اسان جي ايم سيد کي غدار قرار ڏنو، ملڪ تي رڳو پنجابين جو حق ناهي: خواجا آصف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ۽ پنجابي جيڪو ڪجهه ڌرڻن ۾ اعلان پيا ڪن .... اڄ هر ماڻهو ۽ خود پنجاب جا حڪمران به اهو مڃين پيا ته سنڌين ۽ بلوچن کي سندن حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي اسان غدار ڪوٺيو ۽ انهن کي سزائون ڏنيون ... پر 67 سالن کانپوء جڏهن ساڳي ڳالهه پنجابي ڪري رهيا آهن، سو به کلي عام ۽ سو به اسلام آباد ۾ ته انهن تي غداري جا ڪيس ڇو نه ٿا هلن ؟؟ ..... ان حوالي سان وفاقي وزير خواجه آصف جو بيان پڙهو ...

    اسان جي ايم سيد کي غدار قرار ڏنو، ملڪ تي رڳو پنجابين جو حق ناهي: خواجا آصف

    [​IMG]


    اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته هن ملڪ تي رڳو پنجابين جو حق ناهي، ماضي ۾ سنڌين، بلوچن ۽ پختونن کي غدار قرار ڏنو ويو. ايڪسپريس ٽي وي تي جاويد چوڌري جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جي ايم سيد کي اسان ئي غدار قرار ڏنو هو. ذوالفقار علي ڀٽو کي به اسان ئي ڦاهي تي چاڙهيو. خواجا آصف چيو ته نواب اڪبر بگٽي ڪهڙي سول نافرماني جي ڳالهه ڪئي، جو کيس قتل ڪيو ويو. هن چيو ته بلوچستان جي وسيلن جو ڪيئن استعمال ٿيو آهي. پنجاب 1960ع کان بلوچستان جي گئس استعمال پيو ڪري پر بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ 1983ع ۾ گئس پهتي. هن وڌيڪ چيو ته شاهراهه دستور تي ڌرڻو هڻندڙ پنجابين کي سوچڻو پوندو ته هي ملڪ صرف انهن جو ناهي. هن ملڪ تي سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جو به ساڳيو ئي حق آهي، جيڪو پنجابين جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شريف ڀائرن سميت هو پاڻ ۽ 4 وفاقي وزير ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث ناهن. انهن لاءِ قسم کڻڻ لاءِ به تيار آهن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    ملوث آهن ناهن اهو فيصلو هي ڪندا يا ڪورٽ؟ ايئن ته نيازي به چوي ٿو ته قسم وٺو اليڪشن سهي نه ٿيا پوءِ؟
    هاڻ هنن کي ٻيا صوبا يا ماڻهو ياد آيا آهن جڏهن باهه گهران لڳي آهي. مان نه نيازي نه وري TUQ جي حق ۾ آهيان، پر جيڪو ظلم ماڊل ٽائون ۾ ٿيو ان تي ڪنهن زي شعور کي شڪ نه هُجڻ گهرجي ته هي سنڌي جاگيردارن ۽ وڏيرن جو روئڻ روئندا هئا پر هي ته انهن کان 100 سيڪڙو مٿي آهي. معذرت سان پر بيوريڪريسي ۽ سول سروينٽ جا حال ڏسي خيال ٿو اچي ته هر دوست کي اها نصيحت ڪجي ته ڪڏهن سول سروينٽ نه ٿيندا... ڇو ته زندگي ۾ مون 99 سيڪڙو اهڙا سول سروينٽ ڏٺا آهن جيڪي سياستدانن، وڏيرن جي اشارن تي ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، جيئن ماڊل ٽائون ۾ ٿيو، ۽ بحث ته سنڌ ۾ تعليم نه هُجڻ جي ڪري ماڻهو غلامي جي زندگي پيا گذارين، جيڪڏهن ايئن آهي ته اسان جا csp ته پڙهيل لکيل آهن، پو هنن جي غلامي ڪهڙي ذمري ۾ ايندي.

    الله اهڙن سياستدانن مان به اسان جي جان ڇڏائي ۽ اهڙن سول سروينٽس کان به ...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    ڇا صرف ان ڳالھ جي اعتراف ڪرڻ سان انھن ناانصافين ظلمن جو ازالو ٿي سگهندو، جيڪي گُذريل 67 سالن کان سنڌ ۽ بلوچستان سان ڪيون ويون آھن ۽ اڄ تائين جاري آھن؟؟؟
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل به نه ؟؟؟ انهن ڳالهين سان ازالو ڪري نه ٿو سگهجي؟

    پر سڀ ڪجهه سامهون ته اچي پيو ۽ هو هاڻ پاڻ به اهو مڃين ٿا ته پاڪستان صرف پنجابين ۽ پٺاڻن لاء ٺاهيو ويو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    جي اھا ڳالھ ته آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو