رتي ديري جا وسريل ورق ... پروفيسر نذير احمد سومرو

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2014۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    پروفيسر نذير احمد سومرو

    رتي ديري جا وسريل ورق

    لاڙڪاڻي کان شڪارپور ويندڙ رستي تي رتي ديري جي نالي سان هڪ قديم شهر موجود آهي. هي شهر پنهنجي پس منظر ۾ تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان هڪ شاهوڪار شهر آهي، جنهن جي هڪ عمارت کي ڇڏي ٻي عمارت، جاءِ، ماڙي، ماڳ مڪان يا ميدان سان ڪو نه ڪو تاريخي حوالو لاڳاپيل ضرور آهي. جيڪڏهن ڪنهن طرح ڪنهن جاءِ، ميدان سان ڪا تاريخ ڪانهي، ته پوءِ پڪ ان شهر جي جاگرافي، سماجي حيثيت، مذهبي ۽ ثقافتي پس منظر، ادب ۽ فنونِ لطيفه پڻ سمايل آهي. سنڌ جي ٻين شهر وانگر آباديءَ جي دٻاءَ سبب هيءُ شهر به هاڻي چئني طرفن کان وڌي چڪو آهي. لاڙڪاڻي کي ضلعو بنائڻ کان پوءِ رتي ديري ۾ مختيارڪار جي آفيس ۽ رهائش گاهه جي عمارت، جيل خاني سميت 1912ع ۾، ان وقت لاڙڪاڻي جي ضلعي ڪليڪٽر جي.آر. مارٽن جي دَور ۾ ٺهي. جڏهن قيدين جو تعداد وڌي ويو ته لاڙڪاڻي جي هڪ ٻئي انگريز ڪليڪٽر ڊبليو.ايف. هوبسن 1914ع ۾ قيدين جي کاڌ خوراڪ ٺاهڻ لاءِ هڪ بورچيخانو تيار ڪرايو. هي ٻئي عمارتون بنا ڪنهن مرمت ٿيڻ جي اصلي شڪل ۽ حالت ۾ اڃا تائين موجود آهن. 1929ع ۾، مختيارڪار جي آفيس ۽ رهائش گاهه جي ڀرسان اوڀر ۾ هڪ نئين عمارت تعلقي لوڪل بورڊ جي نالي سان ٺهي، جنهن جو افتتاح ان وقت لاڙڪاڻي جي انگريز ڪليڪٽر ڊي. مئڪلين ڪيو هو.

    1959ع ۾ صدر ايوب جي بنيادي جمهوريت واري نئين پروگرام اچڻ ڪري، هيءَ عمارت تعلقي جي آفيسر، ڊيولپمينٽ آفيسر فار بيسڪ ڊيموڪريسيز جي حوالي ڪئي وئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن عمارت ۾ جانورن جي اسپتال قائم ڪئي وئي. بعد ۾ ان جي هڪ حصي ۾ زڪوات ڪميٽيءَ جي تعلقي چيئرمئن جي آفيس قائم ٿي ۽ هينئر ان عمارت ۾ رتي ديري جي ناظم جي آفيس ۽ جانورن جي اسپتال، ڪم ڪري رهيون آهن.

    رتي ديري شهر جي اوڀر ۾ ڪنڊي واري ڪنڊ تي ٺهيل هندو عورتن وارو ڌوٻي گهاٽ ۽ مندر، پنهنجا نشان به مٽائي چڪا آهن. راءِ صاحب گوڪلداس واري سارين ڇڙڻ واري ڪارخاني جي جاءِ تي، هينئر رتي ديري جو مکيه بس اسٽينڊ آهي، جتان سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، نئين ديري، ميروخان ۽ شهداد ڪوٽ لاءِ سواريون ملن ٿيون.

    ضلعي لاڙڪاڻي جي هن تعلقي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سن ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ لنڊن ۾ ٿيندڙ گول ميز ڪانفرنس ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀُٽي، تعلقي رتي ديري، جي سر شاهنواز ڀُٽي شرڪت ڪئي هئي. انڊيا جي ورهاڱي کان اڳ، 1936ع ۾، جڏهن سنڌ بمبئي کان جدا ٿي هڪ الڳ پرڳڻي جي حيثيت ورتي، ته سنڌ جي نئين ٺهندڙ پهرين وزارت ۾ هن شهر جو رهواسي راءِ صاحب گوڪلداس پِي ڊبليو ڊِي ۽ لوڪل باڊيز جو وزير ٿيو هو. هن ئي تعلقي سان تعلق رکندڙ جناب ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جي حڪومت ۾ پهريون وزير، پوءِ وزير خارجه، بعد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پوءِ صدر مملڪت، چيف مارشل لاءِ ايڊمنسٽريٽر ۽ وزيراعظم بڻيو. سندس نياڻي محترمه بي نظير ڀٽو، پاڪستان جي ٻه دفعا وزيراعظم ٿي. ان کان سواءِ 19 آڪٽوبر 1938ع تي جڏهن باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي آيو، ته سندس ميزبان نواب نبي بخش ڀٽو (ڳوٺ ميرپور ڀٽو، تعلقو رتوديرو) هيو، جنهن جو پٽ ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو گورنر، ٻه دفعا وزيراعليٰ ۽ حڪومتِ پاڪستان جو وزير پڻ رهي چڪو آهي. هن تعلقي جا ٻه ڀائر؛ پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي (ڳوٺ بهمڻ، لڳ نئون ديرو) سياسي ۽ ادبي دنيا جا مشهور شهسوار ٿي گذريا آهن. اها به هن تعلقي لاءِ اعزاز جهڙي ڳالهه آهي ته 23 مارچ 1940ع جي لاهور واري قراردادِ پاڪستان واري مسودي کي آخري شڪل ۾ ٽائيپ ڪندڙ پير علي محمد راشدي هو. محترم عبدالرزاق سومرو، ٻه دفعا حڪومت پاڪستان جي طرفان، عرب امارات ۾سفير رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ سردار الله بخش خان جلباڻي (ڳوٺ مسوديرو، تعلقو رتوديرو) مجلس شوريٰ جو ميمبر، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هجڻ کان سواءِ ڄام صادق علي، وزيراعليٰ سنڌ، جو صلاحڪار پڻ رهيو. سندس ڏاڏو سردار الله بخش خان جلباڻي اول، ورهاڱي کان اڳ، سرڪاري طور، بينچ مئجسٽريٽ مقرر ٿيل هيو ۽ اها به هن تعلقي ۽ شهر لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدليه (سپريم ڪورٽ آف پاڪستان) جو جج ديدار حسين شاهه به هتان جو رهواسي آهي. سيد ديدار حسين شاهه ان کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس پڻ رهي چڪو آهي.

    تاريخي ماڳ مڪان جي حوالي سان رتي ديري کان ٽن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي “ڀانڊو قبو” به مشهور تاريخي جاءِ آهي. روايت آهي ته شڪارپور کان ايندڙ حملي آور، جن کي “گهلِ” چيو ويندو هو، تن هتان جي مقامي اثر رسوخ وارن ۽ حڪمرانن تي اهڙيءَ طرح حملو ڪيو، جو سڀني کي قتل ڪري، انهن جون منڍيون (منهن-مٿا) پاڻ سان گڏ کڻائي ويا. باقي انهن جا ڌَڙَ، ان قبي ۾ پوري ويا جنهن تان ان تي “ڀانڊو قبو” يعني صرف ڀانڊا (ڍانچا) پوريل قبو نالو پيو. ويهين صديءَ جي مئي وري مهيني ۾ رتي ديري جي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦل (بعد ۾ لاڙڪاڻي جو ڊي سي او پڻ رھيو: مرتب) جي سربراهيءَ ۾ “رتوديرو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ” جو بنياد پيو، جنهن جو سيڪريٽري راقم کي مقرر ڪيو ويو. باقي عهديدارن ۾ پروفيسر خاوند ڏنو عارباڻي، مقصود گل، مختار گهمرو ۽ صحافي نياز ابڙو هيا. رتوديرو هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان ساڳئي مهيني ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتي ديري جي اڱڻ ۾ “ڀانڊي قُبي” تي هڪ عاليشان سيمينار ڪرايو ويو، جنهن جي صدارت، ان وقت لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ موجوده سيڪريٽري تعليم جناب نظر حسين مهر ڪئي ۽ مهمان خاص ڊائريڪٽر آرڪيالاجي سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ سردار الله بخش خان جلباڻي هيا. هن سيمينار ۾ سنڌ کان آيل اديبن، جهڙوڪ آثار قديمه جو ماهر بدر ابڙو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، غلام مرتضيٰ ڪلهوڙو، احسان دانش، پروفيسر محمد شريف سومرو، سيد بچل شاهه، پروفيسر انور علي ڪوريجو، مرحوم عبدالستار ڀٽو (بنگل ديرو)، پروفيسر محمد افضل ڀٽي، عبدالغفار تبسم ۽ امام راشديءَ پنهنجا مقالا پڙهيا، مضمون جي طوالت جي خوف کان، هتي فقط چند وساريل شخصيتن جو ذڪر ڪجي ٿو.

    سيد خير شاهه:
    ابن ڏاڏن کان رتي ديري شهر جو رهواسي هيو. شاعرِ هفت زبان سچل سرمست جو مريد ۽ پانڌيئڙو هجڻ سان گڏ شهر جو اثر رسوخ وارو ماڻهو ۽ زميندار هيو. رتي ديري شهر ۾ ميونسپالٽيءَ جي عمارت، سنگيت سئنيما، مختيارڪار جي آفيس، جامع مسجد، مدرسه عزيزيه، موجوده بس اسٽينڊ ۽ ٽيليفون ايڪسچينج جي عمارت سميت، سندس ملڪيت هئي. سيد خير شاه کي پُٽاڻو اولاد ڪو نه هيو. کيس فقط هڪ نياڻي ڄائي، جيڪا لاڙڪاڻي کان ٻاهر هڪ ڳوٺ، بقاپور جي سيدن ۾ پرڻائي ڏني هئائين. کيس هڪ ڏوهٽو غوثل شاهه ڄائو. غوثل شاهه کي جڏهن پٽ ڄائو ته سنڌ جي ريت ۽ رسم موجب ان جو نالو سيد خير شاهه رکيائين. سيد خير شاهه جڏهن جوان ٿيو، تڏهن سيد خير شاهه اول جي رتي ديري واري ملڪيت آهستي آهستي وڪڻندو ويو، تان جو سيد خير شاهه اول جي گهر جي جاءِ ڇڏيائين. سيد خير شاهه اول جي گهر واري جاءِ، رتي ديري ۾ ٽيليفون ايڪسچينج جي اولهه ۾ اڃا تائين بيٺي آهي، جنهن جي ايوان ۾ سيد خير شاهه جي قبر پڻ موجود آهي ۽ اڄڪلهه ان گهر ۾ غلام قادر دايي نالي پورهيت ۽ مزدور رهندو آهي. سيد خير شاهه اول جي ڏوهٽاڻ منجهان سيد زينل شاهه نالي آهي، جيڪو لاڙڪاڻي جي باقراڻي روڊ تي ٺهيل پوليس شاپنگ سينٽر جي دوڪان ۾ ريڊين ۽ ٽي وي جو ڪم ڪندو آهي ۽ سڄي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي فن ۾ وڏي مهارت رکندڙ طور مشهور آهي. سيد خير شاهه اول شاعري به ڪندو هيو ۽ پنهنجي شعر ۾ خيرخواه تخلص طور ڪم آڻيندو هيو. سيد خير شاهه جي شاعريءَ تي، سنڌ جو مشهور عالم ۽ محقق، ڊاڪٽر نواز علي شوق تحقيق ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق جي حڪم تي جڏهن آءٌ خير شاهه جي مزار جو فوٽو ڪڍڻ ويس، ته گهر جي مالڪ غلام قادر دايي کي الائي ڪهڙي خوف ورايو، جو مزار جو فوٽو ڪڍڻ کان سختيءَ سان انڪار ڪيائين. اڄ به سيد خير شاهه جا مريد، سندس مزار تي باسون باسڻ ۽ پڙ وجهڻ ايندا آهن.

    حاجي در محمد سومرو:
    سندس جنم 10 جنوري 1910ع ڌاري، پير جو ڳوٺ لڳ نئون ديرو، تعلقو رتوديرو، مرحوم واحد بخش سومري جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول ۾ ورتائين. پنهنجي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول ۾ سندس ننڍو ڀاءُ عبدالحميد سومرو به پڙهندو هيو. ٻنهي ڀائرن پنهنجي اسڪول ۾ پپل جو ٻوٽو (وڻ) پوکيو، ته ان وقت لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر لاڙڪاڻو ديوان حشمت راءِ ايڏو خوش ٿيو، جو ٻنهي کي 5 روپيا انعام ڏنائين. ديوان حشمت راءِ جي هڪ ويجهي مائٽ سيٺ قيمت راءِ پير ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پنهنجي پيءُ جي ياد ۾ نلڪو لڳرايو. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ پير ڳوٺ (قائم شده 1904) جي ٻاهرين ڀت تي هڪ پٿر لڳل آهي جنهن تي هي اکر درج ٿيل آهن: “هن اسڪول ۾ نلڪو قيمت راءِ پنهنجي پتا سيٺ هرچي جي پوتر يادگيريءَ ۾ سن 1915ع ۾ لڳرايو.”

    حاجي در محمد، بمبئي يونيورسٽيءَ مان، مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پاس ڪري نصير آباد ضلعي لاڙڪاڻي جي اي وِي اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو، جتي سرڳواسي پهلومل هيڊ ماستر هيو. حاجي در محمد باقي امتحان بِي اي، ايم اي ۽ بِي ٽِي جا علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيا. رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ، 1969ع ۾، رتي ديري جي هڪ مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت مرحوم عبدالواحد سومرو، رتي ديري ۾ ڇوڪرين جي لاءِ هاءِ اسڪول کولڻ لاءِ ساڻس مشورو ڪيو، ته حاجي در محمد کيس ان نيڪ ڪم جي شروع ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ نئين کلندڙ اسڪول کي سومرو صاحب (عبدالواحد) جي گهر جي ڀرسان سندس بنگلي ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن جو پهريون پرنسپال حاجي در محمد سومرو مقرر ٿيو. هن وقت پ پ سنڌ خواتين جي صدر، رقيه خانم سومرو، هن نئين اسڪول (مدرسته الغربا) ۾ ٽيچر مقرر ٿي هئي. مدرسته الغربا جي قائم ٿيڻ کان اڳ ۾، رتي ديري شهر ۾ ڇوڪرين لاءِ ڪو به مڊل/هاءِ اسڪول ڪو نه هيو. حاجي در محمد جي صلاح ۽ مشوري سان رتي ديري ۾ آرٽس ڪاليج قائم ڪيو ويو. هي ٻئي ادارا 1972ع ۾ حڪومت قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. حاجي در محمد سومري تعليمي سکيا لاءِ ڪيترن ئي موضوعن تي 13-14 کن ڪتاب لکيا، جيڪي 1972ع کان اڳ ۾ ڪاٺياواڙ اسٽور وارا ڇپرائيندا رهيا. 6 جون 1972ع تي وفات بعد تعلقي رتي ديري جي هن تعليمي ماهر کي سندس اباڻي قبرستان، پير جو ڳوٺ، لڳ نئون ديرو، ۾ سندس والدين جي پيرن ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.

    مولوي قاضي دوست محمد “بلبلِ سنڌ”:
    سندس جنم نومبر 1918ع ۾، تعلقي رتي ديري جي هڪ ڳوٺ (نئون ديرو-رتوديرو روڊ جي ڀرسان) خانواهه ۾ ٿيو. سنڌ جي مختلف مدرسن ۾ تعليم ورتائين. سندس تعلق سني فرقي جي بريلوي مڪتبهء فڪر سان هيو. مذهبي اسٽيج جو بادشاهه سمجهيو ويندو هيو. قدرت طرفان کيس پرسوز ۽ درديلو ڳلو عطا ٿيل هيو، ان ڪري سنڌ ۾ کيس بلبل سنڌ جو لقب مليل هيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ خانواهه مان لڏي، لاڙڪاڻي شهر جي، عظيم شاهه محلي ۾، پنهنجي جاءِ “ڪاشانه دوست” جي نالي سان ٺهرائي ان ۾ رهڻ لڳو. پنهنجي وفات واري ڏينهن، لاڙڪاڻي کان ٻاهر تبليغ (واعظ) لاءِ ويل هيو، جتي ٽيپهريءَ جي نماز جو وضو ڪري نماز جي تياري پئي ڪيائين، ته اجل جو فرشتو آيو ۽ هن قيمتي روح کي پاڻ سان گڏ ورتيون هليو ويو. 2 مارچ 1987ع تي لاڙڪاڻي جي مشهور شاهي بازار جي اولهه واري لاهين ۾ ٺهيل عثمانيه مسجد جي ايوان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.

