سرد لاش جو سفر (امر جليل)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    سرد لاش جو سفر
    امر جليل

    .........
    هيءَ ڪهاڻي پابندي هيٺ رهي آهي ۽ پهريون ڀيرو ”سهڻي“رسالي ۾ ڇپي هئي. جنهن کان پو انهي رسالي تي به پابندي لڳي وئي. هي ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيل هندن سان زيادتين بابت آهي. جنهن ۾ هندو خاندانن کي جبر ۽ ظلم جو نشانو بڻايو ويو آهي. اسان جي سنڌ جو هڪ اهڙو منظر پيش ڪيو ويو آهي جنهن کي پڙهي دل ڏري ٿي پوي. امر جليل هن ڪهاڻي ۾ به ڪجهه اهڙا ئي عڪس چٽيا آهن.
    .......
    منهنجو ننڍو ڀا پريتمداس پريتو ماڙي جي مٿاهين ڪمري جي ڏاکڻي دري سان ٻڌو ويٺو هو ۽ خوف، عجب ۽ حيرت وچان هيٺ اڱڻ ڏانهن نهاري رهيو هو.
    هيٺ اڱڻ مان منهنجي سترهن سالن جي ڀيڻ ساوتري جي رڙين، آزين ۽ نيزارين جا روح فنا ڪندڙ آواز اچي رهيا هئا. ساوتري جي رڙين، آزين ۽ نيزارين جا آواز عقيدن ۽ اعتبارن کي گهڙي گهڙي جا گها هڻندا آسمانن ڏانهن اڏامندا پئي ويا. ساوتري جو ٻاڏائڻ مجاهدن جي وحشي ٽهڪڙن، ڪيڪڙاٽن ۽ نعرن ۾ ٻڏندو پئي ويو. ٻڌو هيم، آسماني ڪتابن ۾ پڙهيو هيم ته قيامت ڏينهن سج سوا نيزي تي لهي ايندو. ڌرتي تپي ٽامو ٿي پوندي. وڻ پاڙئون پٽجي ويندا ۽ جبل ڪپهه جي ذرن وانگر واچوڙن ۾ ويڙهجي ويندا. اعتبار نه ايندو هو. سڀ ڪجهه ڏند ڪٿا وانگر لڳندو هو. يقين ڪڏهن به تڪميل تائين پهچي نه سگهندو هو. پر ان ڏينهن مون ڪنڌڪوٽ ۾ نانڪ پاڙي تي قيامت کي نازل ٿيندي ڏٺو. سج سوا نيزي تي لهي آيو. ڌرتي تپي ٽامو ٿي پيئي. وڻ پاڙئون پٽجي ويا ۽ جبل ڪپهه جي ذرن وانگر واچوڙن ۾ ويڙهجي ويا.
    منهنجو ڏهن سالن جو ڀا پريتمداس پريتو ڏاکڻي دري سان ٻڌو ويٺو هو ۽ اکين سان قيامت جو منظر ڏسي رهيو هو، رکي رکي ڪنبي پئي ويو. ٻڌل رسين مان پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڇڪتاڻ ۾ ساڻو ٿي پيو. مجاهد مون کي اڌ مئو ڪري، سنگهر هڻي، ڪرسي سان قابو ڪري ويا هئا. ميز تي منهنجي آڏو آسماني ڪتابن جو سولي سنڌي ۾ ترجمو کليل پيو هو، جنهن تي پريتو ۽ منهنجي رت حاشيي وانگر هاريل هئي.
    پريتو ڏاکڻي دري وٽان منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو ۽ ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، “دادا، ڏس ته سهي! هيترا ماڻهو ساوتري کي ڇا پيا ڪن!”
    کيس ٽارڻ لا چيم، “مان هن وقت آسماني ڪتابن جو سولي سنڌي ۾ ترجمو پڙهي رهيو آهيان.”
    پريتو ڄڻ ٻاڏايو، چيائين، “تون اچي ڏس ته سهي!”
    پاڻ کي سنگهرن مان آجو ڪرڻ لا ڇڙي هنيم. ڪرسي وڃي پٽ پيئي. پيرن سان پاڻ کي ڌڪيندي ڏاکڻي دري وٽ وڃي پهتس. ڀڳل شيشن تان رڙهندي رتو رت ٿي ويو هوس. پنهنجي پويان فرش تي رت جون ريکائون ڇڏي آيو هوس. ڪنڌ کڻي دري جي ٻنوڙي تي رکيم. هيٺ، اڱڻ ڏانهن نهاريم. جيڪي ڏٺم، تنهن ايمان ۽ عقيدن جا ڪوٽ ڪيرائي وڌا. سالن جي تپسيا کن پل ۾ ڀسم ٿي وئي. الهلوڪن جا درس ڌوڙ ۾ ملندي ڏٺم. پيغمبرن، اوتارن ۽ گيانين جا گيان ۽ بيان بي معني ٿي پيا. تعجب لڳو اکين تي، جيڪي انڌيون نه ٿيون! دل ابابيل وانگر ڦٿڪي پيئي، پر سيني جي قفس مان نڪري نه سگهي. ڪنڌ کڻي آسمان ڏانهن ڏٺم ۽ چيم، “ايتريقدر ته تو ڪڏهن ڪنهن پيغمبر کي به نه آزمايو هو! ته پو مون نٻل کي ايڏي آزمائش ۾ ڇو وڌو اٿئي؟ ڇو وڌو اٿئي؟ مون کي پيغمبري ڏيندين؟ مون کي ڌرماتمائن جي قطار ۾ بيهاريندين؟ مون کي پرماتمائن سان ملائيندين؟ مان ڀڄي پوندس، ڀري پوندس، تو سان بغاوت تي لهي ايندس. تنهنجو ته ڪجهه بگاڙي نه سگهندس پر پاڻ کي اجاڙي ڇڏيندس. مون کي ايڏو نه آزما، ايڏو نه آزما.”
    پريتم هيٺ جهڪي پنهنجو منهن منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيو.
    اڱڻ جي وچ ۾ مجاهدن ساوتري کي کنڀي صندل تي ليٽائي ڇڏيو هو. هڪ وڏو هجوم صندل کي وڪوڙي ويو هو. جوش وچان الله عظيم آهي جا نعرا هڻي رهيو هو. مرڻينگ ساوتري به الله کي پڪاري رهي هئي. جوڌا جوان هنبوڇيون هڻي رهيا هئا ۽ ساوتري کي چڪن ۽ چونڊڙين سان چچري رهيا هئا. حوا جي ڌي جي بيحرمتي ڪري رهيا هئا. ڇتن ڪتن وانگر هڪٻئي کي هٽائي ساوتري کي سوگهو پئي ڪيائون. سڄي سموري ساوتري کي ننهنڊن، چهنڊن ۽ چڪن سان رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو هئائون.
    ساوتري بي حال پيئي هئي. آواز گهڙي گهڙي جو گها کائي مرڻينگ ٿي ويو هوس. الله کي التجا لا چپ چوريائين پئي، پر چڪن سان چچريل چپن تائين الله جو نالو اڪلي نه پئي آيس. اکيون بند، وار وکريل، هو چوتاڪ صندل تي پيئي هئي. هو آهستي آهستي مري رهي هئي. مجاهدن جو جوش ۽ جذبو ويو پئي وڌندو. هو تلوارون، خنجر ۽ بندوقون اڀيون ڪري ننگي ابليس وانگر هنبوڇيون هڻي رهيا هئا ۽ الله اڪبر جا نعرا بلند ڪري رهيا هئا. هڪڙن وحشين کيس ڇڏيو پئي ته ٻين کيس چچريو پئي.
    پريتم روئڻهارڪي آواز ۾ پڇيو، “دادا، هي ساوتري کي ڇا پيا ڪن؟”
    “مجاهد اسان جي ڀيڻ کي پاڪ پويتر پيا ڪن.” ڪروڌ ٻرندڙ جبل جي لاوي وانگر منهنجي وجود ۾ ڪاهي پيو. گيان ۽ ڌيان جي تپسيا سڙي رک ٿي ويو. آسماني صحيفن جا صفحا ميسارجي ويا. بي معني ٿي پيا. پيغمبري منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. ورهين جا ورهيه پاڻ کي تيار ڪيو هيم ته زندگي گوتم ٻڌ جو ڀڪشو ۽ سچل سرمست جو مريد ٿي گذاري ڇڏيندس. مذهبن جي ڇڪتاڻ کان پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيندس. جنهن آزمائش ۾ خلقڻهار مون کي وجهي ڇڏيو هو، سا آزمائش مون ماڻهو جي سهپ کان ٻاهر هئي. مذهب جي نالي ۾ درندگي ڏسي منهنجي اعتقاد جا ڪوٽ ڪري پيا. مون کي پنهنجي لهجي مان زهر جي ڪوڙاڻ محسوس ٿي. چيم، “پريتم، اسان جي ڀيڻ ساوتري ڏاڍي ڀاڳن واري آهي جو مجاهدن هٿان جنت جي حقدار ٿي رهي آهي.”
    پريتم حيرت وچان پڇيو، “جنت ڇاهي، دادا؟”
    اڀ ڏانهن ڏسندي سچل جي وائي ورايم، “دوزخ دڙڪو، بهشت دلاسو، ڊاهه ويا سڀ ڊهي ڊهي.”
    “جنت اها عافيت واري جا آهي جنهن ۾ مدر ٽيريسا نه ويندي، جنهن ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ نه ويندو، جنهن ۾ ڀڳت ڪنور، مهاتما گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي نه ويندا.” اکيون بند ڪندي چيم، “تون ۽ مان به جنت ۾ نه وينداسين. اسان جي ما به جنت ۾ نه ويندي، پر پريتمداس پريتو.”
    پريتم صفا وائڙو ٿي ويو، هن اڳ مون کي اهڙي زهر آلود لهجي ۾ ڳالهائيندي نه ٻڌو هو. هن اڱڻ ۾ بيٺل اگهاڙن مجاهدن ڏانهن ڏسندي پڇيو، هي سڀئي جنت ۾ ويندا؟”
    “سندن نعرا نه ٿو ٻڌين؟” مون آسمان ڏانهن ڏسندي چيو، “هي جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، پنهنجي پر ۾الله کي خوش ڪرڻ لا ڪري رهيا آهن، کين پڪ آهي ته جنت ۾ ويندا.”
    هڪ ته مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ وحشي ڊرامي پريتم جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون، مٿان جو منهنجي لهجي ۾ سرڪشي ڏٺائين ته بنهن بي وس ٿي پيو. انحراف جي آڳ منهنجي وجود کي وڪوڙي ويئي هئي. پريتم ڊڄندي ڊڄندي پڇيو. ”تون، مان، امان ۽ ساوتري ڪيڏانهن وينداسين؟”
    “تون ڪو فڪر نه ڪر پريتمداس، تون ڪو الڪو نه ڪر، تون، مان، امان ۽ ساوتري سورڳ ۾ وينداسين يا نرگ ۾.” اڀو ساهه کنيم ۽ چيم، “ڌرتي وانگر ڌرمن آسمان تي به ماڻهن کي ونڊي وراهي ڇڏيو آهي، مسلمانن لا جنت ۽ دوزخ آهن، ڪرستان لا هيون ۽ هيل آهن، هندن لا سورڳ ۽ نرڪ آهن.”
    مذهبن جي نالي ۾ ويڇا ٿيل انسان جو الميو ننڍڙي پريتم کي منجهائي وڌو. هو حيرت وچان ڪڏهن هيٺ اڱڻ ڏانهن ۽ ڪڏهن منهن ورائي مون ڏانهن ڏسي رهيو هو.
    مان سچل جي گيان ۾ گم ٿي ويس. زنجير فرش تي هڻي جهونگاريندو رهيس: مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا-موليٰ، مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا-مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.
    اڱڻ مان اڏامندڙ آهن، دانهن، آزين، نيزارين ۽ جنوني نعرن جي هيبتناڪ آوازن منهنجي جهونگار کي جهوري وڌو. مون زنجيرن مان آجو ٿيڻ لا ڇڙيون هنيو. پٻن ۽ ويڻين تي مٿڀرو ڪري پاڻ کي ٻڌل ڪرسي مان ڇڏائڻ چاهيم، پر ڇڏائي نه سگهيس. سڄو جسم ڇلجي ويو. مون دري مان آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ وڏي واڪ چيو، “رڳو سيمسن کي سگهه ڇو ڏني هيئه؟ مون کي به سيمسن جهڙي سگهه ڏي- مون کي سگهه ڏي ته ڪدورتن جا قلعا ڪيري وجهان-ڊوهه ڊاهي ڇڏيان.”
    الا ڪيئن ۽ ڪٿان امان اوچتو ڪال ڪوٺڙي جهڙي ڪمري جو در کولي اندر هلي آئي. سندس کير جهڙا اڇا وار وکريل هئا. اکين ۾ خوف هوس. هراس هوس. سندس منهن جا گهنج تاريخ جي المناڪ داستانن وانگر واضح ٿي پيا هئا. وحشت وچان ڪنبي رهي هئي. منهنجي آڏو اچي بيٺي. اکين ۾ بيوسي هيس.
    ”ڇا پيئي ڏسين، جيجل منهنجي ما. مان تنهنجو پٽ گوپالداس گوپو آهيان.“ ڄڻ شمشان گهاٽ مان پئي ڳالهايم. چيم، ”ڏاکڻي دري سان تنهنجو سڪيلڌو پٽ پريتمداس پرتيو رسين سان ٻڌو بيٺو آهي. ۽ تاريخ جو چشمديد گواهه ٿي رهيو آهي.“
    امڙ ڪنيندڙ آواز ۾ چيو، ”هي ڏينهن اسان کي تنهنجي ڪري ڏسڻو پيو آهي.“
    گوڏن ڀر گسڪي، مون پنهنجو منهن امان جي پيرن تي رکي ڇڏيو. ايندڙ وقت جي انديشن کي ڌيان ۾ رکندي اسان جي ڪٽنب سنڌ مان لڏي وڃڻ جو فيصلو هو. ان ڏينهن منهنجي مڱيندي ميران ۽ مون سنڌو ۾ پير پسائي، ۽ سنڌ ديس جي مٽي مٿي ۾ وجهي قسم کاڌو هو ته اسين ذات پات، دين ڌرم، سڀ ڪجهه ڇڏينداسين، پر سنڌ ديس جي ڌرتي نه ڇڏينداسين. منهنجي هوڏ آڏو اسان جو ڪٽنب ورهائجي ويو هو. امان مون کي اڪيلو ڇڏي هندستان وڃڻ لا تيار نه ٿي. امان رهي پيئي ته امان سان گڏ پريتم ۽ ساوتري به سنڌ ۾ رهي پيا هئا.
    هيٺ جهڪي، منهنجي منهن ۾ نهاريندي امان چيو، ”خبر اٿئي؟ سموري نانڪ پاڙي کي باهه وڪوڙي وئي آهي!“
    مان پنڊ پهڻ وانگر امان ڏانهن ڏسندو رهيس. امان اڃا ڪجهه هيٺ جهڪي آئي. گهُٽيل گهُٽيل آواز ۾ چيائين. ”۽ خبر اٿئي گوپو، ميران کي به مجاهد کنڀي کڻي ويا آهن.“
    ”الله ڏاڍو ٻاجهارو ۽ مهربان آهي.“ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ ڪڙهندي چيم، ”ميران ڏاڍي ڀاڳن واري آهي جو مجاهدن هٿان مسلمان ٿي رهي آهي.“
    امان منهنجي ذهني ڪيفيت ڏسي ڊڄي ويئي. ڏکئي کان ڏکئي وقت ۾ به هن مون کي اهڙي طرح صبر جو ساٿ ڇڏيندي ۽ وڦلندي نه ڏٺو هو.“ ڪل جڳ ۾ عشق جي اوتار جي چانئٺ ڇڏيندي نه ڏٺو هو. مون کي رت هاڻي نرڙ تي مٺي ڏيندي چيائين ”ايئن نه چئه.“ ايئن نه چئه، ماريندي ويرم نه ڪند.“
    ”مون آسماني ڪتابن جو سولي سنڌي ۾ تت پڙهيو آهي.“ اڀو ساهه کنيم. چيم، ”آسماني ڪتاب صحيح آهن، يا مجاهد صحيح آهن، ان ڳالهه جو فيصلو ڪير ڪندو؟“
    آسمان ڏانهن آڱر کڻندي چيائين، ”ان جو فيصلو هو ڪندو.“
    ”هو ڪهڙا فيصلا ڪندو“؟ آتش فشان جو رجيل مادو منهنجي رڳ رڳ ۾ ڊوڙڻ لڳو. چيم، ”اشرف المخلوقات جا افعال ڏسي الله الوپ ٿي ويو آهي- ڀڳوان وڃي بن ۾ رهيو آهي. هي دنيا رام رحيم جي وس ۾ ناهي.“
    ”ناستڪ نه ٿي-ناستڪ نه ٿي.“ امان ڳراٺڙي پائي مون کي مٺيون ڏيندي رهي-روئيندي رهي. چيائين، ”اسين هتان هليا وينداسين-هليا وينداسين.“
    ”نه. ڪڏهن به نه“ سور سهندي سهندي مان پٿر ٿي پيو هوس. جيڪا ڌيان ۽ گيان جي موڙي ميري هيم، سا ڪروڌ ۾ ڀسم ڪري ڇڏيم. مان، جيڪو نه هندو هوس، ۽ نه مسلمان هوس. ڪل جڳ ۾ عشق جي اوتار جو معتقد هوس، ڪنهن به مذهب کي سچ ۽ حق کان مٿانهون نه سمجهندو هوس. مذهبن جي ويڙهه ۾ چچرجي ويس.
    منهن امان جي پيرن تي رکي ڇڏيم. ڏک وچان چيم، ”اهڙيون هزارين قيامتون مون مٿان نازل ٿين، پر مان سنڌ ديس جي ڌرتي نه ڇڏيندس.“
    ”ماڻهو مرون ٿي پيا آهن. گوپو.“ امان منهنجا زنجير لاهڻ چاهيا، پر لاهي نه سگهي. هٿ ڦٽجي پيس. چيائين، ”گهٽي گهٽي ۾ اسان جون لڄون لاٿيون اٿائون.“
    ”الله ڏاڍو مهربان ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.“ مون ڏک وچان ڏرندي چيو، ”هاٿين تي سوار لشڪر کي هن ابابيلن کان شڪست کارائي هئي. تون ڏسجان پئي امان، چهنبن ۾ پٿريون کڻي ابابيل ولر ڪري ايندا، ۽ مروئن کي ماري وجهندا.“
    ان وقت اڱڻ مان آهه بلندي ٿي. مون آهون ۽ دانهون ٻڌيون آهن. آهُن ۽ دانهن ۾ عرش ۽ فرش کي ڪنبندي ڏٺو اٿم. پر، اها هڪ آهه سمورين آهن کان مختلف هئي. اها آهه بڙڇي وانگر منهنجي روح مان آرپار ٿي ويئي. مان زنجيرن ۾ جڪڙيل فرش تي بيوس پيو هوس. امان ۽ پريتم ڏاکڻي دري مان هيٺ اڱڻ ڏانهن ڏسڻ لڳا.
    مون امان کي چيو، ”مذهبن جي نالي ۾ دنيا وڏا ناٽڪ ڏٺا آهن. موٽي آ منهنجي ما. مذهب جي نالي ۾ هلندڙ سيڪنڊ شو نه ڏس.“
    امان ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويئي. دري وٽان منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺائين. چيم، ”توکي جهليو هيم نه، ته مذهب جي نالي ۾ هلندڙ ڊرامي جو سيڪنڊ شو نه ڏس!“
    لڙڪ الا ڪڏهن کان سڪي ويا هيس! ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين، ”ميران کي آڻي ساوتري ڀرسان صندل تي ڦٽو ڪيو اٿائون. مان سمجهان ٿي.... مان سمجهان ٿي..... مان سمجهان ٿي......“ جملو پورو ڪري نه سگهي.
    ”تون ڇا ٿي سمجهين جيجل منهنجي ما؟“ چيم، ”تون ڇا ٿي سمجهين؟“
    امان ڪنبندي چيو، ”مان سمجهان ٿي، مان سمجهان ٿي، ميران مري ويئي آهي.“
    ”الله نهايت رحم وارو، ۽ ڏاڍو مهربان آهي.“ روئڻ چاهيم، پر روئي نه سگهيم. برداشت جو بند ڀڃي ڪو سيلاب منهنجي وجود مان ڦاٽي نه نڪتو. ازل کان هڪ کي انيڪ ۾ ورهائي انسانن هڪٻئي تي ڏاڍا ظلم ڪيا آهن-وسنديون ويران، ۽ ملڪ اجاري ڇڏيا آهن. امان جي پيرن تي منهن رکندي چيم، ”ميران ۽ ساوتري ڀاڳن واريون آهن جو مجاهدن هٿان پاڪ پويتر ٿي مري ويون آهن.“
    هيٺ جهڪي، امان مون سان چنبڙي پيئي. ڦتڪندي، ماتم ڪندي، هنجون هاريندي امان چيو، ”مون کي ماري ڇڏي گوپال-مون کي ماري ڇڏ. مون ۾ سهن شڪتي ڪونهي. مون کان سٺو نٿو ٿئي. گهٽو ڏيئي مون کي ماري ڇڏ. مون تي ڪهل ڪر گوپو. مون کي ماري ڇڏ.“
    ”تنهنجي مرڻ جو دور گذري ويو منهنجي ما.“ منهنجي وجود ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. رجيل لوهه سمورا بند ڀڃي وڌندو آيو. چيم، ”تون ابد تائين، هميشه لا جيئري رهندين، منهنجي ما. ويهين صدي جي آخر تائين دنيا جا سمورا مذهب ريتن، روايتن ۽ رسمن ۾ بدلجي ويندا. ڪي نمازون نوڙي پڙهندا، ڪي وڃي مندر وسائيندا. ڪٽرپڻي تي نيٺ عشق غالب ايندو.“
    ”تون خواب پيو ڏسين گوپو.“ امڙ کي هڏڪي آئي. چيائين، ”تون خواب پيو ڏسين.“
    ”خواب ڪُل جَڳ ۾ عشق جي اوتر ڏٺو هو. - ساهه ويو پي سوڙهو ٿيندو. چيم، ”مان سندس خواب جي تعبير آهيان. مان مذهبن ۾ ويڙهه کان مڪت (آزاد) ٿي ويو آهيان. منهنجي لا دوزخ درڪو، ۽ بهشت دلاسو آهي..
    اوچتو پريتمداس ڏاکڻي دري وٽان رڙ ڪئي. چيائين، ”دادا، هو تو وارا ئي سنگتي آهن نه، ڪمالو، جانو، ۽ دينو. سي آيا آهن. هٿن ۾ ڪهاڙيون ۽ خنجر اٿن.“
    چيم، ”هو ٽيئي دوستي جو حق نڀائڻ آيا آهن، پريتو.“
    ”نه، دادا نه.“ پريتم حيران ٿيندي چيو، ”ٻين وانگر هنن به لٽا لاهي ڇڏيا آهن. ميران ۽ ساوتري تي وڃي ڪريا آهن.“
    ”الله وڏو مهربان ۽ نهايت رحم وارو آهي.“ سوڙهو ساهه کڻي پولار ۾ ڏٺم. ۽ چيم، انبوهه ۾ منهنجو جاني دشمن لالا نصير ڏسين، تڏهن مون کي خبر ڪجان. هن قسم کنيو آهي ته اسان جي ما کي نه ڇڏيندو.“
    ان مهل الله اڪبر جا زبردست نعرا بلند ٿيا. جنهن ڪمري ۾ امان، مان ۽ پريتم هئاسين تنهن ڪمري ۾ ست اٺ جوڌا جوان ڪاهي آيا. اچڻ شرط مون کي لتون ۽ مڪون هڻي اڌ مئو ڪري ڇڏيائون. ٻن ڄڻن پريتم کي ٿڦڙون وهائي ڪڍيون. ٻولي مان گارين جو ذخيرو ختم ڪري ڇڏيائون. مون کي وارن کان وٺي سڌو ڪري بيهاريائون. ائين لڳو ڄڻ پولار ۾ وڃي پيو هوس. پير ٿڙيا پئي، وچڙيا پئي. هڪڙي برجستي مجاهد مون کي ٻنهي ٽنگن جي وچ ۾ لت هڻندي چيو، ”اڙي ما جا.... نشي ۾ آهين ڇا؟“
    امان برجستي مجاهد جي پيرن تي ڪري پيئي، ٻاڏائيندي چيائين، ”گوپال کي نه ماريو، گوپال کي نه ماريو.“
    ”نه، نه امڙ نه.“ ڦتڪي پيس، چيم، ”گهرين ٿي ته ايشور ۽ الله کان گهر –رام ۽ رحيم کان گهر. سوئرن کان ڇاٿي گهرين؟“
    مڪن، ٺونشن، لتن ۽ لٺين جو وڏ ڦڙو وسي پيو. انگ انگ ۾ سنڌ سنڌ چٿي چور ڪري ڇڏيائون. رت ٺينڊيون ڪري مٿي کان پيرن تائين مون کي آلو ڪري ڇڏيو.
    امان مجاهدن کي هٿ جوڙڻ لڳي. ايلاز ڪندي رهي. ”اڙي ابا، گوپال کي نه ماريو-گوپال کي نه ماريو.“
    هڪ مجاهد رڙ ڪندي چيو، ”واڻيي جي پٽ کي نه ڇڏينداسين. ڀيڻ جي.... کي ڳڀا ڳڀا ڪنداسين.“
    امان کين هٿ جوڙي ايلاز ڪندي چيو، ”گوپال هندو ناهي...... گوپال هندو ناهي.“
    ”ڪنهن مسلمان سان..... هيئه ڇا” وڦليل مجاهد امان کي وارن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ”ٻڌا پوڙهي. ڪهڙي مسلمان سان سمهي هئين جنهن مان هي حرامي ڄائو اٿئي؟“
    اوچتو ڪايا پلٽجي ويئي. امان سٽ ڏيئي وار مجاهد جي مٺ مان ڇڏائي ورتا. آهستي آهستي اٿي بيٺي. مجاهد جي منهن ۾ گهور ڪري ڏٺائين. پو ڪنڌ ورائي مون کي منهن ۾ گهرڙي ڀونڊو ڏنائين.
    اهو سڀڪجهه ايتريقدر جلدي ٿي پيو. جو خونخوار مجاهد وٺجي ويا. جتي جتي بيٺل هئا، اتي پنڊ پهڻ ٿي ويا. اوچتو امان مون کي ٿڦ وهائي ڪڍي. اکين مان ڄڻ الاوَ پئي نڪتس. گهور وجهي مون ڏانهن ڏسندي چيائين، ”تون جو چوندو آهين، مان هندو ناهيان، مومن ناهين مان جوئي آهيان سوئي آهيان. هاڻي هنن کي جواب ڏي. سچل جا پٽ هنن کي ٻڌا ته تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“
    ان وچ ۾ الا ڪيئن پريتم پاڻ کي رسين کان آجو ڪري ورتو. ڊوڙ پائي ڪمري جي ڪنڊ ۾ پيل ڀڳل ڪرسي جي ٽنگ کڻي آيو، ۽ امان جي سامهون بيٺل مجاهد جي مٿي ۾ وهائي ڪڍيائين. مجاهد جون وايون بتال ٿي ويون. مجاهد جي مٿي مان رت جو ڦوهارو ڦٽي پيو، ۽ هو ٻنهي هٿن ۾ مٿو جهيل ويهي رهيو. مجاهدن ۾ واويلا مچي ويئي. اک ڇنڀ ۾ مجاهدن پريتم کي سوگهو ڪري ورتو. کيس چماٽن، لتن ۽ ٺونشن سان ساڻو ڪري ڇڏيائون. پو کيس ٽنگن ۽ ٻانهن کان جهلي، ٽنگا ٽولي ڪري، لوڏيندا ڪمري مان ٻاهر کڻي ويا. لڳو پئي هو کيس ٽِپُڙ تان اڇلائي ڇڏيندا. جڪڙيل زنجيرن ۾ روح ڪنبي ويو. ڀانيم، امان روئيندي، پٽيندي، ۽ ٽپڙ تي نڪري پريتم کي چنبڙي پوندي. مجاهدن کي الله رسول جا واسطا ڏيندي پريتم کي بچائڻ جا جتن ڪندي. پر، امان ائين نه ڪيو. هو ڪمري مان ٻاهر نه نڪتي. هو ماضي، حال ۽ مستقبل جو مجسمو ٿي پيئي. اک ڇنڀڻ بنا بيوس پريتم ڏانهن ڏسندي رهي.
    مجاهد جنوني ڪيفيت ۾ هئا. زور زور سان ٽنگا ٽولي ٿيل پريتم کي لوڏڻ لڳا. الله اڪبر جا نعرا بلند ڪندا رهيا. تڏهن مٿي ڦاٽل مجاهد رڙ ڪندي چيو، ”ترسو. ما جي.... کي اڱڻ ۾ اڃا نه اڇلائجو.“
    زخمي مجاهد الله اڪبر جو نعرو هڻي اٿي بيٺو. پاڻ کي ننگو ڪندي مجاهدن کي چيائين، ”ما جي..... جي چڍي لاهيو.“
    تاريخ پاڻ ورجايو. مجاهدن منهنجي ننڍڙي پريتم جو اهو ئي حشر ڪيو جيڪو حشر ازل کان وس وارا بيوسن سان، ظالم مظلومن سان، ۽ قوي ڪمزورن سان ڪندا آيا آهن. مون آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”هينئر ڪو هرڪيولس، هينئر ڪو ارجن بيوسن جي مدد لا ڇو نه ٿو موڪلين؟“
    پريتم رڙيون ڪيون هيون، پر مون نه ٻڌيون هيون. ڪي رڙيون، ڪي آهون، ڪي دانهون زمان حال ۾ ٻڌي نه سگهبيون آهن. اهڙين رڙين، اهڙين آهن، اهڙين دانهن جا پڙاڏا آئيندي جي گهڙي گهڙي ۾ گونجندا آهن، ۽ مذهبن جي نالي ۾ انسانيت جي ٿيل تذليل تي گواهي ڏيندا آهن-سچل سائين جي هڪ سٽ جي تصديق ڪندا آهن:مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.
    سڌ ٻڌ وڃائڻ کان اڳ مون پريتم کي آخري دفعي ڳالهائيندي ٻڌو هو. موهن جي دڙي وانگر خاموش ٿي وڃڻ کان اڳ، مون ڏانهن منهن ڪندي پريتم چيو هو، ”مجاهدن الله جي نالي ۾ مون کي به پاڪ پويتر ڪري ڇڏيو آهي.“
    ”نه پريتم، نه هنن وٽ الله ڪونهي.“ مون زنجيرن ۾ ڦتڪندي چيو، ”الله جا بندا، الله جي بندن تي اهڙو ظلم نه ڪندا آهن. هي خدا جي خدائي مان ڇڙواڳ ٿي نڪتل وحشي آهن.“
    امان گوڏن ڀر منهنجي ڀرسان فرش تي ويهي رهي. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪائنات کي ڌونڌاڙيندڙ زلزلو ڍرو ٿي ويو. مون محسوس ڪيو ته جيئن يسوع مسيح صليب تان آسمانن طرف کڄي ويو هو، تيئن پريتم اڱڻ ۾ ڪرڻ بدران آسمانن ڏانهن هليو ويو هو-هو هڪ سان ملي هڪ ٿي ويو هو. تڏهن، دل جي ڪنهن ڪنڊ مان آواز آيو:
    انت بحر دي خبر نه ڪائي،
    رنگي رنگ جمايا،
    الله آدمي بڻ آيا.
    مجاهدن منهن ورائي امان ۽ مون ڏانهن ڏٺو. سڙٻاٽن ۾ صلاح مشورا ڪرڻ ۾ لڳي ويا. مان سمجهي ويس. هينئر منهنجي مرڻ جو وارو هو. پر، مان جيئرو ڪٿي هوس! مان ته ساوتري جو پهريون سڏ ۽ پهريون سُڏڪو ٻڌي مري ويو هوس!
    جنهن مجاهد جو مٿو پريتم ڦاڙي وڌو هو، تنهن مون ڏانهن اشارو ڪندي ٻين مجاهدن کي چيو، ”هن ڀيڻ جي..... کي ۽ پوڙهي کي هيٺ وٺي هلو.“
    ڪجهه مجاهدن مون کي وارن ۾ هٿ وجهي ڇڪيندا، ۽ امان کي ڌڪا ڏيندا هيٺ اڱڻ ڏانهن وٺي ويا. وحشي انبوهه مون کي ۽ امان کي ڏسي، جوش ۾ اچي نعرا هڻڻ لڳا-الله اڪبر-الله اڪبر. ايئن پي محسوس ٿيو ڄڻ ڪو معرڪو ماريو هئون. ڪهاڙيون ۽ خنجر اُڀا ڪري هنبوڇيون هڻڻ لڳا.
    ڀت ڀرسان پريتم جو لاش اونڌي منهن فرش تيپيو هو. اچڻ جي وچ ۾ ساوتري ۽ ميرن جا لاش صندل تي پيا هئا. ٻنهي جون اکيون کليل هيون-ڄڻ ڪنهن معجزي لا آسمان ڏانهن نهاري رهيون هيون. دل چاهيو ته وڌي وڃي چوان، ”معجزا فقط پيغمبرن لا رونما ٿيندا آهن، چريون! اکيون بند ڪر ڇڏيو.“
    زنجيرن ۾ ڦتڪيس، پر، ڪجهه ڪري نه سگهيس. مون آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”ڪڏهن ماڻهن لا به ڪو ڪرشمو ڪري ڏيکاريندو ڪر.“
    مون ڪنڌ کڻي اڱڻ ۾ بيٺل جنوني انبوهه ڏانهن ڏٺو. ڪافي چهرا ڄاتل سڃاتل نظر آيا، پر، هنن ۾ لالا نصير نه هو. جيڪب آباد کان ڪنڌڪوٽ تائين لالا نصير کان وڏو منهنجو ڪو دشمن نه هو. هجوم ۾ لالا نصير کي نه ڏسي مون کي تعجب ٿيو. اوچتو ڪنڌڪوٽ جا ٻه بدنام لوفر منهنجي مٿان اچي بيٺا. مون کي منهن ۾ ٿڪون هڻندي ۽ بجا ڏيندي چيائون، ”خبر اٿئي اسان توهان جو هي حشر ڇو ڪيو آهي؟“
    مون کين جواب نه ڏنو.
    چيائون، ”هڪڙي واڻيي دڪاندار مسلسل ڇوڪري سان هٿ چراند جي ڪوشش ڪئي هئي. اسين ان جو بدلو وٺي رهيا آهيون.“
    ”روزانو وحشي مسلمان پنهنجي ئي مذهب جي مسلمان نياڻين جي لڄالٽ ڪندا آهن.“ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان پڇيو مانِ، ”انهن نياڻين جو بدلو ڪنهن کان وٺندا آهيو؟“
    مون کي لت وهائيندي چيائون، ”اهو اسان مسلمانن جو پنهنجو معاملو آهي.“
    ”مسلمان زميندار ۽ هندو سيٺيون گڏجي سڏجي هارين جي عورتن کي بي آبرو ڪندا آهن. اها ڳالهه ڪا ڍڪيل ناهي.“ الا ڪٿان، الا ڪيئن فنا ٿيندڙ وجود ۾ ٻيهر سرڪشي ۽ بغاوت جي باهه ڀڙڪي پيئي. چيم، ”طبقا فقط ٻه هوندا آهن، مجاهدو-هڪڙو پيڙهيل ٻيو پيڙهيندڙ. سمورن مذهبن جا پيروڪار انهن ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن.“
    ”اڙي! اڃا بڪ پيو ڪرين!“ ڪک ۾ لت وهائي ڪڍيائون.
    ”وساري ويٺا آهيو؟“ درد ۾ چيچلائيندي چيم، ”سال اڳ“، ساڳئي ڊسمبر مهيني ۾ مغربي پاڪستان جي طاقتور مسلمانن مشرقي پاڪستان جي ڪمزور مسلمانن سان ڪهڙا ڪلور ڪيا هئا؟ ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ ڪيڏانهن ويو مشرقي پاڪستان؟ بي انتها ظلم موٽ ۾ مظلوم کي طاقتور ڪري وجهندو آهي. اها تاريخ آهي ۽ بنگلاديش جو وجود ظالم خلاف مظلوم جي طاقت جي گواهي آهي.“
    ”اڙي ما جي...... جا ڪپڙا لاهيو ته بڪواس بند ڪري.“ ڪجهه قانون جا گماشتا اچي وارد ٿيا. چائون، ”اگهاڙو ڪريو تاريخ جي پٽ کي.“
    قانون جي گماشتن کي ڏسي جنوني هجوم هوش مان نڪري ويو. الله اڪبر جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻڻ لڳا. مون هڪڙي مجاهد کي چيو، ”اسين جي اجهامي وياسين ته ڇا ٿي پيو؟ وري باک ڦٽندي، وري سج چڙهندو تاريخ جو هڪ نئون باب لکبو.“
    قانون جا گماشتا ۽ انصاف جا ٺيڪيدار منهنجي آڏو اچي بيٺا. مجاهدن منهنجا زنجير لاهي، مون کي ڪپڙن کان آجو ڪري ڇڏيو. اوچتو هڪ گماشتي بيد جو لڪڻ مون کي منهن تي وهائي ڪڍيو. مون نه اک ڇنڀي، ۽ نه سيسڙاٽ ڀريو. بنا ڪنهن ارادي جي مان ذهني طرح جسماني عذاب سهڻ لا تيار هوس. گماشتن منهنجي جسم جو ڪو عضوو نه ڇڏيو. بيد جا لڪڻ وسائيندي، لتون ۽ ٺونشا هڻندي هو سهڪي پيا.
    مون اکين تان رت اگهي انبوهه ۾ لالا نصير کي ڳوليو. هن هڪ دفعي چيو هو، ”مان توکي ۽ تنهنجي ما کي نه ڇڏيندس. جڳ جهان آڏو مان توهان ٻنهي کي ننگو ڪري ٽيڪبٽيڪو ڪرائيندس.“
    جنوني انبوهه ۾ مون ٻيهر لالا نصير لا واجهايو. اسان جي ٽيڪبٽڪي لا کيس ان کان وڌيڪ مناسب وقت نه ملندو! پر، لالا نصير مون کي نظر نه آيو. اهو نيڪ ڪم گماشتن پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو هو. لتون هڻندي، ڌڪا ڏيندي هنن مون کي امان آڏو آڻي بيهاريو. هو اروڙ وانگر ويران هئي.
    مون قانون جي هڪ گماشتي کي چيو، ”مان زمان حال آهين. تون مون کي اجاڙي سگهين ٿو. منهنجي ما ماضي آهي. هو تاريخ جو حصو ٿي ويئي آهي. تون کيس اجاڙي نه سگهندين. تاريخ سان اڄ تائين ڪو پڄي نه سگهيو آهي.“
    ”اڙي بند ڪر پنهنجي بڪواس فلاسافي.“ بيد جي لڪڻن جو وسڪارو ٿيو. کل منهنجي جسم تان پٽجي ويئي. سوئر جهڙي گماشتي چيو، ”مان تنهنجي ما کي ننگو ڪري سڀني جي سامهون........“
    ”تون ان کان سوا ڪجهه ڪري به نٿو سگهين.“ چيم، ”تون پنهنجي فطرت کان مجبور آهين.“
    ”اوه! بدبخت واڻيا!“ ٻنهي هٿن جون آڱريون آڱرين ۾ وجهي جيئن والي بال کي ٻنهي هٿن جي مڪ هڻبي آهي، تيئن قانون جي گماشتي مون کي لوندڙي تي مڪ وهائي ڪڍي. مڪ وهائي ڪڍڻ کان پو هو منهنجي ڪرڻ جو ڪجهه گهڙيون منتظر رهيو. مون کي ٻنهي پيرن تي بيٺل ڏسي گماشتو وائڙو ٿي ويو.
