ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ۽ پنجابي جيڪو ڪجهه ڌرڻن ۾ اعلان پيا ڪن .... اڄ هر ماڻهو ۽ خود پنجاب جا حڪمران به اهو مڃين پيا ته سنڌين ۽ بلوچن کي سندن حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي اسان غدار ڪوٺيو ۽ انهن کي سزائون ڏنيون ... پر 67 سالن کانپوء جڏهن ساڳي ڳالهه پنجابي ڪري رهيا آهن، سو به کلي عام ۽ سو به اسلام آباد ۾ ته انهن تي غداري جا ڪيس ڇو نه ٿا هلن ؟؟ ..... ان حوالي سان وفاقي وزير خواجه آصف جو بيان پڙهو ...
اسان جي ايم سيد کي غدار قرار ڏنو، ملڪ تي رڳو پنجابين جو حق ناهي: خواجا آصف
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته هن ملڪ تي رڳو پنجابين جو حق ناهي، ماضي ۾ سنڌين، بلوچن ۽ پختونن کي غدار قرار ڏنو ويو. ايڪسپريس ٽي وي تي جاويد چوڌري جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جي ايم سيد کي اسان ئي غدار قرار ڏنو هو. ذوالفقار علي ڀٽو کي به اسان ئي ڦاهي تي چاڙهيو. خواجا آصف چيو ته نواب اڪبر بگٽي ڪهڙي سول نافرماني جي ڳالهه ڪئي، جو کيس قتل ڪيو ويو. هن چيو ته بلوچستان جي وسيلن جو ڪيئن استعمال ٿيو آهي. پنجاب 1960ع کان بلوچستان جي گئس استعمال پيو ڪري پر بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ 1983ع ۾ گئس پهتي. هن وڌيڪ چيو ته شاهراهه دستور تي ڌرڻو هڻندڙ پنجابين کي سوچڻو پوندو ته هي ملڪ صرف انهن جو ناهي. هن ملڪ تي سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جو به ساڳيو ئي حق آهي، جيڪو پنجابين جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شريف ڀائرن سميت هو پاڻ ۽ 4 وفاقي وزير ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث ناهن. انهن لاءِ قسم کڻڻ لاءِ به تيار آهن.