    مولوي عبدالعزيز سومرو:
    سندس جنم رتي ديري کان 3 ڪلوميٽر پرتي ڀانڊي قُبي ۾، سن 1905ع ۾ ٿيو. اڃا جوانيءَ کي مس پهتو ته سندس والد الله رکيو سومرو فوت ٿي ويو، ته هن الله توهار ڪري هندستان جي مشهور مدرسي ۽ شهر ديوبند ڏانهن رخ ڪيو، جتي علم پرائي، دستاربند مولوي ٿيو. 1947ع ۾ جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو، تڏهن ديوبند مان لڏپلاڻ شروع ٿي، ته مولوي عبدالعزيز به ٽپڙ کڻي اچي ڳوٺ پهتو. 1950ع ۾ رتي ديري شهر جي هاري پريس جي ڀرسان مدرسو کوليائين. پاڻ ان جو مهتم اعلى به ٿي رهيو ۽ ديني خدمت ڪندو رهيو. “مدرسي عزيزيه رتوديرو” جو شمار سنڌ جي مشهور مدرسن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت به سوين شاگرد ديني ۽ مذهبي تعليم پرائي رهيا آهن. مولوي صاحب 1975ع ۾، 70 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.
    (نوٽ: مولانا 8-9 ورهين جو هيو، جو سندس والد وفات ڪري ويو. مختلف مدرسن ۾ پڙهڻ کان پوءِ آخر ۾ مولانا حسين احمد مدني وٽ ديوبند ۾ پڙهيو. سال 1943ع کان 1952ع تائين ڪنڊياري جي مدرسهء تعليم القرآن جو صدر مدرس رهيو. رشتي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود صاحب جو نانو ٿئي. مرتب)

    ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي:
    پهرين اپريل 1926ع تي، تعلقي رتي ديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ، ڇٽو جاگيراڻيءَ لڳ، جمعو اگهم ۾ ڄائو. سندس والد، مولوي دولت خان جاگيراڻي، پنهنجي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام ۽ خطيب هيو. گذر سفر ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ننڍڙو هَٽ (دوڪان) هلائيندو هيو. اعتبار خان جاگيراڻي شروعاتي تعليم جمعو اگهم ۽ تعلقي ميروخان جي هڪ ڳوٺ حيدر چاندئي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. سنڌي فائينل پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ رتي ديري شهر جي اي وِي اسڪول ۾ داخل ٿيو. غربت سبب ۽ رتي ديري شهر ۾ رهائش نه هئڻ ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. 1943ع ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ جي پارٽي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ساڻس گڏ، لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل ۽ سابق سفير، عبدالرزاق سومرو به خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. 30 جولاءِ 1946ع تي علامه عنايت الله مشرقيءَ جي چوڻ تي 3 لک خاڪسار گهنٽا گهر چاندني چوڪ دهليءَ ۾ گڏ ٿيا. انگريز حڪومت ان جلسي تي پابندي مڙهي هئي. نتيجي ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ٻين خاڪسارن سان گڏ ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي به جهلجي پيو. ساڻس گڏ، سنڌ جو مشهور اديب ۽ آثار قديمه جو ماهر (مرحوم) تاج صحرائي به گرفتار ٿيو. تاج صحرائي انهن ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ رهندو هيو. پاڪستان ٺهڻ وقت ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي، دهليءَ جي قيد خاني ۾ بند هيو. سندس قربانيءَ جي عيوض علامه عنايت الله مشرقيءَ کيس “جانباز” جو لقب عطا ڪيو هو. ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻيءَ کي دهليءَ جي ائڊيشنل مئجسٽريٽ لاله شانت لعل آهوجا اربع 8 جنوري 1948ع تي، منجهند جو 12 لڳي 20 منٽن تي، سزا هڪ سال ٻڌائي هئي. ڪامريڊ، ٻه سال ڪچو قيدي ٿي رهيو هيو. ائين 7 جنوري 1949ع تي ڪامريڊ سزا جو مدو پورو ڪري، دهليءَ مان ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. هتي پهچڻ کان پوءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1952ع ۾ رتي ديري مان هاري اخبار شايع ڪيائين، جنهن جو مئنيجنگ ايڊيٽر پاڻ هيو ۽ ايڊيٽر، تعلقي رتي ديري جي هڪ ڳوٺ “پير جو ڳوٺ” لڳ نئين ديري جي راشدي خاندان جو چشم و چراغ ۽ سنڌيءَ جو معروف شاعر ۽ نقاد، ذوالفقار راشدي هيو. ڪامريڊ اعتبار علي 1970ع ۾ پ پ پ ۾ شامل ٿيو. 21 جون 2002ع تي، هڪ هفتي جي لاءِ ڪراچيءَ دوستن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ ويو، ته 28 جون 2002 تي، صبح جو 9 بجي کيس دل جو دورو پيو، جيڪو سندس موت جو ڪارڻ بڻيو. سندس مڙهه ڪراچيءَ مان کڻائي، سندس وصيت موجب، هاري آفيس رتي ديري ۾ سندس دوست نديم شاهين سهرورديءَ جي ڀر ۾ دفنايو ويو.

    راءِ صاحب گوڪل داس:
    سندس پيءُ ميولداس، ميونسپالٽي رتوديرو جو صدر هيو ۽ ان کان پوءِ 1920ع کان 1935ع تائين گوڪلداس مسلسل 15 سال رتوديرو ميونسپالٽيءَ جو صدر رهيو. 1936ع ۾ جڏهن سنڌ هڪ نئين صوبي جي حيثيت ورتي، ته ان پهرين ۽ نئين ٺهندڙ وزارت ۾ راءِ صاحب گوڪلداس پي.ڊبليو.ڊي ۽ لوڪل باڊيز جو وزير ٿيو ۽ 1946ع تائين مسلسل وزير رهندو آيو. راءِ صاحب گوڪلداس زبان جو ايڏو پڪو هيو جو هڪ دفعي نواب نبي بخش ۽ قاضي فضل الله ۾ ڪائونسل جي صدارت لاءِ مقابلو ٿي رهيو هيو، توڙي جو سندس سيڻ (ڌيءُ جي سهري) کيس قاضي فضل الله کي ووٽ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو، پر راءِ صاحب گوڪلداس کيس جواب ۾ چيو: “ٿڪ اڇلي پوءِ چٽبي ناهي. مون واعدو ڪري ڇڏيو. ديوان! تون ان کي ڇا به سمجهه! مگر منهنجي لاءِ پٿر تي ليڪ آهي.”

    رتي ديري شهر ۾، گوڪلداس نالي مڇي ۽ ننڍي گوشت جي وڪري لاءِ مارڪيٽ ٺهي چڪو هيو، جيڪو پوءِ ڊهي ويو ۽ ان جاءِ تي نئون مارڪيٽ ٺهي چڪو آهي. ان سان گڏ رتي ديري شهر ۾ گوڪلداس بازار به آهي جيڪا خوشيرام نيول مل بلڊنگ (1931ع) کان شروع ٿئي ٿي ۽ مائي بازار ۾ ختم ٿئي ٿي. سندس وڏو پٽ انڊين نيوي ۾ آفيسر هيو. ورهاڱي کان پوءِ ديوان گوڪلداس به هندستان جي شهر ممبئي ڏي لڏي ويو، جتي جوهو بيچ تي (سمنڊ ڪناري)، سندس محلات ‘رتوديرو هائوس’ جي نالي سان ٺهيل آهي.

    ٻلديو مٽلاڻي:
    سندس جنم ڳوٺ لاشاري، لڳ خيروديرو ۽ بنگل ديرو، تعلقو رتي ديري ۾ ٿيو. سندس پيءُ بخت راءِ روينيو کاتي ۾ پهريان تپيدار ۽ پوءِ سپروائيزنگ تپيدار هو. ٻلديو مٽلاڻي تمام ننڍڙو هيو جو ورهاڱو ٿيو. سندس پيءُ لاشارين واري ڳوٺ مان ٽپڙ کڻي، لاڙڪاڻي جي انصاري محلي (ڪوڪڙي محلي) ۾ رهيو، جتان 1955ع ڌاري، هندستان لڏي وڃي ممبئي ويٺو. ٻلديو مٽلاڻي هڪ تحقيقي مقالو “سچل جون واديون” لکي (پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي رهبريءَ هيٺ) ممبئي يونيورسٽيءَ مان ايم فل جي ڊگري ورتي. ٻلديو مٽلاڻيءَ جو اهو مقالو پهريان هند ۾ ڇپيو، جنهن جي ڪاپي ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ کي لاڙڪاڻي ڏياري موڪلي هئائين. سندس مقالي جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد سنڌ طرفان سال 1994ع ڌاري شايع ٿيو. اڄڪلهه ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر آهي. سندس چاچو، بلند راءِ، لاڙڪاڻي جي ڪرمان باغ پاڙي ۾ رهي ٿو.

    مولوي عبدالعزيز ڪورائي عرف مولوي ڪهاڙو:
    تعلقي رتي ديري جي ٻن ڳوٺن؛ ڳڙهي خدا بخش ڀُٽي ۽ بنگل ديري جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ ڪوٽ ڀُٽي ۾ ڄائو. هر ظالم حاڪم ۽ جابر ماڻهوءَ کي، منهن تي يا روبرو، سچ چئي ڏيڻ/سچ ٺوڪڻ جي ڪري مٿس نالو ڪهاڙو پيو. مولوي صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ معراج المومنين، اعمال قرآني، اصلاح الاخلاق مشهور آهن. ان کان سواءِ مولوي صاحب قرآن پاڪ جي ٽن سيپارن جو ترجمو ۽ مشرق جي ڏاهي شيخ سعدي جي ڪتاب زليخا جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس اولاد هاڻي رتي ديري ۾ رهي ٿي ۽ سندن گذر معاش جو ذريعو حڪمت ۽ تعليم آهي.

    آسن صابلداس واسواڻي مجبور:
    هن جو جنم 27 فيبروري 1922ع تي بنگل ديري، تعلقي رتي ديري ۾ ٿيو. سندس پيءُ صابلداس گورنمينٽ پرائمري اسڪول بنگل ديري ۾ استاد هيو. آسن پاڻ شاعر آهي ۽ شاعريءَ ۾ “مجبور” تخلص ڪري ٿو. سندس شاعريءَ جو مجموعو “زندگيءَ جا نغما” 1961ع ۾ شايع ٿيو. ان کان سواءِ سندس نثر جا هيٺيان ڪتاب پڻ شايع ٿيا: 1. ايشور جو آپگهات 2. خلش ۽ خاڪا 3. عقيدن جي وفات 4. ماضيءَ جو دفن.

    آسن مجبور، اڄڪلهه آدي پور، ڪڇ، ڀارت ۾ رهي ٿو.

    ڏيارام ڪشنچند جئسنگهاڻي:
    هن جو جنم 1904ع ۾ رتي ديري ۾ ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ ڪراچيءَ جي ماڊل اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي گاڏي کاتي ۾، چانڊومل واڌواڻيءَ کان هڪ هاءِ اسڪول (ايس سي شاهاڻي هاءِ اسڪول) خريد ڪري، ان جو پرنسپال بڻيو. ورهاڱي وقت، حالتون خراب ڏسي، انڊيا هليو ويو.

    چندو لال:
    هن جو جنم 1918ع ۾ رتي ديري ۾ ٿيو. هي ديوان ڪشنچند جئسنگهاڻي جو ٻيو نمبر پٽ ۽ ڏيارام جو ننڍو ڀاءُ هيو. بي اي، ايل ايل بي پاس ٿيل هيو. آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. لاڙڪاڻي جي پئنچائت جو سيڪريٽري به رهيو. پهرين اپريل 1939ع تي ڪراچيءَ ۾ جيڪا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس ٿي، ان ۾ وڏو بهرو ورتائين. ان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي هر ضلعي جي ڪليڪٽر کي، ضلعي ۽ تعلقي مان ميمبر چونڊڻ جو اختيار ڏنو ويو، ته لاڙڪاڻي ۽ رتي ديري مان چندولال کي چونڊيو ويو. 1942ع واري انڊيا تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ڪري جيل ۾ به ويو. ڪيترائي درسي ڪتاب ۽ ناول لکيائين. سندس ناولن “ماڌوري”، “زندهه دل” ۽ “دوکو” مڃتا ماڻي. سڄي سنڌ جي بوائز اسڪائوٽ ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري به هيو. سندس گهر واري سرلا جهڙي ٻاهران ٻرندڙ رنگ واري هئي ايترو ئي سندس اندر به روشن ۽ شاداب هيو. هوءَ شڪارپور مان نڪرندڙ سنڌي مخزن “سنڌو” ۽ ٻين اخبارن ۾ سماجي ۽ ٻين ڳالهين بابت ليک پڻ لکندي هئي. مهاتما گانڌي جا آتمڪ اپاس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪي سنڌو رسالي ۾ قسطوار ڇپيا. سندس پيڪا ٺارو شاهه جا هيا.

    ديوان خوب سنگهه نانو سنگهه:
    هن جو جنم پهرين ڊسمبر 1931ع تي رتي ديري ۾ ٿيو. 5 درجا انگريزي رتي ديري مان پاس ڪري مئٽرڪ حيدرآباد مان ڪيائين. اڃا انٽر ۾ هيو جو سندس چاچو ۽ سؤٽ گذاري ويا ته پاڻ حيدرآباد مان موٽي رتي ديري ۾ رهڻ لڳو. سٺو سماجي ڪارڪن هيو. 1946ع واري ٻوڏ ۽ فسادن ۾، رتي ديري شهر جي ماڻهن جِي، سواءِ ڪنهن مذهبي متڀيد جي، ايتري ۽ ايڏي وڏي خدمت ڪيائين، جو مرکياڻين جي سردار پنهنجي ۽ پنهنجي قوم طرفان سونو ٻلو انعام ڏنس. ضلعي لاڙڪاڻي جي ان وقت جي ڪليڪٽر، ايڇ اي جي ايڪٽن، کيس پنهنجي هٿن سان اهو سونو ٻلو ۽ نقد رقم، لاڙڪاڻي جي درٻار هال ۽ رتي ديري جي تعلقي لوڪل بورڊ واري آفيس ۾ ماڻهن جي ميڙ ۾ مڃتا طور ڏني. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ديوان لڏي ڀوپال ۾ وڃي ويٺو.

    پرڀو وفا:
    هن جو جنم 19 سيپٽمبر 1915ع تي ڳوٺ پنجوديرو، لڳ نئون ديرو، تعلقو رتوديرو، ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو جوتو مل ڇڳاڻي هيو، جيڪو پنجوديرو جو زميندار پڻ هيو. سندس 5 شعري ڳٽڪا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ “مان ازل جي اڃ آهيان” ۽ “آئينا ۽ عڪس” وڏي مڃتا ماڻي آهي. پرڀو وفا باندرهه، ممبئي ۾ رهي ٿو.

    گورنمينٽ پرائمري اسڪول بنگل ديرو:
    سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان 20 سال پوءِ، 1863ع ۾، تعلقي رتي ديري جي هڪ سٺي ۽ شاهوڪار ڳوٺ بنگل ديري ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول قائم ٿيو. ان وقت اسڪول ۾ ڀائي بند ٻوليءَ يعني هندڪي ٻوليءَ ۾ درسي ڪتاب پڙهايا ويندا هيا. 1877ع ۾ لاڙڪاڻي جو انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر وليم الينس هن هاءِ اسڪول جو معائنو ڪيو ۽ وزيٽرس بوڪ (تاثراتي ڪتاب) ۾ نوٽ هڻندي لکيائين:

    “A yearly examination by the Inspector had taken place today, yet the attendance was 25 out of 41. I understand that the banyas (Hindus) say that the Arabic-Sindhi is (of) no use, and also that they require the services of the boys.”

    پورن 11 سالن کان پوءِ مسٽر اڌارام ستين سيپٽمبر 1888ع تي پرائمري اسڪول بنگل ديري ۾ آيو ۽ معائنو ڪندي تاثراتي ڪتاب لکيائين:

    “The attendance is very small for the town and I do not see why the Banyas take no interest in the school, when the master is there to teach their children, the old banyas character with all what is necessary for their business.”

    1823ع کان وٺي 1881ع تائين وارو اهو تاثراتي بوڪ (مواد سميت)، سنڌ جو هڪ اديب جناب حبيب الله صديقي پاٽائي صاحب جي ذاتي لائبرري ۾ محفوظ پيو آهي. محترم محمد صالح ڀٽو (بنگل ديرو) جڏهن ڏٺو ته پرائمري هيڊ ماستر بنگل ديري جي لاءِ اهو مواد رديءَ جي ڪاغذن برابر به ناهي ۽ اڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي رهيو آهي، تڏهن محمد صالح ڀُٽي اهو سمورو رڪارڊ جناب حبيب الله صديقي صاحب کي ڏنو، ته جيئن هميشه لاءِ محفوظ رهي ۽ شاگرد ۽ علم جا پياسا پنهنجي اڃ اتي وڃي اجهائين.

    مددي مواد:
    (1) سنڌ جي هندن جي تاريخ، جلد پهريون، ڇاپو پهريون ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.
    (2) ايڊيوڪيشن ان سنڌ، پاسٽ اينڊ پريزنٽ، حبيب الله صديقي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
    (3) ميري يادداشتين، سيد هاشم رضا، سابق ڪليڪٽر لاڙڪاڻو، روزاني جنگ.
    (4) رتوديرو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو قلمي مواد
    (5) بنگل ديرو ۽ پير ڳوٺ جا جنرل رجسٽر
    (6) مختيارڪار جو روينيو رڪارڊ
    (7) مخزن رچنا، اندين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ادي پور، ڪڇ، انڊيا.
    (8) شخصي انٽرويو، محمد صالح ڀٽو، رٽائرڊ ڊي اي او ڳوٺ بنگل ديرو
    (9) شخصي انٽرويو، ديوان ريواچند، عمر 95 ورهيه، ڳوٺ رتوديرو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,242
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين سائين
    رتوديرو منهنجو پسنديدا شهر.:)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو