لک وار ڏٺم ڏٺم_تاجل بيوس

سعيد سنڌي

سينيئر رڪن
ڪيڏا هٿڙا ٻئي رنگدار ڏٺم
هڪ وار ڪٿي، لک وار ڏٺم

ڄڻ نٿ ۾ جُڙيل لال هيو
اهڙو جانب جو ته جمال هيو
مٽ موهيڙن جو محال هيو
ڄڻ پچندي لال ليار ڏٺم.......

وجهي مکڻ ۾ ماکي مصري ويو
ڄڻ ڪڪر مٿان ڪو گذري ويو
تڏهن واس گلن جو وسري ويو
جڏهن واسيل بيٺي وار ڏٺم.....
پسي زلف ڪريل پيشاني تي
جهڪيو چنڊ اچي مننجي جاني تي
ڪڏهن بيوس رخ رحماني تي
کنوڻين جا کيل هزار ڏٺم....
 
Back
Top