جون گهڻيون ڪوششون به ان طرف ئي آهن. سوشل ميڊيا تي دوستن جي رهنمائي، ڪتاب مهيا ڪرڻ ۽ ڪمپيوٽر سان لاڳاپيل مسئلن جو آنلائين حل.

    ان ۾ ڪيترو ڪامياب ويا آهيون سا خبر ناهي، پر سلسلو رڪيو ناهي ۽ گذريل چئن سالن کان لاڳيتو ڪوششون ڪيون پيا.
     
  5. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,186
    ورتل پسنديدگيون:
    1,715
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    333
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    وساڻ صاحب ـ مان اوهان جي ڳالهين سان سهمت آهيان ـ
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 سيپٽمبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو