• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اياز قادري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
اياز قادري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ماهر تعليم هو. 19 جنوري 1927ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن صحافت جي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هفتيوار اخبار ”الحقيقت“ به ڪڍي هئائين. اياز قادريءَ لاڙڪاڻي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ مان بي. اي (آنرس)، ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن سنڌي غزل جي اوسر تي پي ايڇ ڊي جو مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي، ڊاڪٽريءَ جي سَند حاصل ڪئي. اياز قادري 1950ع کان 1970ع تائين ايس. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. سندس چونڊ افسانن جو مجموعو ”بِلو دادا“ جي عنوان سان 1956ع ۾ ڇپيو، جنهن جا بعد ۾ٻيا ڇاپا به پڌرا ٿي چڪا آهن. اياز قادريءَ ’مئڪسم گورڪيءَ‘ جي مشهور ڪتاب’آتم ڪهاڻيءَ‘ جا ٻه جلد پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جيڪي سنڌي ادبي بورد طرفان ڇپرايا ويا. سندس ٻين ڪتابن ۾ ’مٽيءَ لڌو مانُ‘(1970ع)، ’عشقيه داستان‘(1985ع) ۽ ’پرين جون ڪهاڻيون‘ (لوڪ ادب: 1981ع) به مثالي حيثيت رکن ٿا. ڊاڪٽر اياز قادري 15 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي.
..........
15752_890791927616651_675294796248964944_n.jpg
 
Back
Top