ڪارا ڪارا بادل ڇانيا، مينهوڳيءَ جي مند وري آ، ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ. ٿڌڙو ٿڌڙو مينهن وسي ٿو، ڌرتيءَ جا سو گهاوَ ڀري ٿو، سائي سائي ساوڪ ٿي آ، مينهوڳيءَ جي مند وري آ، ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ. جذبن کي ڄڻ جان ملي آ، جنهن مهل ٿڌڙي هيل گهلي آ، ساجن جي ڀي ياد وري آ، مينهوڳيءَ جي مند وري آ، ڦڙي ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ. رستن جا رولاڪ هي پنڇي، طرح طرح جا گيت چون ٿا، خاموشين ۾ رنگ ڀرين ٿا، تن سان منهنجي دل ڀي اڏري، منهنجي دل ڀي خوب چري آ، مينهوڳيءَ جي مند وري آ، ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ. خوب اٿي مٽيءَ جي خوشبو، واسي وئي آ پوري منڊل کي ، ساھ ساھ سرهاڻ بڻيو آ، گلي گلي اڄ سونهن ڀري آ، مينهوڳيءَ جي مند وري آ، ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ. ڳوٺ ڳوٺ ۾ گاھ ڦٽا هن، سرتين ٽلندي گيت چون ٿيون، اوطاقن ۾ ميل مچن ٿا، ڏورون ڪي مهمان اچن ٿا، مند سڄي ملهار ٿي وئي آ، مينهوڳيءَ جي مند وري آ، ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ. ماڻهن سان گڏ کيت به وهنتا، باغ گلن جا مرڪي مهڪيا، مکڙي مکڙي ڦول ٽڙيا هن، پوپٽ، ڀونورا خوب ڀريا هن، ڀونءَ سڄي بهار ٿي وئي آ، مينهوڳيءَ جي مند وري آ، ڦُڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ.
پوپٽ، ڀونورا خوب ڀريا هن، ڀونءَ سڄي بهار ٿي وئي آ، مينهوڳيءَ جي مند وري آ، ڦُڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ. پيارا منصور تمام سهڻو نظم .... دل جو آواز