• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي برک شاعِر محترم مهيسر خادم رفيقيءَ جي شعري مجموعي سونهنَ سَڄو سنسار جي مهورت تقريبَ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ جي برک شاعِر محترم مهيسر خادم رفيقيءَ جي شعري مجموعي سونهنَ سَڄو سنسار جي مهورت تقريبَ 7 سيپٽمبر 2014ع (آچرَ ڏينهنُ) سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ صبح جو 10:00 ڏهين وڳي رِٿي وئي آهي. صدارت: محترم عنايت بلوچ ـــــ خاص مهمان: محترم صنعان خان قريشي جڏهن ته محترم ادل سومرو، محترم ايازگل، محترم منير سولنگي،
محترم هِدايت بلوچ، محترم قاضي مقصود گل، محترم ڪوثر ٻرڙو، محترم قربان منگي محترم مشتاق ڦل ۽ محترمه ناياب سرڪش، پڻ هن پروقار تقريبَ ۾ اعزازي مهمانن جي حيثيت سان شرڪت ڪندا.

هن موقعي تي ناميارا اديبَ ڪِتابَ متعلق پنهنجا ويچارَ ونڊيندا ۽ ناميارا راڳي استاد عبدالغفور سومرو، رفيق فقير (ٿـــر)، فقير رجب سهراب ۽ سندس سُنگ، ممتاز ڪنول، شريف عباسي، ظفر شينو، جنسار سمون، آصف سومرو، جاويد پنهور ۽ ٻيا مهيسر خادم رفيقيءَ جي شاعريءَ کي آوازَ جو روپُ ڏيندا. اوهان کي شرڪتَ جي ڪوٺَ ڏجي ٿي.

10550866_733471830053367_1070532710183755113_n.jpg
 
Back
Top