    ”يار تون به ڪمال ٿو ڪرين!“ قانون جي ٺيڪيدار رڙ ڪري گماشتي کي چيو، ”کل لاهي ڇڏ ما جي.... جي.“
    ”ڪنهن جي کل لاهيندو قانون جو گماشتو؟ منهنجي کل لاهيندو؟ مان، جنهن جو نالو گوپال آهي؟ مان، جنهن جي ڀيڻ ۽ مڱيندي کي قانون جي گماشتن آڏو بگهڙن چيري، ڦاڙي، ماري ڇڏيو؟ مان، جنهن جي ڀا پريتم کي چچري چچري ڇت تان اڱڻ ۾ اڇلايو ويو؟ مان، جنهن جن جي ما ظلم جي اوگهڙ جا انيڪ روپ ڏئي موهن جي دڙي وانگر خاموش ٿي ويئي آهي؟“ قانون جي ٺيڪيدار ڏانهن ڏسندي چيم، ”تون ڀليل آهين، انصاف جا ٺيڪيدار، منهنجي جسم تي ڪابه کل ڪونهي. مان گوپال ناهيان. مان زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد ٿي ويو آهيان.“
    گماشتن جي لوڌ ڇتن ڪتن وانگر اُلر ڪري آئي. سندن هڪ هڪ ڌڪ، هڪ هڪ وار منهنجي نظريي کي مضبوط ڪندو رهيو. جسماني اذيتن سان خيالن، سوچ ۽ نظرين کي چچري نه سگهبو آهي. اٽلندو، اهڙي عمل سان ظالم جي شڪست جي تصديق ٿيندي آهي –پو ڀل ته اذيت سهندي سهندي اسين مري ڇو نه وڃون!
    اجهامندڙ اکين سان صندل تي پيل ساوتري ۽ ميران جي لاشن ڏانهن ڏٺم. ڀت ڀرسان رت جي تلا ۾ پيل پريتم جي لاش ڏانهن ڏٺم. مون محسوس ڪيو، ڪجهه دير ۾ مان مري ويندس. پر، منهنجو روح نه مرندو. روح کي بقا مليل آهي، ۽ جسم کي فنا. بقا ۽ فنا جو ساٿ وڌيڪ نه هلندو اهي. ٻنهي کي هڪٻئي کان مڪتي ملندي آهي. ڇوٽڪارو ملندو آهي. ان مڪتي جو نالو موت آهي. مان مري رهيو آهيان. فنا ۽ بقا کي هڪٻئي کان مُڪتي ملي رهي آهي. جسم جي موت کان پو منهنجي روح جو سفر شروع ٿيندو. ست جڳ جهاڳي منهنجو روح وري هن ڪل يگ ۾ موٽي ايندو ۽ اڻپوري ظلم لا مظلوم جو ڪردار ادا ڪندو.
    مون وسامندڙ اکين سان امڙ ڏانهن ڏٺو. وحشين امان جي نڪ مان بولو، ۽ ڪنن جا والا پٽي لاهي ورتا هئا. امان جون اکيون رت ۾ رڱيل پريتم جي لاش سان چنبڙي پيون هيون.
    سوئر جهڙي گماشتي چيو، ”اڙي او، لادينيت جا پرچارڪ-مان هينئر توسان اهڙي جُٺ ڪندس، جو سمورا گوتم ٻڌ، سچل ۽ منصور مٿي ماننڪري ويند.“
    ”تون جيڪي ڪجهه ڪندين، سو تنهنجي ۽ تنهنجي معاشرتي نظام خلاف منهنجي انڪار کي پختو ڪندو.“ وسامندڙ لاٽ ڀڙڪو کاڌو. چيم، ”تون پنهنجي عمل سان ناانصافي ۽ ظلم جي تاريخ ۾ فقط هڪ بابت جو اضافو ڪري سگهندين. ان کان اڳتي ڪجهه به نه-ڪجهه به نه.“
    قانون جو گماشتو باهه ٿي ويو. هن هٿ وڌائي، سٽ ڏيئي امان جي لڱن تان لٽا لاهي ڇڏيا. مجاهدن فلڪ شگاف نعرا هنيا. امان بنا ڪنهن ردعمل جي، ڀوائتي خاموشي سان پريتم جي لاش ڏانهن ڏسندي رهي. هو گم ٿي ويل پراسرار ڪاهو جي دڙي جي علامت ٿي پيئي. ڪاهو جي دڙي مان آهُن ۽ صدائن جا خاموش آواز ايندا رهيا-مون ٻڌا، ٻئي ڪنهن نه ٻڌا.
    هنبوڇيون هڻندڙ مجاهد دائري ۾ بيهي رهيا، ۽ اسان جي اذيتن جا منتظر ٿي پيا. گماشتن جي ٺيڪيدار ننڍن گماشتن کي بيد جي لڪڻ سان اشارو ڪيو. هو امان کي کنڀي کڻي آيا. کيس آڻي، منهنجي آڏو بيهاري ڇڏيائون. اهڙو ڀيانڪ ظلم مون تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ برداشت نه ڪيو هو. مان امان جي اوگهڙ ڏسي نه سگهيس. سندس قدمن ۾ ويهي، منهن امان جي پيرن تي رکي ڇڏيم. مون هڪ جنم کان ٻئي جنم تائين انصاف لا ڀٽڪندي چنگيز، هلاڪو، ائيلا، غزنوي، غوري، ابدالي ۽ نادر شاهه جا ظلم ڏٺا ۽ سٺا آهن، پر، اهڙو، روح فنا ڪندڙ ظلم مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. منهنجي مفلوج ٿيندڙ ذهن ۾ ديومالائي ڪردار آڊيپس جو تصور اڀري آيو جنهن امڙ جي اوگهڙ ڏسڻ کان پو پنهنجيون اکيون ڪڍي ڇڏيون هيون.
    ”اٿي ڙي ما جا......“ هڪڙي مجاهد مون کي ڪک ۾ لانگ بوٽ سان لت وهائي ڪڍي. مجاهد وارن کان وٺي، مون کي اٿاري بيهاريو.
    سوئر جهڙي گماشتي چيو، ”ٻک وجهه ڙي ما کي...... سوچين ڇا ٿو...... ٻک وجهه پوڙهي کي..... ورنه، خدا جو قسم آهي، پنجاهه ڄڻا ڇڏيندو مانس.“
    مون ڀانيو، ڌرتي ڦاٽي پوندي. مون کي ۽ امان کي پنهنجي هنج ۾ پناهه ڏيندي-ڪا آسماني قوت اسان کي اڏاري کڻي ويندي! تڏهن اوچتو ڄڻ واچوڙو وري آيو. گوڙ ۽ گجگوڙ جو پڙلا آيو. اسٽين گن مان گولين جي وسڪاري جو آواز آيو. جنوني مجاهدن ۽ قانون جي ٺيڪيدارن ۽ گماشتن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو.
    تڏهن، هڪڙو مجاهد وڏي واڪ چيو، ”اڙي، نه ڀڄو، نه ڀڄو. پنهنجو لالا نصير آهي.“
    ڀڄندڙ مجاهد بيهي رهيا. جيڪي مجاهد ڀڄي ويا هئا، سي موٽي آيا. گماشتا ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيٺا. سڀني ٻاهرين در ڏانهن ڏٺو.
    در جي وچ ۾ منهنجو جاني دشمن لالا نصير بيٺو هو-قدآور، جانٺو، ۽ بي رحم. هٿ ۾ اسٽين گن هئس. هن عقاب وانگر هڪ نگاهه ۾ ماحول جو جائزو وٺي ڇڏيو. هن جون اکيون مون تي ڄمي ويون. ڀريل بازار ۾ هڪ دفعي مون کي چيو هئائين، ”اهو رام رحيم ۽ ايشور الله وارو ڍونگ بند ڪر..... تون چوندو آهين نه، ته ڌرتي تنهنجي ما آهي؟ مان تنهنجي ما تي روز مٽندو آهيان...... مان تنهنجي ڌرتي ما کي ٿڪ ٿو هڻان.“
    تڏهن مون کيس ڪجهه نه چيو هو. فقط مُرڪي ڏانهس ڏٺو هو. لالا مون کي ڪنڌ کان جهليندي چيو هو، ”هي پاڪ ملڪ تو جهڙي ڪافر ۽ ملحد لا نه ٺهيو هو. هليو وڃ هتان، نه ته مان تنهنجي ما کي تنهنجي سامهون.......“
    لالا نصير جو جملو منهنجن ڪنن ۾ گونجڻ لڳو. ڪجهه مجاهدن امان کي کنڀي کڻي ورتو، ۽ فرش تي ليٽائي ڇڏيو. ٻين ڪجهه مجاهدن نعرا هڻندي مون کي اچي ڪنڌ کان ورتو. گماشتن جي ٺيڪيدار چيو، ”اڙي هن ما جي..... کي پوڙهي جي مٿان وڃي وجهو.“
    تڏهن ٻيهر اسٽين گن مان گولين هلڻ جو آواز آيو. لالا نصير اسٽين گن جو رخ آسمان ڏانهن ڪري ڇڏيو هو. هجوم حيرت وچان منهن ورائي هن ڏانهن ڏٺو. منهن ٽامڻي هڻي ڳاڙهو ٿي ويو هوس. اکين مان اُلا پئي نڪتس. وٽيل سٽيل ٻانهون لوهه ٿي ويون هئس. لالا نصير آهستي آهستي، وک وک کڻندي ساوتري ۽ ميران جي لاشن طرف وڌڻ لڳو. ويجهو پهچي هن ٽڪ ٻڌي لاشن ڏانهن ڏٺو. پنڊ پهڻ ٿي ٻنهي کي ڏسندو رهيو. ماحول تي موت جهري خاموشي ڇانئجي ويئي. ڄڻ صديون گذري ويون.
    لالا نصير ڪنڌ ڦيرائي مون ڏانهن ڏٺو، ۽ پو اسان ڏانهن وڌڻ لڳو. اسٽين گن ڪلهي تي رکي ڇڏي هئائين. منهنجي سامهون اچي بيٺو. جوهه وجهي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. مون کي تعجب ٿيو، جڏهن هن فرش تي پيل بيوس امان ڏانهن نه ڏٺو. ان ڏينهن الا ڇو مٿي تي اڇي پڳ ٻڌي آيو هو! هن مٿي تان پڳ لاهي ورتي. جهٽڪو ڏيئي، ڇنڊي پڳ کولي ڇڏيائين. پو آهستي آهستي هيٺ جهڪيو، ۽ گوڏن ڀر فرش تي ويهي رهيو. پٽڪي جي اڇي ڪپڙي سان امان کي ڍڪي ڇڏيائين. جيڪي ڪجهه منهنجين اکين آڏو ٿي رهيو هو، منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو.
    لالا نصير فرش تان اٿيو، ۽ پاسي واري ڪمري ۾ هليو ويو. کن ۾ ٻاهر موٽي آيو. هنڌ تان چادر لاهي آيو هو. ساوتري ۽ ميران جي لاشن تي چادر وجهي ڇڏيائين. مجاهدن ۽ گماشتن جون وايون بتال ٿي ويون.
    لالا نصر رت جي تلا ۾ پيل پريتم ڏانهن هليو ويو. هيٺ جهڪي پريتم جو رت ۾ رڱيل لاش ٻانهن ۾ کڻي ورتائين. اڱڻ جي وچ ۾ پيل صندل تائين هليو آيو، جنهن تي چادر سان ڍڪيل ساوتري ۽ ميران جا لاش پيا هئا.
    پريتم ٻانهن ۾ هوس جو ڇال ڏيئي صندل تي چڙهي بيٺو. گهور ڪري گماشتن ۽ مجاهدن ڏانهن ڏٺائين. اسٽين گن هڪ هٿ سان اڀي ڪندي رڙ ڪيائين، ”هڪدم هليا وڃو، نه ته سڀني کي ڀڳڙا ڪري ڇڏيندس. هليا وڃو، نڪري وڃو....... نڪري ويو.“
    لالا نصير پاڻ پنهنجين رڙين ۾ ڪنبي ويو. مجاهدن ۽ قانون جي گماشتن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، جنهن کي جيڏانهن منهن آيو، وٺي ڀڳو. ڪجهه ڄڻا ٻاهرين در جي چانئٺ اورانگهيندي ڪري پيا. ٻيا ڄڻا کين لتاڙيندا، چٿيندا اڳتي نڪري ويا. آخر ۾ چٿيل مجاهد ريڙهيون پائيندا پاسي واري گهٽي ۾ گم ٿي ويا. اڱڻ خالي ٿي ويو. ڀڄندي، مجاهد پنهنجا لاٿل لٽا، بوٽ ۽ چمپل اڱڻ ۾ ڇڏي ويا هئا.
    لالا نصير جي ٻانهن ۾ پريتم جو لاش هيو. هو پنهنجي جا تي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. اک ڇنڀڻ بنا هو ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. ڪجهه دير کان پو هيٺ جهڪي اسٽين گن صندل تي رکي ڇڏيائين. پريتم جو لاش ٻانهن ۾ ئي هوس. جو لالا نصير صندل تان هيٺ لٿو. آهستي آهستي مون ڏانهن وڌڻ لڳو. منهنجي سامهون اچي بيٺو. مون ڏانهن ڏسندو رهيو. پو ٻانهن اڳتي ڪري پريتم جو لاش مون کي ڏيئي ڇڏيائين. هيٺ جهڪي امان جا پير چميائين.
    نه تعجب جي ڪا حد رهي، ۽ نه حيرت جي. مون منهن مٿي ڪري آسمان ڏانهن ڏٺو. لالا نصير گهڙي کن لا منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. مون ڏانهن ڏسندو رهيو، ۽ پو اڱڻ مان وک وک کڻندي ٻاهر هليو ويو. ان کان پو ڪنڌڪوٽ وارن لالا نصير کي ٻيهر وري ڪڏهن نه ڏٺو آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امر جليل تڏهن ئي ته امر آهي جو هن اهڙيون ڪهاڻيون لکيون آهن.
     
    يوسف گل سولنگي، ubedkandhro، WASEEM ۽ 2 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. يوسف گل سولنگي

    يوسف گل سولنگي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2021
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    لاجواب ڪھاڻي آهي
    مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ھھڙي ڪھاڻي ناهي پڙهي
     
    WASEEM هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو