• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي سماج ۾ ساڙ ۽ حسد آهي...

شيخ صاحب خان

سينيئر رڪن
اسان جي سماج ۾ ساڙ ۽ حسد آهي...

درحقيقت اسان جي نفس پرستيءَ نہ صرف خود اعتمادي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آ پر اندروني طور اسان کي پنهنجو پاڻ مان ڪڪ ڪري ڇڏيو آهي .
اخلاقي قدرن جي پائيمالي مشغلو رهيو آهي ڇو تہ ساڙ حسد جهڙي ڏنگيندڙ طرزِذندگي اُڏهي وانگر اندران کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. خوش بخت حيثيت کي هٿ ڪرڻ جي آرزوءَ مثبت روين کي احمقانا ۽ مقروح ڪيو آهي. اسان جو هميشہ غريب سوچ و فڪر سان واسطو رهيو آهي ۽ ازل کانوٺي اسان زندگيءَ جي حقيقتن سان ٺاه ڪرڻ بجاءِ دل و دماغ کي ڏاڍو ڪمزور ۽ ناقابلِ برداشت ساڙ حسد کي پاليو آهي.

اسان جي غلط طريقي زندگي جي آيل اُٿل کي روڪڻو پوندو ۽ وقتِ ضرورت آهي تہ پنهنجي پگھر جي پورهئي سان پيٽ پالڻ جي لياقت، خواهش ۽ عادت کي زنده ڪرڻ جي تہ جيئن صبر ۽ سهپ جي فضا جنم وٺي...
"شيخ صاحب خان"
 
Back
Top