امر جليل

'سنڌي ادب' فورم ۾ Rabel Napar Sindhi طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2014۔

  1. Rabel Napar Sindhi

    Rabel Napar Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌي ڊيٽا انٽري
    ماڳ:
    ڪراچي
    زهره : گهڙي کن خيالن ۾ گم رهڻ کانپوءِ عجيب سوال پڇيائين ، تون ڪنهن سان محبت تہ نہ ڪندو آهين ؟
    مون سندس اکين ۾ نهاريو چيم ها
    تہ پوءِ شايد سڄي سڄي رات ان عورت جي ياد ۾ جاڳندو آهين؟
    ڪنهن حد تائين
    هوءَ بہ توسان محبت ڪندي آهي ؟
    چئي نٿو سگهان
    هوءَ ڪنهن ٻئي مرد سان محبت ڪندي آهي ؟
    شايد
    اهو تہ ڪو جواب ڪونهي زهره چيو
    پر مرد کي ڪڏهن بہ ڪنهن اهڙيءَ عورت سان محبت ڪرڻ نہ گهرجي جيڪا ٻئي ڪنهن مرد سان محبت ڪندي هجي،
    مان دراصل ان خيال جو آهيان زهره : وراڻيم پر دل کي جيڪڏهن عقل هجي ها تہ پوءِ محبت پرڏيهي واپار ٿي پوي ها.
    زهره جي گلابي چپن تي مُرڪ ليئو پائي ورتو پڇيائين : ڀلا ٻڌاءِ تہ اها عورت ڪٿي آهي ؟
    دل ۾ آيو ت ٻڌايانس تہ اها عورت تون آهين زهره تون
    جيڪا منهنجي ساهہ وانگر مونکي ويجهو هوندي بہ مون کان پري آهين ، منهنجي ٿي نہ سگهي آهين، اُها عورت تون آهين زهره، جنهن سان حالتن جي اهڙي وراڪي تي مليو آهيان ، جتي منهنجي پنهنجي زندگي پنهنجي نہ رهي آهي ، اُها عورت تون آهين زهره جنهن جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد منهنجي پيار تي پابندي وجهي ڇڏي آهي
    دل جو چيو زبان تي نہ آيو فقط ايترو چيم : اِهو پڇي ڇا ڪندينءَ ؟
    هڪدم پڇيائين : ڇا مان ايترو حق بہ نٿي رکان ؟
    نہ نہ ائين ناهي : هٻڪندي چيم ڳالھ هن ريت آهي تہ : تہ ڪجھ سمجھ ۾ نہ آيو، جملو پورو ڪري نہ سگهيم اڌ ۾ ڇڏي ڏنم
    چيائين : مون کان لڪائين ٿو ؟
    منهنجي چپن تي سياري جي شام جهڙي اُداس مُرڪ ليئو پائي ورتو پاڻ کي عجيب ڪشمڪش ۾ جڪڙيل محسو ڪيم گذريل چئن ، پنجن هفتن جي ملاقات ۾ زهره سان اندر جو حوال اوري نہ سگهيو هوم. کيس پنهنجو همدرد محسوس ڪرڻ کانپوءِ بہ پنهنجي آٿم ڪٿا ٻڌائي نہ سگهيو هوم. شروعات ۾ زهره کي ” سليس سنڌي ڳالهائيندي ۽ پنهنجي ويجهو ٿيندي ڏسي اول مان ڇرڪيو هوس، ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن کائنس پڇيو هوم ؟ “پنجابڻ آهين نہ ؟ “هڏ، چم ، ماس سميت پنجابڻ آهيان، تڏهن کائنس ورائي پڇيو هوم، تہ پوءِ سنڌي ڳالهائڻ ڪٿان سڱي آهين ؟ ٻڌايو هيائين : تنهنجي سنڌ جو چپو چپو ڏٺو اٿم، ورهين جا ورهيہ اُتي رهي آهيان، منهنجن مائٽن کي انگريزن طرفان سانگهڙ ۾ زمينون مليل آهن، ڪِٽ کائيندي پنهنجي ساءِ چيو هوم سانگهڙ انگريز سامراجين جي سرڪش حرن جي لاش تي اڏيل پنهنجن وفادار خادمن ۽ غلامن لاءِ جاگير، مون سمجهيو هو زهره منهنجو گفتو ٻڌي مونکان نفرت ڪندي، پر هن ساڳئي نوع ۾ مونکان پڇيو هو تون ڪير آهين ؟ لاهور ۾ ڇا ڪرڻ آهيو آهين ؟ مون فقط ايترو وراڻيو هو
    پڪ ڄاڻ تہ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي هر دلعزيز حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ نہ آيو آهيان ، هن کلي ڏنو هو.
    هن اڪثر ورجائي ورجائي مونکان منهنجي باري ۾ پڇيو هو ۽ مون هر دفعي کيس ٽاري ڇڏيو هو.
    منڪر هوندي بہ اهو اعتبار ڪري ويٺو هوس تہ لوح محفوظ جي ليڪ جي جا ويڪ هئي. جنهن حياتي هڪ محوَر تي آڻي بيهاري ڇڏي هئي. زهره سان اهو اظهار ڪندي ڪندي رهجي ويو هيس تہ زهره “ هئي جو مونکي وطن ۾ بي وطن ٿيڻو پيو آهي ۽ هئي جو مونکي سنڌ جا ڇانورا ڇڏي پنجاب جي چناب جو پاڻي پيئڻو پيو آهي سو سڀ بي معنيٰ نہ آهي “
    شايد تنهنجي منهنجي زندگيءَ جا دائرا ازل جي اوٽ ۾ هڪ ٻئي سان جڪڙجي ويا آهن جيڪي توسان وهيو واپريو آهي ۽ جيڪي ڪجھ مون سان ٿي گذريو آهي ۽ گذري رهيو آهي سو فقط ان لاءِ ٿيو آهي تہ جيئن پاڻ ٻئي زندگيءَ ۽ موت جي اکٻوٽ ۾ ڪجھ دير لاءِ ملي ، هڪ ٻئي کي ڄاڻي سڃاڻي هميشہ لاءِ ڌار ٿي وڃون، پر مان جنم جنم جو سودائي زهره سان اندر جو حال اوري نہ سگهيو هوم، کيس دل چيري ڏيکاري نہ سگهيو هوم.
    ڪهڙن پُورن ۾ پئجي ويو آهين ؟ زهره جو آواز ڪن پيو : خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو ڇا پيو سوچين ؟
    وراڻيم : منهنجي حصي ۾ وهمن جي دنيا آئي آهي زهره “
    چيائين جنهن ڇوڪريءَ کي تون چاهين ٿو تنهن کي بہ پنهنجن وهمن سان پريشان ڪندو هوندين ؟
    مون اکيو بند ڪري ڇڏيون، اُتاولي اندر کان اَنت نہ آيو، تڏهن چيم “ مان جنهن ڇوڪريءَ کي روح جي گهراين مان چاهيندو آهيان، تنهن ڇوڪريءَ جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد جون سرحدون نڪتل آهن، مان کيس ويجهو هوندي بہ هن لاءِ اوپرو آهيان، اجنبي آهيان، هوءَ منهنجن وهمن کان آزاد آهي“
    زهره اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندي رهي ، حيرت ڪارين ڪجلين اکين مان ليئا پائڻ لڳيس،
    آهستي چيم ، مان هڪ نہ هڪ ڏينهن کانئس پري هليو ويندس مرندو مري ويندس، پر سندس دل جا دروازا منهنجي محبت لاءِ بند رهندا.
    ان وقت رانجهو چانهہ جي ٽِري رکندي چيائين : “ افواهہ ناهي اصل سچي ڳالھ آحي ، ذولفقار علي ڀٽي کي رات گرفتار ڪيو اٿائون،
    زهره ٽِري مان هڪدم اخبار کني ورتي ، مون کائنس اخبار وٺندي چييو “ جيڪڏهن اِها سڇي خبر آهي تہ پوءِ ان اخبار ۾ هر گز نہ هوندي “
    اڄڪلھ جون اخبارون پڪوڙن جي پڙُن ۽ مسافريءَ ۾ بوٽ ويڙهڻ جي ڪم اينديون آهن“
    رانجهي کي چيم : تون وڃ رانجها وڃي موج ڪر
    رانجهو هليو ويو
    زهره چانهہ ٺاهيندي پڇيو هينئر ڇا ٿيندو ؟
    جيڪي ٿيندو آيو آهي .
    ڇا ٿيندو آيو آهي ؟
    “ سرڪش سرويچ ڌرتيءَ کي رت جو ريج ڏيندا “
    ڀٽي لاءِ ؟
    نہ آزادي لاءِ. مو بالڪوني ءِ جي باهر پولار ۾ نهاريندي جهونگاريو

    “ سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان
    مٽي ماٿي لايا،
    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان،
    گيت بہ مون وٽ تنهنجا ماتا، بيت بہ تنهنجا ڀايان ،
    سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان
    مٽي ماٿي لايان ، مٽي ماٿي لايان
    پڇيائين : پنهنجي ساءِ ڇا پيو ڳالهائين ؟
    ورائي پڇيو مانس “ ڪڏهن ولر کان وڃايل ڪا ڪونج ڏٺي اٿئي؟
    ڪجھ حيرت وچان جواب ڏنائين : نہ.
    ڪڏهن وياڪل ونَين کي پنهنجي وڻجارن لاءِ درياهہ تي اکا پائيندي ۽ چئوواٽن تي ڊيئا باريندي ڏٺو اٿئي؟
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين
    تڏهن چيومانس “ ڀلا رَتَ جي درياهہ جو تصور ڪيو اٿئي؟
    نہ زهره عجب مان ڪنڌ لوڏيو.
    “ تون بيحد حسين آهين زهره پولارن تان نظرون هٽائي، زهره ڏانهن ڏٺم چيم: تون بيحد حسين آهين، تنهڪري اِهي ڳالهيون تنهنجي سمجهہ کان باهر آهن.
    لڄ کان منهن وَنَ وَنَ ڪرڻ لڳس، ڏاڍي پياري نموني چيائين “ الاءِ ڇا پيو چوين

    چيومانس مونکي چانهہ ڏي
    مونکي چانهہ جو ڪوپ ڏنائين مان پلنگ جي پُٺ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺس
    چانهہ جي سپ ڀري ڏانهن ڏٺم هوءَ مون ڏانهن نهاري رهي هئي چيم “ تنهنجي اِن برتاءَ مونکي غلط فهميءَ م وجهي ڇڏيو آهي.
    اُس جي تڙڪي جهڙي مُرڪ چپن تائين اچي موتي ويس ، هرڻيءَ جي اکين جهڙيون اکيون ڇُلڪندڙ ڪٽورا ٿي پيس ، آرام ڪرسيءَ تان اُٿي بالڪونيءَ تائين هلي ويئي. ليئو پائي موٽي آئي، سِپ ڀري ، دردناڪ لهجي ۾ ڳالهايائين“ اڳوڻو ڇا چيو هُيئہ ، تہ جنهن عورت کي چاهيندو آهين ، تنهن عورت جي دل ۾ هن جملو پورو نہ ڪيو .
    مون جملو پورو ڪيو “ تنهن عورت جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد جو سرحدون نڪتل آهن، چيم ۽ مان جلا وطن اُنهن سرحدن کي پار ڪري سندن دل جي وسعتن ۾ محبت جي سياسي پناهہ وٺي نہ سگهيو آهيان.
    نہ ڳالهہ سمجهيائين ۽ نہ ئي جملي جي تهہ تائين پهچي سگهي ،غم جون ريکائون پيشانيءَ تي چهٽيل رهيس، جذبن جي اُٿل ۾ چيائين “ عورت وفا نڀائي تہ هڪ مرد کي چاهي . ڪامڻي ٿئي تہ جڳ کي هِرکائي.
    مونکي پڪ ٿي ويئي تہ مقدر جي مايوسين جو اڻڪٿ حصو منهنجي جهول ۾ اچي ڪِريو آهي ، تاريخ جي هر دور ۾ مان محرومين جو قافلو کڻي درد جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهيو آهيان “وطن ۽ عورت جو پيار منهنجي لاءِ رُڃ آهي“.
    امر جليل
    ڪهاڻي: (جڏهن مان نہ هوندس) مان ڪجھ چونڊ ٽُڪڙو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه تمام زبردست ڪهاڻي جو ٽڪرو
     
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو