آڪاش انصاري اڙي عشق تو وٽ وري پيو اچان

Rabel Napar Sindhi

سينيئر رڪن
اڙي عشق تو وٽ وري پيو اچان،
خودڪشي، زندگيءَ کان پري آ اڃان،

جڏهين ڀي تو هٿ مان آ هٿڙو ڪڍيو،
هٿن جي لڪيرن سان ورچيو پوان،

اوهان جي اکين ۾ ڪي ارغون هئا،
اسان جي هئي دل سنڌ ڌرتيءَ جيان،

جن جي قسمت ۾ دوزخ ڌُريان ئي لکيو،
او خدا ڪيئين توکي چوان مهربان ؟

او سقراط هڪ سُرڪ جي ها ڀرين،
زندگيءَ جي زهر جي، مڃان ها ميان
آڪاش انصاري
 
Back
Top