• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ۾ از جو لفظ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ اسدي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

اسدي

سينيئر رڪن
محترم ايڊيٽر صاحب
سنڌي ٻولي اسان کان وڌيڪ اوهان يقيننا ڄاڻندا هوندا پر مان ناچيز طرفان عرض ته لفظ ( از ) ته فارسي ٻولي جو لفظ آهي توهان انهي کي سنڌي ۾ استعمال ڪيو آهي لفظ ( از ) جي سنڌي ۾ معنا آهي ( کان ) لهذا انهي جڳه تي سنڌي لفظ استعمال ڪيو وڃي ته بهتر نه ٿيندو ؟ناراض نه ٿيندا
 
ادا اسدي توهانجي ؓڳاله بلڪل صحيح آهي پر توهان مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته اهو لفظ فورم ۾ ڪٿي لکيل آهي جيئن اسان ان کي درست ڪري سگهون۔مهرباني
 
محترم ايڊيٽر صاحب
سنڌي ٻولي اسان کان وڌيڪ اوهان يقيننا ڄاڻندا هوندا پر مان ناچيز طرفان عرض ته لفظ ( از ) ته فارسي ٻولي جو لفظ آهي توهان انهي کي سنڌي ۾ استعمال ڪيو آهي لفظ ( از ) جي سنڌي ۾ معنا آهي ( کان ) لهذا انهي جڳه تي سنڌي لفظ استعمال ڪيو وڃي ته بهتر نه ٿيندو ؟ناراض نه ٿيندا

ادا ناراض ٿيڻ جي اها ڳالھ هي نه آهي، توهان اهو لفظ فورم تي ڪٿي ڏ\ٺو آهي، توهان ڄاڻيو ٿا ته انسان غلطي جو گهر آهي، مونکان واقعي غلطي ٿي وئي هوندي۔
 
ادا عامر غلطي توهان کان يا ايڊيٽر کان نه ٿي آهي۔۔۔۔
ادا اسدي جي خيال مطابق جڏهن ڪنهن به موضوع ۾ جواب ڏنو ويندو آهي ته آخري جواب ڏيندڙ جو نالو ان موضوع سامهون از: سان ايندو آهي۔
ادا اسدي انگريزي لفظ By جون هوئن ته ڪافي معنائون نڪرن ٿيون پر جنهن جاءِ تي از لڳايو ويو آهي اتي ڪنهن مختصر لفظ جي ضرورت هئي جنهنجو مطلب به صحيح نڪري ان ڪري اتي از لکيو ويو آهي۔۔
اتي لفظ کان لکڻ به ڪجهه عجيب ٿو لڳي ۽ جيڪڏهن لفظ طرفان ٿو لکجي تڏهن به اصل موضوع موڪليندڙ جي ابتڙ ٿيو وڃي ۽ جيڪڏهن ٻه لفظ ”آخري جواب:“ لکبا ته ڊيگهه ڪجهه وڌيڪ ٿي ويندي۔ ان جي باوجود توهان جي مشوري تي غور ڪندي في الحال مان لفظ ”از“ کي ختم ڪري رهيو آهيان۔ جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ ٻيو ڪو مناسب ۽ مختصر لفظ هجي ته ضرور لکندا۔۔۔
توهان جي قيمتي مشوري ڏيڻ جي مهرباني۔۔۔
 
خيال نه پر حقيقت آهي

ادا رشيد توهان جي مهرباني جو اسان جي خيالن جي اوهان کي خبر پئجي وڃي ٿي پر ڀاءُ اهو خيال نه بلڪه حقيقت آهي ( از ) جو لفظ جواب موڪلڻ وقت اچي ٿو اوهان جي مهرباني جو مون ناچيز جي راءِ کي اهميت ڏنائو باقي دوستن کي به متوجه ڪيو
 
حقيقت هن حال جي ژظاهر ڪريان ذري

ادا رشيد توهان جي مهرباني جو اسان جي خيالن جي اوهان کي خبر پئجي وڃي ٿي پر ڀاءُ اهو خيال نه بلڪه حقيقت آهي ( از ) جو لفظ جواب موڪلڻ وقت اچي ٿو اوهان جي مهرباني جو مون ناچيز جي راءِ کي اهميت ڏنائو باقي دوستن کي به متوجه ڪيو

محترم ڀاٌءُ اسدي کي هٿ عرض ٿو ڪجي ته ادا
سنڌي زبان ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ موجود آهن جيڪي آهن ته فارسي زبان جا لفظ ليڪن استعمال ۾ سهولت خاطر سنڌي ۾ شامل ٿي ويا آهن جن کي هرڪو سمجهي ٿو جيئن ”ناچيز“ جيڪو اوهان پاڻ استمال ڪيو آهي فارسيءجو لفظ آهي۔
 
مختلف زبانن جي ڳالهه نڪتي ته سوچيم ته توهان کي ٻڌائيندو هلان ته وي بليٽن کي سنڌي ترجمي ڪرڻ وقت مون ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو آهي ته آسان سنڌي لفظ شامل ڪيا وڃن جيئن هرڪو ساٿي سمجهي سگهي۔ ان ڪري گهڻن انگريزي لفظن کي پڻ برقرار رکيو اٿم ته جيئن هر رڪن آرام سان سمجهي سگهي۔ باقي ان سلسلي ۾ ادا حسيني جي جواب ۾ دم ٿو لڳي
 
ناچيز سنڌي ۾ گڻهو استعمال ٿيندو آهي

اد حسيني ۽ ڀاءُ رشيد ائين اسان جي ٻولي ۾ اگر حساب ڪيوسين ته باقي وڃي ناني جا ڪن بچندا پر سڀ لفظ ٻين ٻولين وارا گڻهو استعمال ٿيندااڪثر ماڻهوسمجهن ٿا پر از لفظ سنڌي معاشري ۾ نهايت ئي گهٽ استعمال ٿيندو آهي جيڪو اسان جهڙن اٻوجهڙن لاءِ ڏکيو آهي باقي ناچيز سنگدل ۡخوشحال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔وغيره تمام گڻها لفظ فارسي جا آهن
 
ادا اسدي اوهان جي مشوري جي تمام گهڻي مهرباني پرين اها جي ڳاله سو فيصد درست آهي ليڪن جيئن ته دوستن ۽ خاص ڪري اسان جي ڀاء حسيني به ٻڌايو ته ڀلي جي هي فارسي لفظ آهي پر سنڌي ۾ ڪافي اهڙا لفظ آهين جيڪي فارسي جا آهن ان ڪري اوهان ۽ اسان کي فارسي زبان آسان لڳندي آهي ڇو ته اسان انهن لفظن کان پهريان ئي مانوس هوندا آهيون ادا وي بلٽن جو ترجمو ڪافي سوچ سمجه کان پو ء ڪيو ويو آهي ۽ ڪافي غلطين کي به درست ڪيو ويو آهي پر مهنجي خيال ۾ ان جڳه تي از لفظ کان وڌيڪ ڪو مناسب لفظ نه آهي پر جيڪڏهن اوها جي نظر ۾ ڪو لفظ آهي ته اسان کي ٻڌايو ته اسان اهو لفظ رکون ۽ ان باري ۾ اڃاڻ به اسان پهنجي اديب سائين نثار احمد ناز کان به مشورو گهريو آهي ادا اوهان جي دلچسپي ۽ ايتري توجه جي تمام گهڻي مهرباني اوها جي مفيد مشورن جو انتظار رهندو shal judy hujeen
sindhsalamatsaathsal sindhsalamatsaathsal
 
glitteryourway70103909.gif.html
 
اد حسيني ۽ ڀاءُ رشيد ائين اسان جي ٻولي ۾ اگر حساب ڪيوسين ته باقي وڃي ناني جا ڪن بچندا پر سڀ لفظ ٻين ٻولين وارا گڻهو استعمال ٿيندااڪثر ماڻهوسمجهن ٿا پر از لفظ سنڌي معاشري ۾ نهايت ئي گهٽ استعمال ٿيندو آهي جيڪو اسان جهڙن اٻوجهڙن لاءِ ڏکيو آهي باقي ناچيز سنگدل ۡخوشحال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔وغيره تمام گڻها لفظ فارسي جا آهن

سائين ارشاد جي اعتراض جو واحد حل سنڌي ادبي بورڊ وارن جي هٿ ۾ آهي جن کي گهرجي ته ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي لاءِ مناسب لفظ ٺاهي ماڻهن سامهون آڻيندا وڃن
باقي” از“ جي جاء تي مان ”طرفان ، يا ”۔موڪليندڙ “ جهڙن لفظن جو استمال بهتر سمجهان ٿو
 
سائين حسيني صاحب
توهان گڻهي فڪر نه ڪيو توهان ( از ) کي ٻين ٻولين جي حرفن سان مقايسو نه ڪيو ٻيا حرف ڪثرت استعمال سان سنڌي ۾ ضم ٿي ويا آهن پر از سنڌي معاشري ۾ گهٽ ۾ گهٽ استعمال ٿيندو آهي منتظمين ته في الحال از لفظ ڪڍي ڇڏيو آهي
 
Back
Top